محترم منير سولنگي جي شاعريء تي مشتمل ڪتاب ”تنهنجو اوسيئڙو اڃان“ ونڊ ڪجي ٿو۔ منير سولنگي جو تعلق پيرڳوٺ سان آهي ۽ سندس هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم عبدالعزيز مڱريو ۽ آفتاب احمد ٽالپر جن ڪئي آهي۔
ڪجهه مصنف بابت:
هي ڪتاب وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن ۾ سندن ويبسائيٽ تان متعارف ڪرايو ويو آهي۔
ڪجهه مصنف بابت:
منير سولنگيءَ اڄ تائين نه شاعري سان ۽ نه وري ساٿ سان سڱ ڇِنو آهي. هو ڪنهن سورهيه سالار جيان، زندگيءَ ۽ ادب جي هر محاذ تي اڳيان اڳيان رهندي، وڙهندو ٿو اچي. اهو حوصلو ۽ همت کيس پڪ سان، پنهنجي فڪري سچائي کان ئي مليو هوندو. تخليقي سفر ۾، اندر جي اها ئي سگھه، تخليقڪار جي رهبري ڪندي آهي.
منير سولنگي کي، شاعري جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندي، لڳ ڀڳ چاليهارو کن سال گذري ويا آهن. ان ڊگھي عرصي وچ ۾ سندس ڪيترا ساٿي يا ته پنهنجو وارو وڄائي هليا ويا آهن يا کين ٿڪجي ويهي رهي به ورهيه ٿي ويا آهن، پر اسانجو هي سدا جوان اٿي اڳي کان اڳرو آهي، عملي طور به ۽ فڪري طور به!
شاعريءَ جي حوالي سان، منير سولنگيءَ جي حيثيت هڪ استاد شاعر واري آهي، هو هڪ اهڙي ڏيئي وانگر آهي، جنهن مان جوت وٺي، تر جا ڪيترائي ڏيئا جڳمڳائي رهيا آهن.
آس اها ئي آهي ته، منير سولنگي، سنڌي شاعريءَ *۽ اسان سڀني ننڍڙن وڏڙن دوستن تي، ڪنهن گھاٽي بڙ جيان، سدائين ڇپر ڇانوَ بڻيل رهي.
اياز گل
هي ڪتاب وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ ايڊيشن ۾ سندن ويبسائيٽ تان متعارف ڪرايو ويو آهي۔