
هي ڪتاب وائس آف سنڌ پاران سندن ويب سائيٽ تي اِي بوڪ ايڊيشن ۾ پيش ڪيل آهي۔
ڪجھه ليکڪ ۽ ڪتاب بابت:
ڏهن ورهين جو هڪ حساس نينگر هڪ چؤواٽي تي بيٺو آهي. هو ان چؤواٽي جي جنهن طرف به وک کڻي ٿو، ان طرف شڪارپور آهي. هو گهمي ڦري وري ساڳي چؤواٽي تي اچي پهچي ٿو ۽ ائين اُتي بيهندي وقت جو ڪانٽو اڳتي وڌندو رهي ٿو. ڏينهن مهينا ۽ ورهيه لنگهي وڃن ٿا ليڪن هو ان چؤواٽي تي بيٺو آهي. ان دوران ان چؤواٽي جو طرف ٻڌائيندڙ تختيون توڻي چؤواٽي تان ڦٽندڙ رستا زبون ٿي ويا آهن. پر اُن نينگر جو نگاهون جو هينئر 50 عمر پار ڪري چڪو آهي، شڪارپور لفظ تي آهن، ان شڪارپور تي جتي ڍڪ بازارآهي، هاٿي در آهي، گهنٽاگهر آهي، ليڪن ان گهنٽاگهر جو گهڙيال هيئنر منجهند جو ٻي بجي پنج جا ٺڪاوَ نٿو هڻي، شڪارپور ۾ هينئر موتيءَ جي قلفي ڪانهي، نيوندرام جي مٺائي، رابيل جا گلن جون مالهائون ۽ سنڌ درياهه تي شئل ڪونهي. ٻيو سڀ ڪجهه شڪارپور ۾ آهي ليڪن ساميءَ جي ڏيوڙيءَ تي ڏيئو ٻارڻ وارو اُهو ماڻهو ڪونه آهن جن سان شڪارپور جو شان هو، مان ۽ مٺڙيون مٺڙيون باتيون هيون.
نند جويريءَ ان پراڻي شڪارپور ۽ هن نئين شڪارپور جو چتر چٽيو آهي پنهنجي نئين ڪتاب چؤواٽي ۾ . ...... نند جويريءَ جي چؤواٽي ۾ ڪويتا سنسار جا ٻه مختلف طرف آهن. هڪ طرف شڪارپور وٺي ٿو وڃي ۽ ٻيو طرف ڪويءَ جي انتهه ڪرڻ ۾ ليئو ٿو پارائي.
منهنجي ليکي سندس شڪارپور وارو طرف ايڏو زندهه آهي جو اهو ڪتاب جو يادگار حصو بڻجي پيو آهي . باقي سندس انتهه ڪرڻ ۾ ليئو پائڻ ۾ ڪي ڏياٽيون جرڪنديون نظر آيون ته راهه به روشن هئي. ليڪن جتي جتي پرڪاش نٿي پهتو ته راهه تي هٿوراڙيون پائي هلڻو ٿو پيو ، وقتي بيهي رهڻو پئي پيو.
منهنجي سمجهه موجب شڪارپور وارو حصو جيڪو سموريءَ سنڌ جي حوالي ۾ سمبالڪ طور استمال ۾ آيو آهي شاهڪار آهي ۽ ڪويءَ کي جاوداني ٿو بخشي. سندس ٻيو حصو مان وارو حصو ان ٻير مثل آهي جنهن ۾ ڳاڙها تازا ٻير به آهن ته انهن جي پاسن کان ڪنڊا به آهن جي ٻيرن تائين پهچڻ لاءِ وچ تي چڀ چڀ ڪن ٿا.
ـــــــــــــــــــ هري موٽواڻي
(ڪتاب مان کنيل)