مير اشفاق هن کي مائٽن ننڍي هوندي ڏاڍي ناز ۽ نخري مان پاليو هو، ڇاڪاڻ ته هو ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو هو ۽ پنهنجي پيءَ جي ڇڏيل آخري نشاني پڻ هو. امڙ جي جھولي هن جي لاءِ وڏي پناهه گاهه هئي جيڪا ماءُ جي روپ ۾ هن جو پيءَ به هئي ۽ ماءُ به، ڇوته هيءَ پيءَ جي شفقت پيار ۽ مهرباني کان ننڍي هوندي ئي محروم ٿي چڪو هو، مون کي اهو منظر اڄ به چڱي طرح ياد آهي، جڏهن انهي جي گهر ۾ هڪ شخص عالم سڪرات ۾ موت جي فرشتي جو مهمان هو ۽ اسان سڀ سندن گهر ۾ اظهار همدردي جي لاءِ موجود هئاسين ڇاڪاڻ ته هنن سان اسان جا ويجھا رت جا رشتا هئا انهي وقت هي ٻالڪپڻي جي وهي ۾ هو شايد ڏيڍ سال کن جو هو، ته کيس ماءُ پنهنجي شفقت ڀري جھولي ۾ کنيو ماني پئي کارائي ۽ ٻي پاسي ٻي کٽ تي سندس جو اهو والد کٽ تي سڌو ستل هو، جيڪو ڪينسر جهڙي موذي مرض سان ٻن سالن کان مهاڏو اٽڪائيندي پئي آيو پر جيئن جيئن وقت گذرندو پئي ويو تيئن تيئن هو زندگي کان پري ۽ موت جي ويجھو پئي آيو. جنهن جو ساهه هاڻ ڪن چند گھڙين جو مهمان هو، انهي دوران هن ڪنهن روايتي ٻار وانگر ٻالڪپڻي جي تجسس ڀري نگاهه سان پنهنجي والد جي آڱر ۾ پاتل مُنڊي ڏانهن ڏٺو پوءِ پنهنجي روايتي ٻاتڙي ۽ مٺڙي ٻوليءَ ۾ چيائين ته ”هي مُنڊي منهنجي آهي“ ۽ پوءِ هو آڱر مان اها منڊي لاهڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ لڳو ته کيس روڪيو ويو، جنهن تي سندس پيءَ رڙ ڪري چيو ته ڇڏيو منهنجو پٽ آهي مون ڏانهن اچي. مون سوچيو موت جسماني طرح جدائي جو داغ ته ڏيئي سگھي ٿو پر رشتن جي ويساهه کي نٿو ختم ڪري سگھي، عالم موت ۾ به هڪ پيءَ پنهنجي پٽ کي پاڻ ڏانهن اچڻ کان روڪڻ تي خاموش رهي نه سگھيو. بهرحال اهو هڪ فطرتي عمل هو جيڪو هر ساهه واري سان پيش اچڻو آهي. اهڙي طرح والد جي وفات کان پوءِ اهي سڀ يتيم ٿي ويا انهي وقت هن جو گهر اسان سڀني جي همدردي جو مستحق هوندو هو ڇاڪاڻ ته هو قدرت جي هڪ وڏي آزمائش هيٺ آيل هئا. هڪ طرف گهر جو واحد ڪمائيندڙ سهارو هليو ويو ته ٻي پاسي هي سڀ ڀائر اڃان معصوميت جي عمر جا ڏاڪا به نه ٽپي سگھيا هئا هي ته گھڻو ننڍو هو پر سندس وڏي ڀاءُ جي عمر به انهي وقت يارنهن کن سالن جي هئي جنهن جي نازڪ ڪلهن ۽ معصوميت واري عمر ۾ گهر توڙي ٻاهر جي مسئلن جو وڏو بار اچي ويو. پر قدرت هنن جي مدد ڪئي سندن ماما جي وجود کي هنن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوءَ بڻايو ويو جيڪو خود اس ۾ بيهي به هنن کي ڇانو ڏيندو رهيو ۽ شايد جيڪڏهن انهي شخص جو ساٿ هن جي گهر سان نه هجي ها ته هي ڪڏوهوڪا وقت جي مشڪلاتن جي تيز وهڪرن ۾ لڙهي چڪا هجن ها پر اهو شخص ماما جي روپ ۾ هنن جي لاءِ مسيحا ٿي آيو هو جنهن هر مشڪل وقت تي هنن کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو، انهي جتي هنن سڀني کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو اتي هن ڏيڍ سال جي معصوم ٻار کي والد جي پيار جو نعم البدل ڏيڻ جي به ڪوشش ڪئي، سندس جي هر خواهش پورو ڪندو هو. رانديڪن کان وٺي ڪپڙن توڙي جتين ۽ جيب خرچي تائين سڀ خواهشون سندس چوڻ جون منتظر هونديون هيون. ماما کي سندس باري ۾ اهو فڪر هوندو هو ته ڪٿي ڪنهن موقعي تي کيس والد جي شفقت کان محرومي جو احساس پئدا نه ٿئي. جڏهن هي چار سالن جو ٿيو ته کيس گهرن جي پاسي ۾ ئي موجود هڪ پبلڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو جتي کيس آڱر مان جھلي اسڪول ڇڏي اچبو هو ۽ موڪل جي ٽائيم تي کيس اهڙي طرح گهر وٺي اچبو هو ۽ سندس امڙ کيس هميشه دعائون ئي ڏيندي رهندي هئي، اهڙي طرح هو محنت ڪندي اسڪول ۾ هميشه نمبر کڻندو هو ۽ کيس تقرير تي به بيمثال ڪمال حاصل هو، انهي جي ڪري اسڪول ۾ ڪنهن به خاص ڏينهن جي موقعي تي اسڪول جا استاد کيس ئي تقرير ڪرڻ جي لاءِ چوندا هئا ۽ هو تقرير ڪندي حاضرين تي اهڙا ته پنهنجي تقرير جا جوهر ڇڏيندو هو جو انهن تي سحر طاري ٿي ويندو هو ۽ اهي کيس داد ڏيئڻ کان سواءِ رهي نه سگھندا هئا. هن جي قابليت ۽ هوشياري جي ڪري سڀني گهر ڀاتين جون هن ۾ وڏيون اميديون هيون ته هي وڏو ٿي لکي پڙهي ڪنهن اعليٰ رتبي تي پهچندو ۽ سڀني جي لاءِ ڀرجھلو پڻ ٿيندو. اهڙي طرح هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هي جڏهن ستين ڪلاس ۾ هو ته هن کي ڪمپيوٽر سکڻ جو شوق ٿيو جنهن لاءِ هن ڪنهن شارٽ ڪورس ڪرائيندڙ سينٽر ۾ داخلا ورتي اتان جيئن هن کي سرٽيفڪيٽ مليو ته هن ڪمپيوٽر وٺي ڏيئڻ جي لاءِ ضد ڪيو ماما جيڪو هن جون سڀ خواهشون پوريون ڪندو هو تنهن هن جي اها به خواهش پوري ڪندي کيس ڪمپيوٽر وٺي ڏنو هاڻ هن جي زندگي جو هڪ نئون موڙ شروع ٿي ويو هي اسڪول کان پوءِ ڪمپيوٽر ۾ مگن ٿي ويندو هو اهڙي طرح مئٽرڪ پاس ڪندي هي ڪمپيوٽر ۾ سٺي ڄاڻ حاصل هئڻ ڪري ڪافي سنڌي اردو ۽ انگريزي ويب سائيٽس پڻ ٺاهي چڪو هو ۽ آخر ۾ سنڌي جي هڪ ويب سائيٽ جي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين جيڪا اڳتي هلي سنڌي جي وڏي ويب سائيٽ طور سامهون آئي.. اردو، سنڌي توڙي انگلش ڪمپوزنگ ۾ هن کي سٺي مهارت حاصل ٿي وئي، جنهن کي ڏسندي سندس جي وڏي ڀاءُ پنهنجي شوز جي دڪان ۾ ئي کيس بئڪ پورشن ۾ ڪمپيوٽر رکي ڪمپوزنگ ڪرڻ جي صلاح ڏني ته جيئن ملندڙ پئسن مان سندس جي وڌندڙ تعليمي خرچن جو پورائو ڪري سگھجي. اهڙي طرح هن سال کن اتي ئي پنهنجو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۽ هائرڊ ويئر جو ڪم ڪار پنهنجي دوست جي مدد سان گڏجي هلايو. انهي بعد سندس ماما کيس پنهنجو ڪرائي کان خالي ٿيندڙ دڪان مرمت ڪرائي ڏنو جنهن ۾ هن شروع ۾ ته ڪمپوزنگ جو دڪان لڳايو پر بعد ۾ بدين ۾ ڊي ايس ايل جي سهوليت اچڻ تي انٽرنيٽ ڪيفي لڳايائين جنهن سان سندس ڪاروبار اڃان به اڳتي وڌي ويو ۽ سندس جي محنت ۽ جذبي جي ڪري روز بروز سندس جو ڪم ڪار وڌندو رهيو. انهي دوران اوچتو وري کيس خيال آيو ته هي هنجي منزل ناهي هن وري پڙهائي ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ ڌاري پڙهائي ڪرڻ جو ارادو ڪيو جنهن جي تياري جي لاءِ هي حيدرآباد ويو، پويان دڪان جو ڪاروبار پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪيائين جيڪو پهرين ته مل ۾ سيزنل ڊيوٽي ڪندو هو جيڪا هن پنهنجي ڀاءُ جي پڙهائي خاطر ڇڏي ڏني ته جيئن دڪان جي ڪم ڪار کي هلائي ڀاءُ کي پڙهائي جي لاءِ مناسب وسيلا مهيا ڪيا وڃن. اهڙي طرح هو انٽري ٽيسٽ جي تياري ڪندو رهيو بعد ۾ هن انٽري ٽيسٽ ڏنا پر کيس مهراڻ ۾ ڪاميابي نه ملي سگھي البته سنڌ يونيورسٽي جي اليڪٽرونڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سندس جي سليڪشن ٿي وئي جنهن ۾ هن داخلا ورتي ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي لاءِ هي حيدرآباد شفٽ ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ حيدرآباد ۾ فليٽ ڪرائي تي حاصل ڪري انهي ۾ ڪجهه دوستن سان گڏ رهڻ لڳو هن جو سلسلو ڪافي ڏينهن ائين ئي هلندو رهيو. اهڙي طرح هن يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين سميسٽر جا امتحان پڻ ڏنا. انهن امتحانن کان پوءِ هو جڏهن واپس پنهنجي گهر آيو ته سندس جي هٿ ۾ هڪ وڏو باڪس پڻ هو، جيڪو هن جي بقول آمريڪا مان سندس جي محبوبه موڪليو آهي، جنهن ۾ هن جي لاءِ بسڪيٽ کان وٺي چاڪليٽ ۽ لاڪيٽ وغيره هئا. انهي جي ڪجهه ڏينهن بعد هن ٻڌايو ته هو انهي 50 سالا آمريڪڻ سان سندس ئي خرچ تي ملڻ ۽ شادي ڪرڻ جي لاءِ ٿائلينڊ وڃي رهيو آهي جنهن سان هن جي عشق جي شروعات فيس بڪ تان ٿيل چيٽنگ دوران ٿي آهي ۽ هو پنهنجي محبت جو يقين ڏيارڻ جي لاءِ کيس مختلف موقعن تي اهڙا تحفا موڪليندي رهي آهي. اسان سمجھي وياسين ته هي اسان جو همراهه انٽرنيٽ جي ظالم دنيا ۾ ڪنهن اجنبي عورت جي عقابي اکين جو شڪار ٿيڻ پيو وڃي، جتي حيواني خواهشون ئي هن جو استقبال ڪندڙ هونديون. جنهن تي اسان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هن چيو ته اهو سندس جي مستقبل جي لاءِ بهترين فيصلو آهي اهڙي طرح هو گرين ڪارڊ حاصل ڪري سگھندو جنهن جو حصول ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ صرف خواب ئي هوندو آهي. گرين ڪارڊ حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو آمريڪا جو شهري ٿي سگھندو ۽ اتي پنهنجي محبوبه جيڪا بعد ۾ هن جي زال ٿي چڪي هوندي جي سپورٽ سان آمريڪا جي معياري يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجو مستقبل سنواري سگھندو. کيس ٻڌايو ويو ته هو اهڙو رسڪ ڇو ٿو کڻڻ چاهي؟ جڏهن ته هن جي پڙهائي هتي به سٺي طرح سان هلي پئي، ۽ پئسن وغيره جي حساب سان به هو هاڻ بلڪل هڪ مستحڪم حالت ۾ آهي. پر هو ڪابه ڳالهه مڃڻ کان نابري واري بيٺو هو، کيس رشتن جا واسطا وڌا ته هو رت جي رشتن کي نه لڄائي تنهن هوندي به هو هر ڳالهه کي ٺڪرائيندو ئي رهيو. سندس جو چوڻ هو ته هو اهڙو فيصلو ڪري چڪو آهي جيڪو سندس ذاتي زندگي متعلق آهي هاڻ انهي جي بابت هو ڪنهن جي به ڪا به ڳالهه نه مڃيندو. جڏهن ته هن جي سڄي سنگت هن جي انهي موقف جي سپورٽ ڪرڻ لڳي ۽ کيس وڃڻ جي لاءِ همٿائيندي، وڃڻ جي صورت ۾ سڌرندڙ مستقبل جا خواب ڏيکارڻ لڳي. اهڙي طرح هو پنهنجي امڙ جي جهولي کي خالي ڪري کيس اکين ۾ لڙڪ ۽ دل ۾ سندس جي يادگيري ڏئي، ڀينرن کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي لائون لهڻ جا اڌورا ڇڏيل سپنا ڏئي ۽ ڀائرن کي پنهنجونه هئڻ جو احساس ڏئي سڀني مٽن مائٽن ۽ پيءَ جو پيار ڏيندڙ ماما جهڙن مڙني رت جي رشتن جي قائم ڀرم کي ٽوڙيندي انهي اجنبي عورت جي پويان ٿائلينڊ هليو ويو جتي هو هينئر بئنڪاڪ جي ڪنهن پرعياش فائيو اسٽار هوٽل ۾ 50 سالا ٻڍڙي آمريڪڻ جون خواهشون پوريون ڪندو هوندو، انهن ٻڍڙن هٿن ۽ جسم کي هو حرارت بخشيندو هوندو، جيڪي حرارت جي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪا هوندا. شايد سندس ۽ ٻڍڙي آمريڪڻ جي چپن تي هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندڙ جام جا گلاس به هوندا ۽ هو ٻڍڙي آمريڪڻ جي نه ٺهڪندڙ بي جوڙ ڀاڪر ۾ هوندو نه ڄاڻ انهي وقت کيس ماءُ جا دعا جي لاءِ کڄندڙ هٿڙا به ياد هوندا يا نه جيڪا کيس آخر تائين به پاڪستان جي زمين ڇڏڻ تائين کيس منٿون ۽ ايلاز ئي ڪندي رهي ته پٽ تون واپس هليو اچ! ٻنهي طرف عورتون آهن هڪ طرف ماءُ جي روپ ۾ پيار ڪندڙ ممتا جو وجود آهي جيڪا هن کي پنهنجو رت ۽ ست ڏيئڻ چاهي ٿي ۽ ٻي طرف اها عورت آهي جيڪا آمريڪا مان ٿائلينڊ ۾ اچي هن کي حيواني ۽ شهواني خواهشن سان مدعو ڪري رهي آهي جيڪا هن جو رت چوسڻ چاهي ٿي. ماءُ وٽ هن جي وجود سان خالص پيار ۽ محبت آهي ۽ ٻي پاسي آمريڪي ٻڍڙي وٽ ڊالرن جي چمڪ ۽ ڇمڪ آهي جيڪي هو هن کي ڏئي هن کي پنهنجي محبت هئڻ جو يقين ڏياري هن کي خريد ڪري ٿي ۽ هي ماءُ جي ممتا کي ٺڪرائي، کيس لڇائي ۽ تڙپائي ڊالرن جي حوس ۽ لالچ ۾ آمريڪڻ ٻڍڙي ڏانهن هليو وڃي ٿو. ۽ شايد اهڙي وقت کيس سندس جي ڀاءُ جو اهو هٿ ياد هوندو به يا نه جنهن ۾ هو پنهنجي پتڪڙي آڱر جھلي پنهنجن ننڍڙين وکن سان گهر ڏانهن ايندو هو. اڄ جڏهن هو سڀني رت جي رشتن جا ڀرم ٽوڙي اميدين جو قتلعام ڪري چڪو آهي. اهڙي طرح کيس ڊالر ته ملي سگھن ٿا پر انهن ڊالرن جي عيوض کيس ماءٌ جي ممتا جو پيار ۽ ڀائرن جي ڀائپي جو جذبو ته نٿو ملي سگھي. هي جيڪو اُن وقت موت جي بستر تي پيل هڪ وجود جي اڳيان رشتن جي ويساهه جو مثال ٿي سامهون آيو هو سو اڄ پنهنجي جواني جي 19 هين سال ۾ رشتن جي بي ويساهي جي علامت بڻجي چڪو آهي تڏهن دماغ سوچي ٿو ته ڇا اهو چوڻ صحيح هوندو ته رت جي رشتن تان ويساهه کڄي چڪو آهي. شايد هو وري موٽي به اچي پر رت جي رشتن تان ٽٽل ويساهه ڪيئن موٽي سگھندو؟؟؟؟؟ هو جيڪو آفتاب هو پر روشني ڏيئڻ کان اڳ ۾ ئي کيس گرهڻ لڳي ويو ۽ هاڻ هو گرهڻ جي گرفت ۾ آهي. پر انهي سڄي ڪهاڻي جو معاون ڪردار سندس دوست آهن بذات عاقل ۽ بالغ هئڻ جي حيثيت ۾ هو انهي سڄي معاملي جو خود ذميوار آهي پر اها سوچ ۽ رستو کيس ڏيندڙ اهي دشمن نما دوست آهن جيڪي دشمن جي روپ ۾ هن جا دوست ٿي بيٺا هئا ۽ هن غلطي اها ڪئي ته هو دوست، دشمن ۽ رت جي رشتن جي ساڃانهه رکي نه سگھيو
جواب: رشتن جو ٽٽل ويساهه.....انٽرنيٽ چيٽنگ دوران اجنبي آمريڪڻ ٻڍڙي عورت جي عقابي اکين خبر ناهي ته هي سچي ڪهاڻي يا ڪا فڪشن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جيڪو ڪجهه به آهي پر فيسبوڪ ۽ انٽرنيٽ جي دنيا وسيع ٿي چڪي آهي جنهن دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي۔ پر ان جو مقصد اهو ناهي ته ماڻهو لالچ ۾ اچي رت جي رشتن کي وساري ۽ اهي رشته جيڪي سچا ۽ پويتر آهن، اهي رشتا جن هميشه پيار ۽ پنهنجائپ ڏني آهي۔ ان جا ذميوار دوست آهن الائي نه ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اهڙا فيصلا پنهنجي پيارن جو جيء جهوري وجهندا آهن ۔۔۔۔۔۔