خداجي عذاب کي دعوت نه ڏيو.

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    ٿي سگهي ٿو ته انساني حقن جا علمبردار ، روشن خيال دانشور ، سول سوسائٽي جا تهذيب يافته ماڻهو منهنجي هن ملڪ جا باشعور صحافي هن ڳالھ کي دقيانوسي ۽ فرسوده خيال ، ماضي ۾ رهندڙ هڪڙي ديواني جو ڀوءَ سمجهن ، پر 24 جون 2011 ء کان وٺي اڄ تائين مان هڪ لوڏيندڙ ڀوءَ ۾ مبتلا آهيان . ائين لڳي ٿو ته جڻ اسين بحيثيت قوم جي گناهن ۾ ڄڪڙيل هئاسين ، بد ديانت هئاسين ، نااهل ۽ ناڪارا هئاسين ، هنئي جي باوجود پنهنجن گناهن تي فخر نه ڪندا هئاسين . اسين اهڙن ڪڍن ڪمن جو سري عام اظهار ڪرڻ کان ڪيٻائندا هئاسين . اسان مان ڪوبه جڏهن اهڙن ڪمن ۾ وڪوڙجي ويندو هو ته اهو ڪوشش ڪندو هو ته هن جو راز ڪنهن تي نه کلي . جيڪر ڪو شخص اهڙن معاملن ۾ شرم ۽ حيا کان هٽي ڪري سڀنن اڳيان اهڙو ڪڍو ڪم ڪندو هو ته معاشرو هن کي نفرت جي نگاه سان ضرور ڏسندو هو . پنهنجي اولاد کي هن جي صحبت کان پري رهڻ جي تلقين ڪندو هو ، هوئين ته پنهنجن عيبن تي فخر ڪرڻ جو هڪ اڌ مثال گذريل ڏهن سالن جي روشن خيال دور ۾ ملڻ ٿي ويو هو ، جڏهن ماڻهو ميڊيا جي آزادي جو سهارو وٺندي يا انٽرنيٽ تي پنهنجا جذباتي معاملا گفتگو ذريعي اظهار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو ۽ اهڙن ڀڇڙن ڪمن تي گفتگو ڪرڻ لاءِ خوبصورت لفظ پڻ ايجاد ڪيو ويو .
    هوئين ته اهو لفظ سوشيالوجي جي يعني معاشريات جي علم جو لفظ آهي پر هن کي اڄ ڪلھ جي مهذب دور ۾ معاشري جي نامناسب پابندين جي طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو ، اهو لفظ آهي taboo (ٽيبو) يعني جيڪر ڀاءُ ڀيڻ ،پيءُ ڌيءُ ، مامي ڀاڻجو ، چاچي ڀائٽيو پاڻ ۾ تعلقات قائم ڪن ته هنن کي صدين جي معاشرتي پابندين ۽ ڏاڍ جي صورت قرار ڏنو وڃي ٿو ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته هنن معاملن ۾ کلي نموني بحث ڪرايو وڃي ۽ اهي سبب ڳولھيا وڃن ته ڇو هنن رشتن ۾ احترام رکيل آهي؟ ڪئين ۽ ڪنهن تي مسلط ڪيو ٿو وڃي ؟ هن ئي نموني جنس پرستي کي به لفظ ”ٽيبو “جي زمري ۾ آڻي بحث جو موضوع بڻايو ٿو وڃي . تاريخ جي عظيم شخصيتن جا نالا ورتا ٿا وڃن ، شاعرن جي شاعري ۽ ڪهاڻي ڪارن جي ڪهاڻين جو تذڪرو ڪيو ٿو وڃي ، هن موضوع تي آزادي اظهار ۽ انساني حقن جي نالي تي مغرب (اولھ) ۾ بحث ڪيترن سالن کان هلي رهيو آهي .
    1924 ء تي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق مليو ، وري هن ئي سال نيو يارڪ جي شهر ۾ هم جنس پرستن جي حقن لاءِ پهرين تنظيم وجود ۾ آئي . هن ئي سال مشهور هم جنس پرستن جا هنگامه ٿيا ۽ هنن تي لاٺي چارج به ٿي ۽ اهو به جون جو مهينو هو .هُن سال کان وٺي اڄ تائين جون جي اخري هفتي ۾ ” گائي پرائڊ “ (هم جنس پرستن تي فخر) نالي تي ڏينهن ملھايو وڃي ٿو . 1996 ء ۾ هن ئي ڏينهن امريڪا جي هم جنس پرستن جي حوالي سان سڀ کان بدنام شهر سان فرانسيڪو ۾ ميڙاڪو ٿيو . سڄي شهر ۾ هم جنس پرستن جي علامت (نشاني) انڊلٿ جي ستن رنگن جا جهنڊا ڦڙڪائي رهيا هئا ۽ گولڊن گيٽ برج کان وٺي شهر جي روڊن تي هزارين ماڻهو هن پريڊ ۾ شريڪ ٿيا هئا .، بحث جو اهو عالم هو جو ٽيڪساس جي مشهور پادري کان هن موضوع تي گفتگو ٿي ته هن نئين تحقيقن جون مثالون پيش ڪندي اهو ثابت ڪيو ته هم جنس پرستي ته هاڻي پيدائشي رجحان ٿي ويو آهي جيڪو ”جينس“ جي صورت ۾ ورثي ۾ ملي ٿو . هن زماني کان هن شهر جي ڊپٽي مئير هڪ هم جنس پرست هو جيڪو ڪنن ۾ واليون ۽ چپن تي لپ اسٽڪ (لالي) لڳائي ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيو هو ، هڪ عام تاثر اهو هو ته سڄي شهر ۾ هم جنس پرستن ڪنهن کي به تنگ نه ڪندا آهن ، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا آهن .
    ٺيڪ پندره سالن کان پوءِ گذريل ڏينهنن ۾ امريڪي صدر جون جي مهيني کي هم جنس پرستن جي حقن جو مهينو قرار ڏنو ۽ امريڪا جي پاڙيسري ملڪ ڪينيڊا ۾ هن سال ۾ هم جنس پرستن جو ٽورنٽو شهر ۾ ٿيڻ واري پريڊ اندر ڏه لک ماڻهو شريڪ ٿيا .. امريڪي صدر بارڪ اوبامه هن اعلان کان پوءِ 26 جون 2011 ء ۾ پاڪستان جي شهر اسلام آباد ۾ امريڪي سفارت خاني ۾ هم جنس پرستن جي اعزاز ۾ هڪ گڏجاڻي رکرائي وئي جنهن ۾ هن مملڪت خداداد پاڪستان جي 75 ماڻهن شرڪت ڪئي . گڏجاڻي کا خطاب ڪندي امريڪي سفير رچرڊ هوگ لينڊ چيو ته امريڪا دنيا ۾ هم جنس پرستن جي حقن جي حمايت ڪري ٿو ، اها خبر اخبار جي زينت ته تمام گهٽ بڻي پر امريڪي سفارت خاني جي ويب سائيٽ تي اچڻ کان پوءِ بلڪل اهڙي نموني بحث جو آغاز ٿيو جئين 1921 ء ۾ امريڪا ۾ شروع ٿيو هو، بلاگ ٺهڻ شروع ٿي ويا. هڪ شخص نالي ”نوازش“ لکيو ته ” اهو منهجو جسم آهي ، مان جئين چاهيان هن کي استعمال ڪريان ، رياست ۽ گلي جا عام ملان اسان جي بسترن کان پري آهن“.
    ” ايڪسپريس ٽريبون“ جي بلاگ تي هڪ نوجوان لکيو ته ” اي مروج ٿيل اصولن تي هلڻ وارو ٿورو سوچيو ته ڇو هڪ شخص هم جنس پرستي جي واٽ ٿو وٺي ، جڏهن تي هن واٽ تي ظلم ۽ ڏاڍ آهي معاشرتي پابنديون آهن، بدنامي آهي پوءِ به اهي هن واٽ تي هلن ٿا “ . هڪڙي ٻئي نوجوان لکيو ته منهنجي مٿان ڪيتريون پابنديون آهن ، منهنجا گهر وارا مونکي وحشي مرد ڏسڻ پيا چاهين ، پر مان نٿو بڻجڻ چاهيان، مان پنهنجا جنسي تعلقات لڪائيندو آهيان ، ظالم معاشري جي ڀوءَ کان “ . اميڪي سفارت خاني جي هن گڏجاڻي کان هڪ مهينو اڳ نتهيا کلي ۾ هڪ اين جي او ” راتيون سڀنن لاءِ“ لاءِ سڄي پاڪستان مان جسم فروش عورتن ۽ هم جنس پرستن ڱي گڏ ڪري هڪ تربيتي ورڪشاپ ڪرايو. جنهن ۾ سڀنن پنهنجا پنهنجا تجربا ٻڌايا ۽ هنن کي پنهنجن ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ چيو ويو جيڪي اهي معاشري جي نامناسب پابندين ڪري لڪائن ٿا ،جئين هنن کي کلي بيان ڪري سگهن .
    منهنجو پروردگار چوي ٿو ته پنهنجن گناهن کي لڪايو، ٻين اڳيان بيان ڪري پنهنجي مٿان گواھ نه بڻايو، گناه جيسيتائين ٻانهي ۽ خدا جي وچ ۾ رهي ٿو ته توبه جي قبوليت جي ويجهي هوندو آهي ، پر جيڪر گواھ بڻائيندو ته پوءِ مقدمو ٿيندو .
    تهذيب جي بگڙجڻ ۽ تباھ ٿيڻ جا داستان پڙهو ، تاريخ هر موڙ تي بيهي ٻڌائي ٿي ته فلاڻو معاشرو هن سبب ڪري تباھ ٿيو هُتي جي ماڻهن گناھن تي فخر ۽ سري عام اظهار ڪري ڏنو هو . اسين پنهنجي بد ديانت ، ڪرپٽ ،نااهل ماڻهن کي هر هر منتخب به ڪندا اچو پيا ، اهڙن ماڻهن جو دفاع به ڪندا اچون پيا ۽ پنهنجي تباهي ۽ بربادي جا پروانن تي صحيح ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو آهي . سڄو معاشرو خاموش آهي ، نه ڪو برائي کان روڪي ٿو نه ڪو نيڪي جو تلقين ڪري ٿو ، مٿان جنهن عذاب جي آهٽ دير کان ٻڌڻ ۾ اچي پئي هُن جي هڪ جهلڪ به جيڪر ماڻهن کي نظر اچي ته ڳڙڳڙائي معافيون وٺڻ شروع ڪري ڏين . قوم جي عذاب جو فيصلو هن ئي دنيا ۾ ڪيو ويندو آهي ، جئين الله تعالى جي زمين پاڪ صاف رهي پر شايد اسين الله تعالى جي غضب جي هن آهٽ ٻڌڻ کان پوءِ به پڪو پھ ڪيو آهي ته توبه ناهي ڪرڻي! ، هاڻي هن قوم جي مرضي . موت ۽ عذاب ته سڀنن مٿان هڪ وقت ايندو پر انجام الڳ الڳ ، الله تعالى کان ڏجڻ وارن جو ٻيو ۽ الله تعالى کي اکيون ڏيکارڻ وارن جو ۽ هن جي اصولن جي مذاق ڪندڙن جو ٻيو​
    .[/JUSTIFY]


    سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
    ضربِ مومن جي ٿورن سان .
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: خداجي عذاب کي دعوت نه ڏيو.

    سائين جتي فطرت جي لتاڙ ٿيندي آهي تي عذابِ الاهي نازل ٿيندو آهي ۔ اسان جي نگاهن ۾ عذابِ الاهي اهو اهي ته اهي قومون مري وڃن ليڪن حقيقت ۾ قوم جي بي راه روي سڀ کان وڏي تباهي آهي سو اسان ان تباهي مان گذرون پيا ۔ اوهان جي مهرباني اوهان بهترين مضمون ونڊيو۔ وسلام
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خداجي عذاب کي دعوت نه ڏيو.

    جي ادا بلڪل ڳالھ برابر درست ڪيو پيا ، فطرت جي ڀنڃڪڙي عذاب کي دعوت ڏيڻ آهي ۔ اسان کي بيدار ٿيڻو پوندو نه ته پوي عذاب کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻو پوندو ، الله تعالى اسان کي هدايت عطا فرمائي ، ۽ سڌي رستي تي هلائي ، ۽ پنهنجو فضل فرمائي، آمين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: خداجي عذاب کي دعوت نه ڏيو.

    فطرت ۽ مذهب جي اصولن کان بغاوت منهنجي نظر ۾ هڪ بيمار معاشري جي نشاني آهي۔ ماضي کي پڙهبو يا پاڪ قرآن کي پڙهبو ته معلوم ٿيندو اهڙن معاشرن ۽ قومن جي تباهي ۽ بربادي ٿي آهي۔

    رب پاڪ اسان کي صحيح رستي تي هلڻ جي توفيق ڏي
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خداجي عذاب کي دعوت نه ڏيو.


    جي سائين بلڪل صحيح ٿي فرمايو ، اصل معاشرو جو هر پهلو ڪنهن نه ڪنهن بيماري ۾ ورتل آهي ، ضرورت آهي هن جي نشاندگي ۽ وري هن جي حل لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙن جي ، جئين اهڙن بيمارين جو سدِباب ٿي سگهي ، الله تعالى سڀنن مسلمانن کي سڌي واٽ ٿي هلائي ، آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو