اڄ جي ڪاوش ۾ هڪ خبر ڇپيل پڙهيم ته سنڌ جي لوڪ فنڪاره ، لطيف جي مريدياڻي ۽ لطيف جي فقيرياڻي سڏرائيندڙ مائي بيگم فقيرياڻي جي اڄ 25 هين ورسي آهي۔ سنڌ سلامت سنڌ جي هن لوڪ فنڪاره کي سندس ورسيء تي ڀيٽا پيش ڪري ٿي۔
بيگم فقيرياڻي 1915 ع ۾ (ڪٿي وري 1925ع ) پني عاقل لڳ رضا ڳوٺ ۾ هارون فقير جي گهر ۾ جنم ورتو۔ سندس ڳائڻ ۽ رهڻ فقيري هوندو هو۔ چون ٿا هن سڄي عمر ڪارو ڪپڙو پاتو ۽ سدائين لطيف جي مزار تي حاضري ڀريندي رهي۔ 1983 ع ۾ هن کي شباب آرٽ ايوارڊ خيرپور ۽ 1984 ۾ بيدل گولڊ ميڊل به مليو۔ 1986 ۾ سندس وفات ٿي۔ هوء نامياري شاعر ۽ اديب درگاهي ميراڻي جي ماء ۽ اختر درگاهي جي ڏاڏي هئي۔