عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2011۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    دوستو۔۔۔!!
    سنڌسلامت جو ڏاھو ميمبر۔۔۔۔عمران درويش ڪنهن کان ڳجھو نه آھي۔
    سھڻي سچي درويش جي جيتري تعريف ڪجي سا گهٽ آھي، دوست ننڍڙي عمر ۾ سنڌي اردو شاعري توڙي نوحه منقبت ڪالم کوڙ سارا لکيا آھن۔
    سنڌ جي ھن پُٽ کي ڪمپوٽر جي سٺي معلومات آھي۔۔۔۔فوٽوشاپ ۾ ڪو ڪم ڳاٽي کان چڙھي ويندو آھي ته درويش کي ياد ڪري وٺندو آھيان۔۔۔۽ سائين جن جي مھرباني جو ھو بروقت مدد ڪندا آھن۔
    اڄ دوست 506 تحريرون مڪمل ڪيون آھن اچو ته ملي ڪري دوست کي واڌايون ڏيون۔۔۔۔۔۔۔


    [​IMG][/img]​
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    ادا سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ادا عمران درويش کي 500 تحريرون پوريون ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ٿا ڪريون ۔
     
  3. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    ادا سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ادا عمران درويش کي 500 تحريرون پوريون ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون پيش ٿا ڪريون ۔
    [​IMG]
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    سنڌ سلامت فورم جي سهڻي دوست درويش کي 500 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي مون فقير پاران به دل جي گهرائين سان مبارڪ باد

    هجي درويش جي هر ٿريڊ ۾ سياڻپ واري ڪا نه ڪا ڳالهه ضرور هوندي آهي


    الله کيس عزت دولت ۽ ڪاميابي عطا ڪري

    آمين

    سدائين گڏ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    سنڌ سلامت جو ماٺيڻو دوست دوريش، سهڻو ڏاهو ۽ پيارو انسان آهي، دوستي رکڻ ۽ نڀائڻ ڪو کائنس سکي، هن دوست جي طبيعت محبتي آهي ۽ هميشه سنڌ سلامت جي ڀلي ۽ بهتري لا فڪرمند رهندو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي سندس دوستي تي فخر آهي ۔۔۔

    سندس 500 تحريرون سنڌ سلامت جو سرمايو آهن ۔۔۔ سندس اخبارن ۾ چپيل ڪالم ۽ سندس ڪيل شاعري پڙهڻ وٽان آهي ۔۔۔

    دوست درويش! اوهانکي واڌايون ڏيندي اهو ضرور چوندس ته منزل اڃان آهي اڳتي راهه آهي ڪنڊن واري، اميد ته ان راهه تي هلندي دوستن سان دوستيون نڀائيندا ۽ سنڌ سلامت کي پنهنجي ڏاهپ سان روشن ڪندا رهندا ۔۔۔

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    ادا عمران کي هن عاجز طرفان به 500 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون هجن۔ ادا عمران واقعي هڪ سلجهيل دوست آهي سندس تحريرون پڻ قابل فخر آهن الله تعالى کين مزيد علم عطا فرمائي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    عمران درويش سومرو کي منهنجي پاران به سلام

    ڪجهه اهڙا دوست ٿيندا آهن جيڪي ماٺيڻا ۽ ڪم ڪرڻ وارا ، پيا ڪم ڪندا ۽ اڻڄاڻ بڻبا ته هي ڪم ان ڪيو آهي۔ درويش انهن دوستن منجهان هڪ آهي۔ درويش اسان وانگي حوالي ناهي پر هو constructive ڪم ۾ دلچسپي رکندو آهي۔ نه صرف اهو پر سنڌ سلامت يا ذاتي ڪم لاء کيس ڪڏهن به سڏ ڪبو ته پاڻ اچي ساٿاري ٿيندو آهي۔ سندس لکڻ جو ڏانء به ڪنهن اديب کان گهٽ ناهي۔ هو ڪالم لکڻ جو ته ماهر لڳندو آهي۔ هميشه تنقيد جو جواب ٿڌي دل ۽ دليلن سان ڏيندو آهي۔ ڪاوڙ ته ڄڻ هن وٽان ڪاوڙيل آهي۔

    مختلف وقتن تي سنڌ سلامت جي پراجيڪٽس ۾ هٿ ونڊائڻ سان گڏ سٺا مشورا ڏيندا رهندا آهن۔ سندس تحريرون ته 500 آهن پر مونکي اهي 5000 لڳنديون آهن۔ فيسبوڪ تي به سنڌ سلامت گروپ کانسواء ٻئي هنڌ گهٽ نظر ايندو آهي پر پنهنجي دوستن جي ڪچهري ۾ ضرور حصو وٺندو آهي۔

    سندس لاء دعا ته خوش هجي ۽ دوستن سان دوستي نڀائيندو رهي۔۔۔۔۔۔۔آمين
     
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    ادا سنڌ سلامت جي سهڻي دوست ادا عمران درويش کي 500 تحريرون پوريون ڪرڻ تي دل جي گهراين سان لک واڌايون پيش ٿا ڪريون ۔
     
  9. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    لک ٿورا ادا عاشق سولنگي جا جو هن مون غريب جو ايترو مان مٿاهون ڪيو۔
    سنڌ سلامت فورم تي رهي ڪري ڪڏهن به ايئن محسوس نه ٿو ٿئي هي هڪ انٽرنيٽ فورم آهي۔ پر هي هڪ اهڙي اوطاق آهي
    جتي محبت ۽ خلوص هڪ عادت آهي جتي ادب ۽ علم هڪ فخر آهي جتي تفرقي جي خلاف يڪجهتي آهي ۽ جتي وڏڙن جون شفقت ڀريون هدايتون آهن۔ ۽ جتي دوستن جا محبت ڀريا موضوع آهن ۽ انهن تي قرب ڀريا ڪمينٽس آهن ته اتي 500 تحريرون سمنڊ ۾ ٻه ڦڙين جي حيثيت به نه ٿا رکن۔ دعا آهي هن فورم جي دوستن جو محبت ۽ خلوص ڀريو دوستي جو رشتو سدا دائم ۽ قائم رهي۔۔

    مهرباني ادا عاشق سولنگي جي۔

    سدائين گڏ۔









    ۔

    .....................................

    دوستن رياض توهان جي وڏي مهرباني سدائين گڏ۔




    ۔

    .....................................

    ادا گل حسن صاحب اوهان جي به وڏي مهرباني۔۔






    ۔

    .....................................

    ادا فقير لک لائق جو اوهان منهنجي تحريرن ۽ مونکي مان ڏنو۔
    سدائين اوهان جون دعائون گڏ هونديون ته رب پاڪ سهڻو به سڻايون ڪندو۔۔



    مهرباني۔۔




    ۔

    .....................................

    محترم سائين نثار ابڙو صاحب اوهانجي انهن لفظن جو ٿورو مڃڻ لا لفظ ئي ڪونه آهن۔ بس ايئن سمجهيو ته درويش ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپي۔ دل چوي ٿي ته جهمريون پايان۔
    بيشڪ هي فورم ۽ هتان جا دوست هڪ سڪ ڀريي دوستي جي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن اميد ته اهي ناتا سدا سلامت رهندا۔

    سائين بيشڪ منزل اڃان اڳي آهي ۽ رستا به ڪٺن آهن پر اوهان وڏڙن جون دعائون گڏ هونديون ته رستا به سولا ٿي پوندا ۽ منزلون به ملي وينديون۔۔




    دعا ۾ ياد۔








    ۔

    .....................................

    مهرباني سائين مولوي رحيم بخش صاحب منهنجي لا هي فورم ۽ اوهان دوست جي محبت قابل فخر آهن۔

    دعا ۾ ياد مهرباني۔​
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    پياري دوست عمران ”درويش“ کي 500 موضوعن جي پورائي ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ۔ پيارا دوست اوهان جي محنت اسان جي لِکڻ کان گهڻي آهي، توهان پنهنجي منهن نيون نيون ڳالهيون سوچي ڪڏهن انهن مان آرٽيڪل جهڙي سخت شئي تيار ڪندا آهيو ته ڪڏهن وري شاعريءَ جهڙي نفيس شئي کي نروار ڪندا آهيو۔۔ يا وري ڪڏهن سنڌ سلامت تي پنهنجي گرافڪس واري مهارت جو ڪو نمونو ڏيکاري وجهندا آهيو۔۔۔
    ڪڏهن ڪڏهن وري اوهان جي پاران تيار ڪيل بهترين وڊيوز ٽيوٽريل به لاجواب هوندا آهن پر اڄ ڪلهه شايد اوهان وٽ به مون وانگر وقت جي گهٽتائي آهي جو اهي وڊيوز ڏسڻ ۾ نه پيون اچن بهرحال اوهان جي محنت، محبت ۽ نماڻائپ نه وسارڻ جهڙي هوندي آهي۔۔۔۔۔​
     
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔

    ادا سليمان ڪٿان جي درويش کي ڪاٿي پڄايو اٿو۔ ٻيلي اڄ ته سچ ۾ جهمريون پائيندس۔
    سنڌ سلامت تي موجود هر دوست سنڌ سلامت جو سرمايو آهي۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه جا دوست به سندس ذاتي ۽ دنياوي مصروفيتن منجهان قيمتي وقت ڪڍي هن فورم جي لا اڻ ٿڪ جدو جهد ڪندا رهن ٿا۔ سائين سليمان وساڻ صاحب اوهان ح و ا ل ي نه پر سنڌ سلامت جي لا قابل فخر رڪن آهيو شايد هي فورم اوهان جهڙن دوستن جي ڪري ئي پر رونق آهن۔
    منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته هر موضوع ڄاڻ، علم ۽ پنهنجي محنت تي مشتمل هجي ۽ هر ڪمينٽ به موضوع جي نچوڙ کي نظر ۾ رکندي ڏجي نه گهڻي تعريف ۽ نه ئي بي مطلب تنقيد هئڻ گهرجي۔ هي منهنجي سوچ آهي يا عادت پر منهنجي نا چيز خيال ۾ ان ۾ هر موضوع جي سونهن ۽ هر تحرير جو ڪو مطلب ظاهر ٿيندو۔
    سنڌ سلامت جي دوستن جي محبت منهنجي لا ناقابل فراموش آهي۔ اميد ۽ خواهش آهي ته هي دوستي جو رشتو سدا باغ بهار رهي۔

    دعا ۾ ياد۔



    سدائين گڏ۔











    ۔

    .....................................

    مائٽ مٺڙا لک ٿورا اوهان جا دعا ۾ ياد۔




    ۔

    .....................................

    مٺا مست مهرباني اوهاني جي۔
    بيشڪ ادا لفظ انسان جي اصل طاقت ان جا لفظ آهن جن کي هو استعمال ڪرڻ ڄاڻي ته هڪ سهڻي دعا ذريعي رب مڃائي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن بغير سوچڻ جي ڳالهائي ته زندگي جي ڪئي ڪمائي وڃائي ويهندو آهي۔ لفظ انسان جي اها طاقت آهي جنهن کي دنيا جو ڪوئي به هٿيار ختم نه ٿو ڪري سگهجي۔ جيسيتائين منهنجي شاعري ۽ ڪالمن جو تعلق آهي ته مان اڃان اديبن ۽ شاعرن جي دنيا ۾ درجي جي لحاظ کان پيدا ئي نه ٿيو آهيان۔ سنڌ سلامت جي لا ونڊ ڪيل موضوع فقط ننڍڙيون ڪوششون آهن جن کي اوهان جهڙا دوست قرب ڀرين ڪمينٽس سان سجايو ٿا۔۔
    وڏي مهرباني۔



    دعا ۾ ياد













    .
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عمران سومرو (درويش) جن کي 500 تحريرون مڪمل ڪرڻ جي مبارڪون۔



    يار درويش صفا درويشن واريون ڳالهيون ڪندو آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    منهنجا دوست ۔۔۔!!! هي فورم اسان جهڙن جي ڪري نه پر سڀني دوستن جي ڪري پر رونق آهي، هر ميمبر ۽ رڪن جي پنهنجي خدمت آهي، پنهنجي ڪوشش آهي ۽ اوهان پڻ ان جو اهم ستون آهيو۔

    رب پاڪ اوهان کي خوش رکي ۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو