سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد (مصنف : رڪ سنڌي)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
قومي تحريڪن ۽ سنڌين جي اتحاد تي لکيل مضمونن کي سهيڙي رُڪ سنڌي جو هي ڪتاب ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“ سهيڙيو ويو آهي۔

سنڌي ماڻهو ڏيڍ سوءُ سالن کان پنهنجي غلاميءَ جا نيئر ڇنڻ ڪاڻ آتو آهي. سنڌي ماڻهن جي غلاميءَ جو هيءَ دؤر جيترو ڊگهو ۽ ٿڪائيندڙ رهيو آهي ۽ ان جي جڪڙ سنڌي ماڻهن مٿان هر طرف کان مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندي رهي آهي. اوترو ئي سنڌي ماڻهن کي ان جڪڙ منجهان پاڻ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ ڪاڻ همت ۽ حوصلي، لاڳيتي جهد ۽ جستجو رستي پنهنجي راهه تلاش ڪرڻي آهي.

ڪافي وقت کان سنڌي ماڻهو ان جڪڙ مان جند آزاد ڪرائڻ لاءِ مختلف تنظيمن جي مختلف پرگرامن رستي جهد ۽ جستجو ڪندو آيو آهي. پر اڃا تائين هو اها واٽ ۽ دڳ ڳولهي نه سگهيو آهي، جنهن جي اختيار ڪرڻ سان هو پنهنجي غلاميءَ جا نيئر ڇني، آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا ڏينهن ڏسي سگهي.


(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)

ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترم سوجهرو ۽ سارنگ منگي ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران انٽرنيٽ تي اي بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرايل آهي۔


 
جواب: سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد (مصنف : رڪ سنڌي)

ادا سليمان ماشاء الله بهترين ڪم پيا ڪيو

مون سٽاء پڙهيو آهي جنهن مان دلچسپ ڪتاب ٿو لڳي
 
جواب: سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد (مصنف : رڪ سنڌي)

رڪ سنڌي سنڌ جو سڄڻ ۽ قومي ڪارڪن هجڻ سان گڏ تمام سٺو ليکڪ پڻ آهي ۔۔۔ سندس هي ڪتاب پڻ تمام ڪارائتو ۽ پڙهڻ جي لائق آهي، سنڌ جي سڀني سڄڻن ۽ سنڌ جي اڻ تڻ رکڻ وارن دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ۔۔۔

لک ٿورا دوست سليمان ۔۔۔ سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ ۽ سنڌ سلامت جي لائبريريءَ ۾ هڪ قيمتي اضافو ۔۔
 
جواب: سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد (مصنف : رڪ سنڌي)

ادا سليمان ماشاء الله بهترين ڪم پيا ڪيو

مون سٽاء پڙهيو آهي جنهن مان دلچسپ ڪتاب ٿو لڳي

مهرباني ادا طاهر حوصلا افزائي جي

ڪتاب جا سڀ مضمون ڪارائتا ۽ ذهن کوليندڙ آهن۔ اميد ته اوهان سمورو ڪتاب پڙهي تفصيلي راء ڏيندا۔
 
جواب: سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد (مصنف : رڪ سنڌي)

اسان لکين ٿورائتا آهيون پنهنجي دوست محمد سليمان وساڻ جن جا جن هي ڪتاب سنڌ سلامت جي اڱڻ تي چاڙهيو۔۔۔۔ مهرباني ادا
 
Back
Top