سنڌ صدين کان آباد آهي، جنهن جو اندازو سنڌو ماٿري سَڀيتا (Indus Valley Civilization) تي تحقيق ڪندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي محققن جي لکيل ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن مان آسانئ سان لڳائي سگھجي ٿو. برونز يا ڪاسيءَ واري دءور((3300-1300BC جي هيءَ سنڌو ماٿري سَڀيتا جاگرافيائي لحاظ کان 1260000 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضئ تي پکڙيل هئي. جنهن کي اڄ دنيا جي قديم ترين سَڀيتا مڃيو وڃي ٿو. موئن جو دڙو، هڙپا ، ڍولاويرا ۽ مهر ڳڙهه هن سڀيتا جا اهم شهر ڳڻيا وڃن ٿا. جن مان موئن جي دڙي کي خاص اهميت حاصل آهي.مختلف تحقيقي ڪتابن ۾ لکيل تاريخ مطابق اهو تصور پڻ ڏنو وڃي ٿو ته هزارن سالن کان موجود موئن جو دڙو سنڌو ماٿريء جي تهذيب ، ثقافت ۽ وڻج واپار جو مرڪز هو.سنڌو ماٿري جي قديم رهاڪن ، خاص ڪري هٿرادو هنر ۽ مختلف ڌاتن جيئن ڪاپر،برونز، ليڊ ۽ ٽِن کي دريافت ڪرڻ جا نوان بنياد رکيا. موئن جي دڙي مان دريافت ٿِيَل نيڪال جي نظام تي هڪ تحقيق ۾ نيڪال جي نالِيُن ۾ چُن جي استعمال مان اهو اندازو لڳايو وڃي ٿو ته هزارين سال پهريان به انهن ماڻهن کي چُن جي استعمال جي ڄاڻ هئي.جيڪواڄ به Sewage Treatment ۽ Water Purification لاء ڪتب آندو وڃي ٿو. ٽيرا ڪوٽا مان ٺهيل رانديڪن ۾ ڦِيٿي واري ڍڳي گاڏيءَ جي دريافت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اُن دور ۾ به ڦيٿي جو استعمال هو.پر ڦيٿي جي اصل ايجاد جي باري ۾ آرڪيالوجي جا ماهر ۽ تاريخدان اڃا ڪنهن راءِ تي اڃا متفق ناهن. سندن اڏاوتي هنر جو ته موئن جو دڙو پاڻ ئي هڪ وڏو ثبوت آهي.گھٽين، نيڪال جي نظام ۽ ڪمرن ۾ بهترين رٿابندي سان استعمال ڪيل پڪين سرن جو ڪم به سندن هنرمندي جو مثال آهي.کوٽائيء مان هٿ آيل نرتڪي ( (Dancing Girl جو مجسمو سندن ناچ گاني جي شوق کي ظاهر ڪري ٿو. ڪِنگ پِريسٽ کي پاتل شال تي اُڪريل اجرڪ جي نموني جي خاڪن مان اجرڪ جي تاريخ ۽ سندن ڪپڙي اُڻڻ جي هنر جو به پتو پئي ٿو. پٿر کي تراشي ٺاهيل مُهرُن جيڪي ماهرن جي راء مطابق واپار لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون جن تي اُڪريل مختلف جانورن جون شِڪلون موئن جي دڙي جي رهواسين جي ڪاريگريءَ ۽ فن جو مثال آهن. ايتري عظيم و شان قديم تاريخي ورثي ۽ ثقافت جي مالڪ سنڌ لاءِ تڏهن سوچيندي ڏک ٿئي ٿو جڏهن غير ملڪي آرڪيالوجي جا ماهر،سَياح ۽ مُحقق هِت اچي اسانجي تاريخي ماڳن جو کوٽايون ڪري ۽ تحقيق ڪري اسانکي ٻڌائن ٿا ته هيءَ آهي توهانجي تهذيب ۽ ثقافت .هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو کوٽائيءَ وارو ڪم اسين پاڻ نه ٿا ڪري سگھون؟ڇا اسان وٽ پهنجا آرڪيالوجي جا ماهر ناهن؟ پر ان ڳالهه کان به قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مُحقِق انهئ ڪم ۾ رُڌل ضرور آهن، پر هاڻ انهن جي به ڪا ايتري دلچسپي نه رهي آهي.انهن جي چوڻ مطابق ته کين حڪومتي سهڪار گھرجي. پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي قديم ورثي ۽ ثقافت جي سنڀال واري ڪم کان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ته ڇا ٿيو؟ ڪا ته ذميواري اسان جي به آهي. سنڌو ماٿري مان دريافت ڪيل قديم ۽ قيمتي نوادرات سنڌ ميوزيم ۾ هجڻ جي بجاءِ بِرٽش ميوزيم جي زينت بڻيل آهن.انهئ جو ڪارڻ صرف حڪومت نه آهي پر اسانجي پنهنجي سُستي ۽ ڪاهلي پِڻ آهي.هجڻ ته ائين گھرجي ها ته سنڌ جا سڀ تاريخدان،محقق ،آرڪيالوجي ۽ اينٿروپالوجي جا ماهر ملي ڪري تنظيمي بنيادن تي پهنجي قيمتي سرمايي کي ڌارين جي هٿ لڳڻ کان بچائين ها. اڄڪلهه ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، سيڪنڊن ۾ هِتان جي ڳالهه هُت پهچي ٿي وڃي. اِن ٽيڪنالوجي جو فائدو وٺندي ڪيترائي سنڌي نوجوان سوشل نيٽورڪس توڙي بلگس ۽ ويب سائيٽس جي ذريعي پنهنجي سنڌي تهذيب کي پوري دنيا ۾ هٿي وٺرائي رهيا آهن، اهو به هڪ سٺو سئوڻ آهي.هي ته اُهي نوجوان آهن جيڪي ٻيو ته ڪجھه نه ٿا ڄاڻين پر سندن دلين ۾ ڌرتئ لاء پيار ۽ پاٻوهه موجود آهي جيڪي ڀلا ٻيو ته ڪجھه نه ٿا ڪري سگھن پر سنڌ ڌرتئ لاء پنهنجي محبت جو اظهار سندن تهذيب ۽ تمَدُن کي دنيا آڏو اُجاگر ڪري پنهنجي حصي جي ذميواري نڀائي رهيا آهن. وقت اڃا به ناهي ويو، اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ کوٽائي جاري آهي. جن ۾ لاکين جي دڙي جي دريافت سان پڻ سنڌوءَ جي تهذيب جا ڪي نوان راز کليا آهن.۽ اڳتي به اميد ٿي ڪجي ته اسانجا ماهر آرڪيالوجسٽ ۽ محقق انهئَ ڪم کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاء ڪا تنظيم جوڙي ڪم کي اڳتي وڌائيندا. حڪومتي سهڪار يا ڪنهن ڌاريي جو انتظار ڪرڻ کان چڱو آهي ته هر سنڌي انفرادي طور تي ٻيو نه ته پنهنجي پنهنجي علائقي جي تاريخ سان واڳيل شين جو جائزو وٺي ،پوء ڀلي کڻي ننڍي بنيادن تي پنهنجي وَسَ آهر تحقيق ڪري پنهنجي قديم تاريخ تان دَزُ لاهي دنيا آڏو پيش ڪري سنڌ ڌرتئ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
جواب: سنڌو ماٿري سڀيتا جي بقا لاءِ اسانجو ڪردار بلڪل سچيون ڳالهيون لکيل آهن۔ نه صرف اهو پر ڪوٽڏجي جون توپون پڻ لاهور م پيون آهن۔ اسان وٽ نه ته ڪي ادارا آهن ، جيڪي آهن ته سرگرم ناهن ۽ نالي ماتر ڪم پيا ڪن۔ سچ ته هي ليک تمام سٺو لکيل آهي ۽ گهڻي اهميت وارو آهي۔
جواب: سنڌو ماٿري سڀيتا جي بقا لاءِ اسانجو ڪردار تمام سهڻو ۽ معلوماتي ليک ونڊ تي ٿورا مڃڻ ناانصافي ٿيندي ۔۔۔ سنڌ جو مان ۽ شان رکڻ ۾ اسين سڀ سنڌي ناڪامياب ٿيا آهيون، سنڌ جنهن مشڪل وقت ۾ هن وقت آهي انجا به اسين سڀ سنڌي ذميوار آهيون ۔۔۔ ٿيندو هيئن آهي ته آزاد قومون پنهنجي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ سڀني وسيلن کي سنڀالڻ لا قومي طور تي تعليمي ڄار وڇائينديون آهن ۽ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جي پاران ان ڪم کي سرانجام ڏينديون آهن ۔۔۔ پر افسوس ائين سنڌ ۾ ٿئِي نٿو ۽ سنڌي ٻيا عوامي ادارا پڻ اهڙن ڪمن ڪرڻ ۾ تمام گهڻو پوئتي پيل آهن ۔۔۔۔ ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔۔ منهنجي طرفان هن ليک جي شان ۾ هي وڊيو قبول پوي ۔۔۔۔ [video=facebook;10150257450398948]http://www.facebook.com/video/video.php?v=10150257450398948&saved[/video]
جواب: سنڌو ماٿري سڀيتا جي بقا لاءِ اسانجو ڪردار لک لائق سائين سليمان وساڻ ۽ نثار ابڙو صاحب. گذريل چار سالن کان سنڌو ماٿري سڀيتا indus valley civilization جي فيس بڪ پيج تي ڪم ڪندي ڪافي تجربا ٿيا ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون ۽ انهن جي سوچڻ جي انداز ۽ صلاحن مان جنهن نتيجي تي پهتس اُهو سڀ هن ليک ۾ لکڻ به فرض سمجھيم.. سائين نثار صاحب ويڊيو اوهانجو نه کليو.
جواب: سنڌو ماٿري سڀيتا جي بقا لاءِ اسانجو ڪردار فهيم صاحب، اوهانجو پورو تعرف ته ناهي پر پوءِ به سنڌ سلام جو هر دوست اسانجو سڄڻ، دوست ۽ سنڌيت جي رشتي ۾ ڀاءُ آهي ۔۔۔ اميد ته اوهان پوءِ به پنهنجو تعرف ضرور ڪرائيندا ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته مون جيڪا وڊيو لڳائي آهي اها فيسبڪ تان کنيل آهي ۽ مون وٽ هاڻ به هلي پئي ۔۔۔ پر الائجي ڇو اوهان وٽ نه ٿي هلي ۔۔۔؟؟؟ خئير اها وڊيو منهنجي فيسبڪ جي پروفائيل ته پڻ موجود آهي ۔۔۔ مون اڄ ئي اپلوڊ ڪئي آهي ۔۔۔ Nisar Ahmed Abro ۔۔۔ is my profile iD ٿورا ناهن ٿورا