سعودي حڪومت جا ٻِٽا معيار ۽ ڪم سانگي آيل نوجوانن جا ٻڏندڙ خواب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏18 جولائي 2011۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    سعودي حڪومت جا ٻِٽا معيار ۽ ڪم سانگي آيل نوجوانن جا ٻڏندڙ خواب
    پوري دنيا ۾ بدلجندڙ معاشي ۽ اقتصادي صورتحال جتي چڱن ڀلن طاقتور ملڪن جي چيلهه چِٻي ڪري ڇڏي آهي اتي سعودي عرب به ان طوفان کان بچي نه سگھيو آهي.ان ڳالهه جو ثبوت سعودي عرب جي تازو ئي شايع ڪيل حڪم نامي مان ظاهر آهي، جنهن جو سڌو سنئون اثر هِتي موجود اَڇي چمڙيء وارن کي ڇڏي ڪري باقي سڀني خارجين تي پوندو، جن ۾ پاڪستاني، هندوستاني،نيپالي،سريلنڪي ء بنگلاديشي سرفهرست آهن.ان حڪم نامي کي “سعوديزيشن” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جو اصل مقصد سعودي عوام لاء روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.
    ليبر منسٽري جي تحقيقي رپورٽ مطابق هن وقت سعودي عرب ۾ ڪل 8 ملين خارجي خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن.جڏهن ته پنج لک سعودي بيروزگار آهن ۽ هڪ لک ويهه هزار سعودي شاگرد سرڪاري اسڪالرشپ تي مختلف ملڪن ۾ پڙهي رهيا آهن.
    70 جي ڏهاڪي ۾ جيئن ئي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ زبردست اضافو ٿيو تيئن ئي سعودي عرب ۾ ترقياتي ڪمن جي باقائده وڏي پيماني تي شروعات به ٿي. تنهن دوءر ۾ نه هنن وٽ ڪي انجنيئر هئا نه ئي ڪي ڪاريگر مزدور. ان ضرورت کي مد نظر رکندي سعودي عرب جا دروازا باقي دنيا لاء کوليا ويا ۽ تمام گھڻي تعداد ۾ ويزا جاري ڪيا ويا.
    ان ڳالهه کي اڄ چاليهه سال گذرڻ جي کانپوء هت زندگيء جي تقريباً هر شعبي ۾ خارجين جو وڏو انگ نظر اچي ٿو. ائين کڻي چئجي ته اڄ سعودي خارجين جا ايترا ته محتاج ٿي ويا آهن جو انڊين ۽ پاڪستاني هوم ڊرائيورن کان وٺي فلپيني ۽ انڊونيشي ميڊس تائين سندن زندگين جو حصو بڻجي چڪا آهن. انهن سان بري سلوڪ جي ڳالهه به ڪا ڳُجھي ناهي.سندن ماهوار پگھار ۾ بي قائدگي ۽ عزت نفس کي بري طريقي سان مجروح ڪيو ٿو وڃي. پر گھر وارن جو پيٽ پالڻ لاء اهي ويچارا خارجي مجبوراً کين اُف به نه ٿا ڪري سگھن.
    هاڻ جڏهن سعودي حڪومت پهنجي عوام لاء روزگار جا وڌ ۾ وڌ موقعا فراهم ڪرڻ لاء اهو فرمان جاري ڪيو ته سرڪاري توڙي خانگي ڪمپنين ۾ گھڻي کان گھڻا سعودي رکيا وڃن، ته اهو خيال به ضرور انهن فرمان جاري ڪرڻ وارن جي ذهنن ۾ هوندو ته اهو فيصلو صادر ڪرڻ کانپوء آخر خارجين، جن ۾ لکين پاڪستاني به آهن تِن جو ڇا ٿيندو؟
    هي اُهي ئي خارجي آهن جيڪي عراق جي ڪويت تي ڪاه ۽ 11/9 کانپوء سعودي ۾ ٿيل ڌماڪن دوران سعودي حڪومت جو پنهنجي من و تن سان ساٿ ڏيڻ لاء تيار هئا.اهو پاڪستاني فرمان علي خان ئي هو جنهن 25 نومبر 2009 ۾ جِدي ۾ آيل ٻوڏ ۾ چوڏهن سعودين جي جان بچائي پنهنجي جان ڏني ۽ سعودين جي نظر ۾ پاڪستان جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو ۽ سعودي عرب جي پاڪ سرزمين سان پنهنجي وفاداري جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو. انهيء ڳالهه جو اعتراف رائل نيوي جي هڪ ريٽائر ڪوموڊور عبداللطيف الملهم عرب نيوز ۾ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ تمام سهڻي ريت ڪيو آهي. ان آرٽيڪل ۾ سندس چواڻي ته خارجين کي سعودي عرب مان نيڪالي ڏيڻ ڪو آسان ڪم ناهي. ان لاء اسانکي پنهنجون عادتون تبديل ڪرڻيون پونديون.ليکڪ پنهنجن ئي سعودين جون ڪيتريون ئي برايون ۽ نوجوانن جي بيروزگاريء جا ڪارڻ ظاهر ڪندي کين ننديو آهي.
    پر سعودي حڪومت اُنهن سان ڪهڙي ويڌن ڪري رهيو آهي ان ڳالهه جو اندازو ائين لڳائي سگھجي ٿو ته گذريل پنجويهن،ٽيهن سالن کان هت رهندڙ ڪيترن ئي خارجين کي قوميت به نه ٿي ڏني وڃي. سندن اولاد جيڪو سعودي معاشري ۾ پليو وڏو ٿيو سو سعودي سڏرائڻ جو به اهل ناهي.سعودي حڪومت جو اهو رَوَيو بالڪل اعتراض جوڳو آهي.
    هاڻ جيڪڏهن خارجين جي نيڪالي وارو ڪم جنهن کي سعودي گورنمنٽ “سعوديزيشن” جو نالو ڏنو آهي، بخوبي انجام ٿي به ويو ته به ڪيترائي سوال اُڀرن ٿا جن کي سعودي معيشت جا ماهر ڪو سٺو سئونڻ قرار نه ڏئي رهيا آهن. جيئن “الرياض عربڪ ڊَيلي” جي هڪ تحقيق مطابق خارجي هر سال 80 بلين سعودي ريال پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪلين ٿا.خارجين جي نيڪاليء تي انهيء رقم مان ڪمايل منافعي جو ڇا ٿيندو اهو اندازو هر ذي شعور انسان لڳائي سگھي ٿو. آزاد ويزائن تي مختلف ملڪن مان آيل ڪيترائي نوجوان هر مهيني پنهنجي ڪفيلن کي جيڪا ڪفالت ڏين ٿا تنهن سان انهن ڪفيلن جي گھر جي چلهه به ٻري ٿي ته انهن نوجوانن جو گھر به هلي ٿو سو تن کي جيڪڏهن تڙي ڏني وئي ته پوء انهن ڪفيلن جو ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ هي ته صرف ٻه اهم مسئلا بيان ڪيا ويا پر جي اڃا گهرائيء ۾ وڃبو ته “سعوديزيشن” جا سعودي معيشت تي صرف ۽ صرف خراب اثر ئي آهن.
    ان سڄي صورتحال کانپوء ويجھر لکين پاڪستاني جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌي به آهن، جيڪي گھر جا ٽپڙ کپائي لکين روپيا ايجنٽن کي ڏيئي هت پهچي ويا ۽ کين اها بري خبر پئي ته سندن اکين ۾ ترندڙ خواب ٻڏندي نظر ٿا اچن.
    ڀلي کڻي سعودي عرب جي معاشي توڙي اقتصادي ماهرن لانگ ٽرم پلاننگ ڪئي هجي، پر آخرڪار انهيء جي نتيجا خراب ئي نڪرڻ وارا آهن. تنهنڪري سعودي حڪومت کي پنهنجي انهيء فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي.سعودي عوام لاء روزگار پيدا ڪرڻ جا ٻيا به ڪيترائي رستا آهن.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سعودي حڪومت جا ٻِٽا معيار ۽ ڪم سانگي آيل نوجوانن جا ٻڏندڙ خواب

    معلوماتي ليک آهي، اسان مان گهڻن کي انهن ڳالهين جي پروڙ ڪانه هئي۔۔۔

    وڌيڪ اتي رهندڙ دوست سائين نثار ابڙو يا ٻيا تصديق ڪندا۔ اسان جي ايجنٽن کي گهرجي ته عوام کي صحيح ٻڌائين ته اتي اصل صورتحال ڪهڙي آهي۔ پر افسوس نه ته حڪومتي ادارا نه وري ايجنٽ حضرات صحيح ڳالهيون ٻڌائن ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو