سنڌ جو مستقبل اميد چانگ (عوامي ڊائجسٽ جي ٿورن سان) [JUSTIFY]اسان جي تهذيب ،مهمان نوازي کان هر قوم واقف آهي پاڪستان جي آزادي کان پوءِ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري پاڪستان ايندڙ مهاجر جڏهن واگها بارڊر ذريعي پاڪستان ۾ داخل ٿيا تـِ پنجاب جي ماڻهن کين چيو ته پاڪستان آگي هي جڏهن سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿيا ته سنڌي ماڻهن کين دلين ۾ جاءِ ڏني . مگر انهن مهمانن اسان کي جيڪي ڪجهه ڏنو اهو اسان جي سامهون آهي ٻورين ۾ بند لاش ، سنڌ دشمن ڪارناما ، ڪراچي ، حيدرآباد ، سنڌين لاُ نوگو ايريا بڻائڻ ، افسوس جي ته اھا ڳالهه اها آهي جو ڪراچي ، حيدرآباد وارا ڄاوا هتي وڏا ٿيا پر کين سنڌي ڳالهائڻ نه ٿي اچي .جڏهن اسان ڪراچي ويندا آهيون ته ڪراچي وارا اسان کي چوندا آهن ته اوهان سنڌ کان آيا آهيون .ادا اسان ته سنڌ ڄاوا آهيون سنڌ ۾ رهندا آهيون سنڌ جو کائيندا آهيون سنڌو جو پاڪ پاڻي پيئندا آهيون ، اسان کي ته فخر آهي ته اسان سنڌي آهيون ، مگر اوهان جي نيت ڪهڙي آهي خدارا واضح ڪريو جيڪڏهن اوهان چئو ٿا ته سنڌ ۾ اسان کي رهڻو آهي سنڌ ۾ مرڻو آهي ته مهرباني ڪري سنڌي سکو . اسان انتها پرست ن آهيون . اسان مفاد پرست نه آهيون اسان پنهنجي قوم سان حد کان وڌيڪ محبت ڪندا آهيون ، چاهي ان جو ڪهڙو به مذهب هجي ،اسان ڪڏهن به هڪ ٻئي جا عيب ڪڍيا ناهن ، اوهان اسان کي ڪهڙي سزا ڏئي رهيا آهيون، اسان اڄ به اوهان کي پنهنجو تسليم ڪيون ٿا ، مگر اوهان ته اسان سان ڏک سک ۾ گڏ رهڻ جو وچن ڪريو ، سنڌ جي مسئلن کي پنهنجو مسئلو بڻايو ، پنهنجي پارٽي جو منشور سنڌ بڻايو ، سنڌ دوستي جو ثبوت ڏيو ، سنڌ جي ماڻهن جو آواز اٿاريو ڪراچي ۾ سنڌين کي روزگار ڏياريو ، سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ جي ماڻهن سان گڏ هڪڙي صف ۾ بيهي ڏيکاريو . اردو ته قومي ٻولي آهي مگر سنڌ ۾ سنڌي کي پنهنجي مادري زبان بڻائي سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏيو . ڇو ته هاڻي وقت هٿن مان نڪري رهيو آهي ، ان لاءِ هر قدم سوچي کڻڻ جي ضرورت آهي ، ائين نه ٿئي جو اسان جي غلطين کي اسان جو نسل ڀوڳي پنهنجي جان وڃائي . سنڌ جي تاريخ ۾ اسان خلاف نفرت ڏياريندڙ جملا لکيا وڃن . اسان لا معافي جو ڪو سوچي به نه سگهي . اسان جي زندگي جو انت بي مقصدو بڻجي وڃجي . ان لا منهنجو نماڻو عرض آهي ته توهان کي توهان کي پنهنجي الله جو واسطو اسان سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي زندگي سان سياست ، اقتدار ،لالچ ، جي بهاني نه کيڏو ، سنڌ ۾ رهندڙ هر ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌي کي پاڻ ۾ نه ويڙهايو ، ملڪ کان ٻاهر ويهي سنڌ ڌڻين جا فيصلا ڪرڻ کا بهتر آهي ته سنڌ اچي سنڌين جا مسئلا حل ڪريو ، سنڌ ۾ رهندڙ مهاجرن ،پٺاڻن ، پنجابين ، کي گهرجي ته سنڌي ڳالهائين ، سنڌي ٿي ڏيکارين ڇو ته توهان لا هاڻي ڪٿي به سنڌ کان علاوه پناه گاه ناهي بچي ، سنڌ جهڙي ڌرتي دنيا ۾ ڪٿي به اوهان کي نه ملندي ڀٽڪيل سوچ جا مالڪ جن جدا صوبي جا غليظ نعرن سان سنڌ جي پاڪ ڌرتي کي خراب ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي اهي سمجهي ڇڏين ته اسان سنڌ جا صدين کان وارث آهيون ، جيئري اسان پنهنجي ڌرتي کي ٽڪرا ٿيڻ نه ڏينداسين اوهان جو ، اسان جو جيئڻ مرڻ سنڌ ۾ آهي پو غيرت مند سنڌي وفادار پاڪستاني ٿي ڏيکاريو .پنهنجي ڌرتي ۾ امن محبت پيدا ڪري نفرت جي فضا کي هميشه لاءَ ختم ڪريو ، ايندڙ نسلن ڪي خبر پئي ته سنڌ صدين کان سنڌين صرف سنڌين جي آهي ڀارت کان آيل مهمان به سنڌي بڻجي ڏيکارين سنڌي مهاجر جي تصور کي ختم ڪري . اچو ته گڏجي پنهنجي سنڌ جي مستقبل کي صدين تائين محفوظ بڻايون.[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ جو مستقبل سائين اوهان جو فائل ڪون پئي کلي مون اقتباس مان اوهان جي تحرير کي کڻي هتي ڏئي رهيو آهيان ۔ اوهان جا خيالات بهترين آهن ۽ حقيقت جي عڪاسي ڪن ٿا ، الله اوهان کي خوش رکي ، مهرباني
جواب: سنڌ جو مستقبل ادا بهترين خيال آهن پر جن کي اسان جيء ۾ جايون ڏنيون اهي هاڻ اسانکي ئي ٻاهر ڪڍڻ جي چڪر ۾ آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهجي ئي شهر ۾ اسين پرايا لڳا پيا آهيون۔ انهن ماڻهن کي اهي ڳالهيون ڪون ٿيون ياد اچن ته ڪئين سنڌين اسان کي ڀليڪار ڪري ء مهمانوازيء جو ثبوت ڏنو هيو۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌ جو مستقبل سٺو مضمون آهي پر هاڻي انهن سان ويهي ڳالهائڻو پوندو، نه ته هو سنڌ ڇڏي سگهن ٿا ۽ نه وري اسان تنهنڪري ٻنهي ڌرين کي ويهي ڪو صحيح فيصلو ڪرڻو پوندو، جيڪو جنگ بجاء صلح ۽ امن وارو هجڻ گهرجي