هن ويڊيو ۾ هندستان پاڪساتن ميزائل پروگرام تي تنقيد ڪري اهو ثابت ڪرڻ پيو چاهي ته پاڪستان جي ٽيڪنالوجي چين ۽ ڊکڻ ڪوريا جي مرهون منت آهي ، ويڊيو ۾ هندستان ميڊيا پاڪستان ٽيڪنالوجي کان خوف زده نظر ٿي اچي ، اوهان به ڏسو هندستان جي بهتان بازي۔
جواب: هندستان جو پاڪستان ميزائل تي تنقيد ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ميزائل ٽيڪنالاجي ۾ گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ اها ڪوريا نه پر چين جي ڪوششن سان آهي پر هندستان اها ڳالهه ڪڏهن به ڪونه مڃيندو۔ پر ڪوريا جو نالو وٺي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي۔ پاڪستان جو ايٽمي پروگرام مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي شهيد محترمه بينظير جو شروع ڪيل پروگرام هو۔ اها ڳالهه ڪو مڃي يا نه اها ٻي ڳالهه آهي۔
جواب: هندستان جو پاڪستان ميزائل تي تنقيد بلڪل ادا اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو ڏي ، جيڪو هڪ عظيم سياستدان ۽ حساس دل جو مسلمان پڻ هو ، اسلام سان محبت ۽ هن جي بقا لا هن شخص جو وڌو هٿ آهي نه پاڪستان ليول تي پر پوري عالمِ اسلام لا سوچ رکندڙ هو ، اسلام جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ لا ڪوششون ڪندو رهيو پر مغرب وارن هن کي برداشت نه ڪيو ۽ هن سان ڳڏ هن جي ساٿين جن ۾ شاه فيصل شهيد کي به رستي تان هٽائي ڇڏيو ، اڄ ضرورت آهي اهڙن سورمن جي جيڪي بي لوث ۽ بنا خوف جي وقت جي حالات کي سمجهي ، پرکي هن تي پنهنجي رستو ٺاهي هلي ڪري ڪفر کي بنجو ڏين ۔ مهرباني