افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
ادا ڦلپوٽي فقير کي شابس هجي جو هن سڪرائب ۾ پي ڊي ايف فائل آڻڻ جي سکيا ڏني پر اڄ ڪلھ اهو فارمولو ڪم نه پيو ڪري ، وري ادي يونس ملڪاڻي صاحب محنت ڪري اسان کي فائل ڊن ۾ پي ڊي ايف فائل آڻڻ جي سکيا ڏئي وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو ، پر ادي ملڪاڻي صاحب کي عرض رکجي ٿو ته جيڪر فائل ڊن ۾ رجسٽر ٿيڻ جي سکيا ڏئي ڇڏي ته اسان جهڙن موڳن جو ڀلو ٿي وڃي ها ، ڇو ته هي فقير اڃان فائل ڊن ۾ رجسٽر جو طريقو معلوم نه ڪري سگهيو آهي ۔ مون وٽ ڪافي پي ڊي ايف فائل ڪتاب آهن مان چاهيان ٿو ته هن کي فورم جي زينت بڻايان ، سو دوستن کي گذارش آهي ته جلد هن مسئلي جي حل لاءِ اپاءُ وٺندا ، مهرباني