سنڌ فرياد ڪري ٿي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سنڌ فرياد ڪري ٿي!
    آئون سنڌ آهيان، منهنجي سينڌ ۾ سنڌو وهي ٿو، موهن جي دڙي جي وارث آهيان، منهنجي مٽيءَ ۾ ڀٽائي، سچل، سامي ۽ جي ايم سيد دفن آهن. مون وٽ سمنڊ جو ساحل به آهي. آئون معدني وسيلن سان مالا مال آهيان. مون وٽ ڪوهستان، ڪاڇو، ٿر ۽ ڪچو به آهي. منهنجي اصلي وارثن جي وڏڙن جون نشانيون منهنجي هنج ۾ سمايل آهن. منهنجي تاريخ تمام پراڻي آهي. مون وٽ مارئي جي صورت ۾ وطن جي محبت رهي آهي ۽ سسئيءَ جي روپ ۾ جدوجهد به رهي آهي. هن وقت مون تي ڌارين جون نظرون آهن، مون کي ڪيڏي مهل تاش جو پتو سمجهي، مون سان راند ڪئي ٿي وڃي ۽ ڪڏهن وري مفاهمت جي نالي ۾ مارجي رهي آهيان ۽ ڌارين کي فائدي ڏيڻ لاءِ مون کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، من پسند ماڻهن جي حوالي ڪيو وڃي ٿو ۽ هاڻ وري چون ٿا تنهن جي نئين تاريخ ٺاهينداسين. مون سان صدين کان پيار ڪندڙ ۽ مون تي رهندڙ اصلي ماڻهن کي منهنجي سينڌ تي وهندڙ سنڌوءَ کان ٻوڙائي دربدر ڪيو ويو، مون تي سکي رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي بيروزگاري ڏئي تعليم ۽ صحت کان محروم رکيو ويو. هن وقت منهنجي جاگرافي ۽ قومي وحدت کي خطرو آهي. مون کان منهنجي وارثن کي وري پاسيرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. منهنجي سنڌي نياڻين کي مجبور ڪري روڊ تي پنڻ لاءِ بي وس ڪيو ويو آهي. ابتا سبتا بيان ڏئي وري منهنجي پٽن کي جهيڙي ۾ ڌڪيو پيو وڃي. آئون توهانجي عدالت ۾، جن مون سان صدين کان نڀايو آهي، فريادڻ ٿي التجا ڪريان ٿي ته منهنجي پراڻي تاريخ موهن جي دڙي جي صدقي، ڀٽائي جي واين جي صدقي، سچل جي حق موجود جي نعري، شيخ اياز جي گيتن جي واسطي ۽ ڀڳت ڪنور رام جي مٺڙي لوليءَ کي سڃاڻي منهنجي بقاءَ ۽ سلامتيءَ لاءِ منهنجو سڀ اولاد گڏ ٿي، ٻڌي ڪري، مون کي هن نازڪ دور مان ڪڍي، مون کي نئين تاريخ ٿيڻ کان بچايو وڃي، منهنجي ٻوليءَ جي رکوالي ڪئي وڃي.
    بئريسٽر سسئي عباس لغاري /ميموريل هائيٽس نيو برگ پارڪ (لنڊن)
     
  2. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: سنڌ فرياد ڪري ٿي!

    ادا هي ته زبردست ونڊ آهي ۽ ليک به سٺو آهي هن کي پڙهڻ کان پو دل ڏاڍي چاهي ٿي ته اهڙو ظلم ڪندڙن سان پلاند ڪجي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ فرياد ڪري ٿي!

    ادا ڳالهيون ته سچيون آهن پر ٻڌايون ڪنهن کي ٿا ۔۔۔۔۔

    هتي ته انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن جون ٽرينون ڀريون پيون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هاڻي اسان کي ڪو عملي ڪم ئي ڪرڻو پوندو، اهي داهون ڪوڪون سچيون آهن پر ٻڌڻ وارو ڪوبه ناهي ادا ۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو