• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

صبح جو آهي آغاز ڪا نه پڙهي سون نماز

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
صبح جو آهي آغاز ڪا نه پڙهي سون نماز

صبح جو آهي آغاز
ڪا نه پڙهي سون نماز

دنيا سمجهي درويش
اسين ڄاڻُون ٿا راز

من ميرو اندر انڌيرو
لوڪ ڀائين پاڪباز

ڪنهنجي نه مڃي ڪا
سچ تي رهيو اعتراز

پائي پيراڻي پوشاڪ
هلڻ جو عجب انداز

برائي تي آهي جهپٽو
جيئن شڪاري شهباز

اندر آنڌ مانڌ آهي
ڏاڏل ڳالهيون دلنواز
 
جواب: صبح جو آهي آغاز ڪا نه پڙهي سون نماز

صبح جو آهي آغاز
ڪا نه پڙهي سون نماز

دنيا سمجهي درويش
اسين ڄاڻُون ٿا راز

ڏاڏل سائين لک قرب

اڄ صبح صبح اوهان جي هنن لفظن سچ ته جيء کي جهنجهوڙيو آهي ۽ گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي

مهرباني اهڙي پياري ونڊ جي
 
سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني پر حقيقت اها آهي جو پنهنجو حال بيان ڪيون ويٺا آهيون باقي اسان وارو حال راڄ جو آهي ته ڇا ٿو چئي سگهجي ۔وسلام
 
جواب: صبح جو آهي آغاز ڪا نه پڙهي سون نماز

ٻاهر ٻولي هنج جي، اندر ڪارو ڪان،
اهڙو ٺلهو ٿان، ڀنڃي ڇو نه ڀورا ڪجي۔

تمام سهڻو خيال،

راهِ حق طرف آهي پڪار
ڏاڏل ڳائي ويٺو سر ساز

لک ٿورا ۔۔۔ لفظن جي رواني ۽ جذبن جو سهڻو اظهار
 
جواب: صبح جو آهي آغاز ڪا نه پڙهي سون نماز

سائين ابڙا صاحب اوهان جي پسند جون لکين مهربانيون ڪروڙين قرب ۔
 
جواب: صبح جو آهي آغاز ڪا نه پڙهي سون نماز

جزاڪ الله ادا تمام گهڻي مهرباني اوهان جي
 
Back
Top