سنڌي صحافين، آرٽسٽن ۽ اديبن جي مالڪي ڪير ڪندو؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سنڌي صحافين، آرٽسٽن ۽ اديبن جي مالڪي ڪير ڪندو؟
    غلام حسين لغاري

    اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ميڊيا ۽ اخبارن ۾ سنڌي صحافين ، اديبن ، شاعرن ۽ فنڪارن يا سندن خاندان جي ماڻهن جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا هجڻ ۽ بي حسي واري زندگي گهارڻ يا وري انهن جو ترت علاج نه ٿيڻ ڪري انتقال ڪري وڃڻ جون ڏکوئيندڙ خبرون منظر عام تي نه اينديون هجن. اهڙين خبرن سان نه صرف صحافين ، اديبن ۽ آرٽسٽن پر سنڌي ماڻهن ۾ بيچيني واري حالت پيدا ٿي چڪي آهي ۽ اهو سوال اٿي رهيو آهي ته آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو حڪومتي ادارا ، عوامي نمائندا يا وري سرندي وارا امن جو ڪردار ادا ڪندڙ اهڙن قيمتي ماڻهن جي پرگهور لهڻ يا انهن جي مالي سهائتا ڪرڻ ۾ اڳتي ڇو نٿا اچن ۽ ڪير ٻاهران ايندا جيڪي سندن مالڪي ڪندا ؟
    جيڪڏهن سال ڏيڍ جو جائزو وٺبو ته سنڌ اندر وڏي انگ ۾ صحافي ، شاعر ، اديب ۽ فنڪار ڊگهي بيماري گهارڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن پر حڪومت پاران سندن ڪڏهن به ڪو وقتائتو علاج ناهي ڪيو ويو يا انهن جي وقت سر پرگهور لهي انهن کي ڪو دم دلاسو ڏيڻ جي زحمت ڪئي وئي هجي. باقي انهن جي وفات بعد حڪومتي ادارن تڪليف محسوس ڪري ٻه اکر تعزيت جا چئي پاڻ تان بار ضرور لاٿو هجي. جيتري قدر مون کي ياد آهي ته سال ڏيڍ واري عرصي دوران حيدرآباد جو نالي وارو صحافي شعبان قمبراڻي ، دادو جا اسلم ٻٻر ۽ وزيرمنگي ، نوابشاهه جو عبداللطيف وياني جڏهن ته شاعرن ۽ اديبن ۾ دادو ضلعي جو احمد خان مدهوش ، ڄامشوري جو طارق عالم ابڙو ، حيدرآباد جو مراد علي مرزا، بدين جو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ، ليجنڊ آرٽسٽن ۾ حسين ساريو، يحيٰ ڀٽو، روشن عطا ، صوفي فقير سهراب فقير ، واحد جمالي ۽ ٻيا بي حسي واري حالت ۽ حڪومت جي عدم توجهه سبب زندگي جي جنگ هاري خدا کي پيارا ٿي چڪا آهن. ڪاش حڪومت پنهنجي نگراني ۾ سندن ڪنهن وڏي اسپتال ۾ علاج ڪرائي ها ته اڄ حڪومت ڪنهن تنقيد جو نشانو نه بڻجي ها.
    هفتو ٻه اڳ دادو جي مرحوم صحافي ۽ اديب مرحوم وزير منگي جي پهرين ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو جتان اها خبر پئي ته چاليهه سالن کان راڌڻ ، ميهڙ ۽ ڦلجي اسٽيشن سان لاڳاپيل دادو ضلعي جا چار صحافي گل حسن جانوري جيڪو پنهنجي وقت جو نالي وارو اسٽيج ۽ فلمن جو اداڪار به رهي چڪو آهي ، ڊاڪٽر غفار منگي ، سڪندر مهيسر ۽ ڊاڪٽر قربان جهتيال به هن وقت بي حسي واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اهي اهڙين بيمارين ۾ مبتلا آهن جن جو علاج ممڪن ته آهي پر ان لاءِ لکين رپين جو خرچ گهرجي جيڪو نه ته وٽن آهي ۽ نه وري حڪومت جي مٿي تي ڪا جون چري آهي جو انهن جي ڪا سارسنڀال لهي. گل حسن جانوري جي دل جا نه صرف وال بند ٿي چڪا آهن پر شگر جي بيماري سبب سندس ٽنگ ۾ ناسور ٿي چڪو اٿس جڏهن ته ڊاڪٽر غفار منگي ۽ سڪندر مهيسر پڻ شگر سبب پنهنجيون اکيو وڃائي ويٺا آهن ۽ ڊاڪٽر قربان جهتيال گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن جي ڊائيلاسز تي به وڏي رقم درڪار آهي. راڌڻ جو هڪ ٻيو شاعر اديب عاجز سرگاڻي به السر ،شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي بيماري ۾ مبتلا آهي جيڪو پڻ علاج لاءِ واجهائي رهيو آهي. سنڌ جو ناليوارو صحافي ۽ اديب شمشير حيدري به انتهائي علالت ۽ ڪمپرسي واري حالت ۾ آهي ائين شاعر، اديب، ناٽڪ نويس محمد علي پٺاڻ کي به پرڏيهه علاج جو چيو ويو آهي، جنهن لاءِ کيس 40 لک رپين جي ضرورت آهي. جنهن جي ترت علاج جي اشد ضرورت آهي .ملير ڪراچي جو سينيئر صحافي حمزو پنهور دل جي بيماري ، ڪراچي جي صحافي ۽ ليکڪ زلف پيرزادي جو فرزند عبدالرحيم پيرزادو ڪينسر سبب عليل آهي. ڪوٽڙي جي صحافي نعيم اخترسومري جو 32 سالن جو ڀاءُ امتيازسومرو دل ۾ سوراخ ۽ وال بند هجڻ سميت عليل آهي جڏهن ته ڄامشوري جي هڪ اخباري هاڪر دين محمد جهيجو جو پٽ عاطف جا به ٻئي گڙدا ختم ٿي چڪا آهن. خبر ناهي ته پوري سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي صحافي ، آرٽسٽ ، شاعر ۽ اديب هوندا جيڪي بي حسي واري زندگي گهاريندڙ هوندا پر شايد پنهنجي عزت نفس خاطر حڪومت آڏو هٿ ڦهلائڻ نه چاهيندا هوندا تن جو به خيال رکڻو پوندو.
    جيڪڏهن امن جي سفيرن جو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌي آرٽسٽن جو ذڪر ڪبو ته گذريل 35 سالن کان ريڊِيو ۽ ٽي وي تي ڪم ڪندڙ ناليواري آرٽسٽ محترم قمرالنساءُ هڪڙو به اڄڪلهه آغا خان اسپتال ۾ داخل آهي ۽ هڪٻئي پٺيان آپريشن ٿيڻ ڪري سندس ياداشت کي نقصان پهتو آهي. ادي قمرالنساءُ هڪڙو لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندس آپريشن تي لڳ ڀڳ ويهارو لک رپيا خرچ آيو آهي. شابس هجي محترم حميد ڀٽو صاحب کي جيڪو سنڌ جي آرٽسٽن ، شاعرن ، اديبن ۽ صحافين جي مالي مدد ۽ پرگهور لهڻ لاءِ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي پليٽ فارم تان پنهنجي سر ڪوششون وٺندو رهي ٿو ۽ سندس ڪوشش سان هن مان واري فنڪاره سميت ڪيترن ئي فنڪارن کي مالي امداد ڏياري چڪو آهي ۽ هر روز اسپتال پهچي سندس پرگهور لهندو رهيو آهي. اهڙي طرح ليجنڊ آرٽسٽ ريحانه تبسم ، مشتاق چنگيزي ، زينت شيخ ۽ ميرمحمد لاکي بابت به اهي اطلاع آهن ته اهي به مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن جن کي سنڌ ثقافت کاتي مالي امداد ڪئي آهي ۽ هاڻ ڪجهه بهتر حالت ۾ آهن پر اڃا به سرڪاري طورتي مڪمل علاج ٿيڻ گهرجي.
    سنڌ ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ صحافي ، اديب ، ليکڪ ۽ آرٽست به آهن انهن جي پرگهور ڪجهه اڳڀري ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته اهي شهري علائقن سان لاڳاپيل آهن ۽ انهن جو پوئواري ڪندڙ به طاقتور آهن ۽ انهن جي بي حسي بابت ڪا ورلي خبر منظرعام تي اچي ٿي ڇاڪاڻ ته انهن جو علاج ميڊيا تي اچڻ کان اڳ ۾ ئي لڪ ڇپ ۾ ٿيو وڃي جنهن جو سبب انهن کي ليجنڊ طور تصور ڪيو وڃي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو