ڪجه اهم اسلامي آداب ، دوستون هن ڪتاب جو مصنف هڪ وڏوعربي حنفي عالم العلامه المحقق الشيخ عبدالفتاح ابو غده رحم الله عليه جن لکيوهو ۽ ڪتاب ڏاڍو مقبول ٿيو ۔ هن ساڳي ڪتاب جو اردو ۾ ڪراچي جي هڪ وڏي عالم دين ڊاڪٽر عبدالرزاق اسڪندر مدظله جن لکيو ۽ مٿس سنڌي ترجمو اسان جي دوست عالم ۽ محقق سائين سليم الله چوهاڻ صاحب جن ڪيو آهي ، ڪتاب اوهان جي آڏو آهي اميد آهي دوست هن مان ضرور فائدو وٺندا ، مهرباني هتي ڪلڪ ڪري ڪتاب ڊائونلوڊ ڪيو
جواب: ڪجه اهم اسلامي آداب ادا افتخار اوهان اڄ عاجز تي ٿورا ڪري ڇڏيا، هڪ ته شيخ ابو غده رحمه الله والد صاحب جن جا استاد آهن، وري اردو ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر عبد الرزاق اسڪندر صاحب منهنجا استاد محترم آهن، سائين سليم الله صاحب هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌي قوم تي ٿورو ڪري ڇڏيو آهي پوءِ ڪير مڃي يا نه۔ لک لائق ڀاءُ۔
جواب: ڪجه اهم اسلامي آداب بهترين ۽ سهڻو ونڊ هي هڪ بهترين ڪتاب آهي۔ دوستن کي عرض ته هي ڪتاب اصل ۾ اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪيل آهي۔ تنهنڪري فائل سائيز ڪجهه وڏي ٿي وئي آهي۔ تنهنڪري هي سنئون سڌو شايد ڏسڻ ۾ نه اچي۔ تنهنڪري مٿي ڏنل ڊائونلوڊ واري لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهو۔
جواب: ڪجه اهم اسلامي آداب ادا طاهر ڏاڍي خوشي ته جو اوهان هن عاجز جي ونڊ کي پسند ڪيو ، ويتر خوشي ٿي ته شيخ عبدالفتاح ابو غده رحمه الله جهڙي عظيم شخصيت اوهان جي والد محترم جن جا استاد آهن ۽ مٿان وري مولانا شيخ الحديث حضرت عبدالرزاق اسڪندر اوهان جا استاد آهن ، عجيب اتفاق ٿي پيو آهي ۔ يقين ڪيو مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي جوالله تعالى اوهان کي اهڙن عظيم استادن جي تلميذ هجڻ جو شرف عطا فرمائيو آهي ، ..................................... ادا سليمان اوهان جي مهرباني مان به ڪجه دير پريشان رهيم ته ڪتاب ڇو نظر نه پيو اچي ، واقعي ڪتاب اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ آڻيو ويو آهي ۽ هن جي سايز به گهڻي آهي ، مهرباني