فيس بوڪ تي محترم نند ڪمار هڪ تصويري البم Sindhi Sahitya Joon Bhartiya Hastiyoon شيئر ڪيو آهي جيڪي اِنڊين اِنسٽيٽيوُٽ آف سنڌالاجيء جي ويب سائيٽ تان ورتل آهن۔ سنڌي ٻوليء جي انهن عظيم هستين جو تصويري البم سنڌ سلامت تي آڻڻ کان اڳ مون محترم نند ڪمار کان ان جي اجازت ورتي هئي۔ مان هتي پنهنجو موڪليل پيغام ۽ نند ڪمار جو جواب پڻ اقتباس طور پيش ڪري رهيو آهيان۔ هري دلگير ڪرشن عيدنداس کٽواڻي ارجن حاسد هريش هنسراج واسواڻي موتي پرڪاش مولچند منگهارام بندراڻي ڪمل گورڌن آسومل محبوباڻي ڀارتي
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون لکمي ڀريو مل کلاڻي واسديو وينسيمل سڌناڻي موهي واسديو وينسيمل ماڌو نرمل نارائڻ شيام ڪرشن سندرداس وڇاڻي راهي گنو ديالداس سامتاڻي گوبند پوهومل کٽر مالهي
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل هرومل ايسرداس سدا رنگاڻي خادم پرڀو جوتومل ڇڳاڻي وفا پوپٽي رامچند هيراننداڻي ارجن گوبندرام ميرچنداڻي شاد موهن ڪلپنا سندري آسنداس اتمچنداڻي هريش هنسراج واسواڻي
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون موتي سکرامداس شرما پرڪاش مولچند منگهارام بندراڻي ڪمل هريڪانت روپچند ڄيٺواڻي تاراموتي ميرچنداڻي ڪلا موتي شرما پرڪاش هري نارائڻ سنگهه موٽواڻي ايشور نارائڻداس شرما آنچل
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون شيام سانولداس جئسنگهاڻي پرم اڀيچنداڻي پريم پرڪاش هري آسومل همٿاڻي هيرو ٺڪر ستيش روهڙا ڍولڻ تيرٿداس موراڻي راهي ڪيرت ٻاٻاڻي
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون مهرباني ادا سليمان بهترين ونڊ لاءِ، محترم نند ڪمار صاحب جن جي ذريعي سندن سميت پوري هندوستان جي سنڌي قوم کي منهنجا سلام ضرور ڏيندا۔ طاهر سنڌي
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون مهرباني پسند ڪرڻ جي اوهان جو پيغام ۽ سلام نند ڪمار صاحب کي ۽ ڀارت جي سنڌي ماڻهن کي موڪليو ويو آهي
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون جڏهن ڪنهن قوم جو ڪو هڪ وڏو حصو وقتي ستم ظريفين سبب هجرت ڪري ڪنهن ٻي ملڪ ۾ وڃي رهي ٿو ته سندن قومي حيثيت ختم ٿيڻ جا خدشا تمام گهڻو وڌي وڃن ٿا ۔۔۔ سنڌي واڻيا جڏهن سنڌ مان پاڪستان ٺهڻ ۽ جان جي خوف جهڙين مجبورين سبب لڏي ڀارت هليا ويا ته سندن سڀ کان وڏو نقصان ٿيو،، پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي، مال ملڪيت ڇڏي، ملڪي آبهوا ڇڏي جڏهن ڀارت پهتا ته نئين سر پاڻ کي زنده رکڻ جا جتن شروع ڪيائون ۔۔۔ انسان مالي طور تي ته اڄ يا صبحاڻي وري پيرن تي اچي بيهي ٿو پر سندس قومي سڃاڻپ ۽ ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ جا انديشا وڌي وڃن ٿا ۔۔۔ اهو ئي ٿيو، ڀارت ويل سنڌين کي ڪا هڪ جاءِ رهڻ لاءِ نه ملي انڪري ڇڙوڇڙ رهڻ سبب ٻولي ۽ قومي سڃاڻپ وڃائڻ لڳا ۔۔۔۔ پر هي جيڪي مٿي ڏنل محترم ۽ ڏاهن سنڌي اديبن جا نالا آهن، انهن مڙسي ڪر سنڌي ٻوليءَ کي نج پج رکڻ جي جاکوڙ شروع ڪئي ۔۔۔ ۽ ان ڪوشش ۾ ڪيترائي يادگار ڪم ڪيا، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ قومي درجو ڏيارڻ، يونيورسٽيون ۽ تعليمي ادار قائم ڪرڻ، ريڊيو، اخبارون، رسالا ۽ فلمون ٺاهڻ، ڪتابن جي ڇپائي ۽ ادبي گهرجن کي پوري ڪرڻ جا بندوبست ڪيا ۔۔۔ ان سبب اڄ به ڀارت ڏانهن ويل سنڌي اڃان سنڌ ۽ سنڌيت سان جڙيل آهن ۔۔۔ پر جيئن ته قوم جو وجود هوندو آهي ڌرتيءَ سان انڪري هنن مٿي سنڌ سڄڻن جي اڻ ٿڪ جدوجهد جي باوجود، سنڌي واڻين جو نئون نسل سنڌيت کان پري ٿيندو وڃي ٿو ۽ ٻين ثقافتن ۾ گڏجندو وڃي ٿو ۽ آهستي آهستي سنڌيت کان وانجهيل ٿيندو وڃي ٿو ۔۔۔ ڪجهه عرصو وڌيڪ اها حالت رهي ته هندستان ۾ سنڌي صرف نالي ماتر هوندا ۔۔۔ اسين سنڌ سلامت پاران ڀارت ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ ڪم ڪندڙ سڀني ڏاهن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ۔۔۔ سلام ڪريون ٿا ۔۔۔ ۽ کين لک شاباسون جو هو ايترين مجبورين جي هوندي به سنڌي ٻوليءَ کي بچائي سگهيا آهن ۔۔۔ لک ٿورا دوست سليمان سهڻي ونڊ جا ۔۔۔
جواب: سنڌي ساهتيه جون ڀارتي هستيون مهربانيون سائين نثار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ انهن سنڌي سٻاجهڙن کي سلام آهي جن سنڌي ٻولي کي هندستان ۾ قومي ٻولي جو درجو ڏياريو ۽ سنڌي رسالا ، اخبارون، ڪتاب، اسڪول ، موسيقي ۽ گهڻو ڪجهه نج سنڌي ۾ ڪري ٻوليء کي زندهه رکيو۔هاڻي ته هندستان ۾ سنڌي چينلن تي پڻ ڪم ٿي رهيو آهي جتي اسان جو يار پپو عرف رنجيت به سرگرم آهي۔
واه زبردست تمام گهڻي خوشي ٿي اهو ڏسي ته هنڌ جن سنڌي سٻاجهڙن سنڌي ٻولي کي هندستان ۾ قومي ٻولي جو درجو ڏياريو ۔۔۔۔ اسان وران کي به انهن کان ڪجهه سکڻ گهرجي تمام بهترين لاجواب ونڊ
هي سڀ عظيم انسان هئا،هي جتي ب رهيا اتي سنڌ ء سنڌين کي ن وساريائون،ڪيرت ٻاٻاڻي کي اگر هند جو سائين گي ايم سيد ڇئجي ت ب ڪو وڌاء ناهي۔۔
مٿي تحرير ۾ سائين ابڙو صاحب جن لکيو آهي ته هندوستان ۾ سنڌين کي ڪا هڪ جا رهڻ لا نه ملي سگهي ۽ هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا۔ ڏٺو وڃي ته هت وري اسان وٽ ان جي بلڪل برعسڪس ڪم ٿيو، جو هندوستان جي دهلي جي ٺڳن کي وري اسان جا وڏا وڏا شهر تحفي طور حوالي ڪيا ويا! ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي، بلڪل سنڌي قوم جي اها وڏي بدبختي هئي، جنهن جا نتيجا اسان اڻويھ سئو ستر کان به اڳ کان وٺي اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون۔۔۔