ليمي جا فائدا

'صحت سرير جي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG][/IMG]

    ليمي جا فائدا

    محمد سليمان وساڻ


    [justify]ليمون قدرت جي طرفان ڏنل هڪ انمول تحفو آهي. ميون ۽ سبزين ۾ ليمون جي هڪ الڳ ئي حيثيت آهي. ليمي جو نالو ذهن ۾ اچڻ سان زبان تي هڪ عجيب کٽاس جو احساس ٿئي ٿو ۽ ليمي جي خوشبو به فرحت ڏيندڙ آهي. ليمون وٽامن سي جو وڏو خزانو آهي، انکاسواء هن ۾ وٽامن بي، ڪيلشيم، پوٽيشيم، فاسفورس جو به وڏو مقدار موجود آهي.

    ميسوپوٽيميا ۽ بابل جي کنڊرات مان اها خبر پوي ٿي ته چار هزار سال اڳ جا ماڻهو به ليمي جو استعمال ڪندا هئا. ليمي جي پيداوار پاڪستان، ڀارت ، الجزائر ۽ ڏکڻ يورپ ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿي. ليمون سلاد سان گڏ چٽڻين ۽ شربتن ۾ تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو خاص ڪري گرمي جي ڏينهن ۾ هن جو استعمال وڌي وڃي ٿو. سنڌ ۾ جڏهن جون جولاء جون گرميون هونديون آهن ته ڳوٺن ۾ ليمي ۽ ڳڙ واري مٺائي جو شربت تيار ڪري پيتو ويندو آهي جيڪو گرميء جو دشمن سمجهيو ويندو آهي. سخت گرمي ۾ جڏهن لو ۽ جهولا لڳندا آهن ته ليمي جو استعمال ڄڻ ته آب حيات جو ڪم ڪندو آهي.

    ليمي جو ڇلڪو به استعمال ڪيو ويندو آهي، ان مان هڪ تيل يا رس نڪرندي آهي جيڪو پاڻيء کي خوشبودار ڪري ڇڏيندو آهي. انکانسواء ليمي جي ڇلڪي مان تيار ڪيل روغن پيٽ جي تڪليف لاء فائديمند هوندو آهي. ليمي جو ٻج به طبعي اعتبار کان اسهال جي بيماري لاء استعمال ٿيندو آهي. ليمي جي رس گهڻو فائديمند آهي. ليمي ۾ بيمارين سان مقابلو ڪرڻ جون خاصيتون پڻ موجود هونديون آهن. مسوڙن جي بيمارين ، نزلي ۽ زڪام ۾ فائديمند آهي. ليمي جو اچار وڌيل تري کي گهٽائڻ ۾ ڪارآمد آهي انکانسواء ليمي جي رس رت کي پٽڙو ڪندي آهي ۽ ڪوليسٽرول کي گهٽائيندي آهي. امريڪا جي يورولاجيڪل ايسوسيئيشن پنهنجي هڪ ريسرچ ۾ ٻڌايو آهي ته ليمي جي رس بڪين جي پٿري لاء علاج جو ڪم ڪري ٿي. ليمي جو استعمال بخار، ڏندن جي حفاظت، وارن جي حفاظت، چمڙي جي حفاظت، زخمن جي حفاظت، هاء بلد پريشر ۾ فائديمند ۽ ڪالرا لاء به گهڻو فائديمند آهي.

    هڪ هنڌ حڪيم محمد يوسف کتري لکيو آهي ته ليمي مان فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ليمي جو رس 250 ملي لٽر پاڻي ۾ ملائي هڪ چمچو کنڊ ملائي پيئڻ سان لا تعداد فائدا حاصل ڪري سگھجن ٿا ۔اوهان کي پڙهي اها حيرت ٿيندي ته موبائل جي ٽاورن مان نڪتل ميگنيٽڪ لهرن جي ڪري پيدا ٿيندڙ ڪينسر ۾ مٿئين طريقي سان ليمون پيئڻ ڪري اهي نقصان نه ٿيندا۔

    انکانسواء ليمون خوبصورتي ۽ نکار کي وڌائڻ جو به هڪ اهم ذريعو آهي. ان سلسلي ۾ محترمه رينا علي جي هڪ تحرير پيش آهي.
    [/justify]


    ليمون سونهن وڌائڻ لاءِ به ڪم اچي ٿو
    (رينا علي)

    [justify]قدرت اهڙيون بيشمار غذائون پيدا ڪيون آهن جن سان انسان ڪيترائي فائدا کڻي سگهي ٿو، ليمي جو شمار به اهڙين غذائن ۾ ئي ٿئي ٿو جيڪي قديم زماني کان پنهنجي غذائي ۽ شفائي اثرن جي بدولت تمام گهڻي اهميت جو حامل سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪيلشيم ، وٽامن سي، فاسفورس، حرارا ۽ ٻيون ضروري شيون گهڻي مقدار ۾ موجود هونديون آهن. ليمي جي استعمال سان ڪيترائي فائدا ٿين ٿا.

    پير جون کڙيون ڦاٽڻ: هڪ ليمي جو ڇلڪو پيهي وٺو، ان ۾ هڪ چانهه وارو چمچو گليسرين، هڪ چمچو عرق گلاب ۽ هڪ انچ ڊگهو ڪپڙا ڌوئڻ جو صابڻ جو ٽڪڙو مڪس ڪري ڪريم تيار ڪريو، رات جو سمهڻ کان اڳ پير جي ڦاٽل کڙين تي لڳايو ۽ صبح جو پير ڌوئي وٺو. ڪجهه ڏينهن ۾ ڦاٽل کڙيون صحيح ٿي وينديون.

    وارن جي چمڪ: رُکن وارن ۾ چمڪ پيدا ڪرڻ لاءِ مٿو ڌوئڻ کانپوءِ هڪ مگ پاڻي ۾ هڪ ليمي جو رس ملائي مٿي ۾ وجهڻ کان وارن ۾ چمڪ اچي ويندي آهي.

    نڪ جي ڪارن داڻن جو خاتمو: نڪ تي سٺي ڪولڊ ڪريم سان مساج ڪرڻ کانپوءِ ململ جي ڪپڙي سان ڪريم لاهيو، هاڻ ليمي جي رس واري ڇلڪي کي نڪ تي رڳڙيو ۽ ڪيل مهاسن کي هٿن جي مدد سان دٻائي ڪڍي ڇڏيو.

    پيرن تي ڪارا نشان: پير ڌوئڻ کانپوءِ هڪ ليمي کي ٻن ٽڪرن ۾ ڪٽيو ۽ جَوَ جو اٽو لڳائي پيرن جو مساج ڪريو جو ليمي جو رس پيرن ۾ جذب ٿي وڃي. 5 کان 8 منٽن کانپوءِ پير ڌوئي پيٽروليم جيلي لڳائي ڇڏيو.

    چهري جا نشان: گرمي جي موسم ۾ اُس کان چهري تي نشان پئجي ويندا آهن، ان لاءِ هڪ ليمي جي رس ۾ هڪ چانهه وارو چمچو ماکي ملائي ماسڪ تيار ڪريو ۽ 10 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو ۽ ان کانپوءِ چهرو ڌوئي ڇڏيو، نشان آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳندا.

    سڻڀي چمڙي جي صفائي: سڻڀي چمڙي لاءِ توهان هڪ ليمي جي رس ۾ هڪ کائڻ وارو چمچو بيسڻ ۽ 2 چانهه وارا چمچا عرق گلاب ملائي ماسڪ تيار ڪري منهن تي هڻو ۽ هڪ 2 منٽن کانپوءِ منهن ڌوئي وٺو.

    ڪنڌ جي صفائي: ڪنڌ اڪثر ڪارو هوندو آهي ان ڪري ان ڪاراڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ توهان هڪ ليمي جو ڇلڪو تقريبن اڌ ڪپ پاڻي ۾ اوٻاري ان کي ٿڌو ڪريو، هاڻ ان پاڻي ۾ 4 کائڻ وارا چمچا بيسڻ يا اوتري ئي مقدار ۾ جَوَ جو اٽو ۽ هڪ چٽڪي هئيڊ ملائي پيسٽ ٺاهيو، ان سان ڪنڌ جو مساج ڪريو ۽ پاڻي سان ڌوئڻ کانپوءِ ڪنهن ڪريم ۾ ڪجهه قطرا عرق گلاب ملائي لڳايو، اهو مساج هر هفتي ڪريو ان سان ڪنڌ جي ڪاراڻ ختم ٿيندي ويندي.

    ننهن جي چمڪ: ليمي جي رس واري ڇلڪي سان جنهن ۾ نمي موجود هجي ننهن جو مساج ڪريو، ننهن صاف ۽ چمڪدار ٿي ويندا.

    ڪارا چپ: هڪ کائڻ جو چمچو کير جي مـَلائي ۾ ليمي جي رس جا ڪجهه قطرا ۽ عرق گلاب جا ڪجهه قطرا ملائي چپن تي مساج ڪريو، خاص طور تي لپ اسٽڪ لاهڻ کانپوءِ اهو مساج ضرور ڪريو، ان سان چپ ڪارا نٿا ٿين.

    ٺونٺ ۽ گوڏو: ٺونٽن ۽ گوڏن جي صفائي لاءِ هڪ کائڻ وارو چمچو سوجي ۾ هڪ عدد ليمي جو عرق ۽ هڪ کائڻ وارو چمچو کير جي مـَلائي مڪس ڪري ڪريم ٺاهيو ۽ ان سان ٺونٺن ۽ گوڏن جو مساج ڪريو، ائين ڪرڻ سان ان ۾ موجود مير آساني سان نڪري ويندي.

    ملائم چمڙي: هڪ چمچو روغن بادام ۽ اڌ ليمي جو رس مڪس ڪري روزانو هٿن ۽ چهري جو مساج ڪريو، ان سان چمڙي نرم ملائم ۽ صاف رهندي.

    چمڙي جي صفائي: مڪئي ۽ جَوَ جو اٽو برابر مقدار ۾ وٺي ان ۾ ليمي جو رس ۽ عرق گلاب شامل ڪريو ۽ اهو روزانو هٿن، پيرن ۽ ڪنڌ تي لڳائي مساج ڪرڻ سان چمڙي صاف ٿي ويندي آهي.

    اکين جي هيٺان ڪارا داغ: ليمي جي ڇلڪن کي پيهي وٺو ۽ انهن ۾ روغن بادام يا پيٽروليم جيلي ملائي اکين جي چوڌاري لڳايو ۽ ڪجهه منٽ مساج ڪرڻ کانپوءِ ململ جي ڪپڙي کي عرق گلاب ۾ پسائي چهرو صاف ڪريو.

    جهريون ختم ڪرڻ: هڪ عدد ليمي جي رس ۾ هڪ کائڻ وارو چمچو ملتاني مٽي (ميٽ) ۽ هڪ چانهه وارو چمچو کير جي مـَلائي مڪس ڪري ماڪس تيار ڪريو ۽ چهري تي 5 منٽن تائين رهڻ ڏيو، پوءِ چهرو ڌوئي وٺو ۽ ڪا سٺي ڪريم لڳائي ڇڏيو.

    چهري تان سڻڀ ختم ڪرڻ: ميڪ اپ ڪرڻ کان اڳ چهري تي سڻڀ ختم ڪرڻ لاءِ ٿوري بيسڻ ۾ هڪ عدد ليمي جو رس مڪس ڪري ماسڪ تيار ڪريو ۽ ميڪ اپ ڪرڻ کان 15 منٽ اڳ انهيءَ ماسڪ کي پنج منٽن تائين هڻو ۽ پوءِ عرق گلاب لڳائي ميڪ اپ ڪريو. اهڙي طرح ميڪ اپ دير تائين قائم رهندو.
    [/justify]

    [​IMG][/img]

    [​IMG]
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ليمي جا فائدا

    ماشاء الله تمام محنت سان مضمون ڄوڙي ونڊ ڪيو اٿو ، ليمي جي ڳالھ ڪري جڻ منهنجي ڪمزوري مان فائدو ورتو اٿو ، يقينن ليمي سان گهڻو چاه اٿم ، دراصل گرم مزاج لا اها شي نهايت ڪارايتي آهي ۽ منهنجي طبيعت به ڪجه گرم واقع ٿي آهي ، تنهن ڪري ليمن جي شربت سان گهڻو فائدو ٿيندو آهي ، پر ليمي کي طبعي لحاظ سان مردن کي گهڻو واپرائڻ نه گهرجي۔
    اميد آهي ته اهڙيون قيمتي ونڊون وقت سر شئير ڪندا رهندا ، مهرباني
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ليمي جا فائدا

    مهرباني

    اوهان جنهن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي اها مونکي ڪٿي نظر ڪانه آئي۔ پوء به حڪيم عبدالقادر يا حڪيم محمد يوسف کتري يا وري حڪيم نثار ابڙو کي عرض ته مٿين ڳالهه تي روشني وجهن۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ليمي جا فائدا

    ليمي تي مفصل ليک جو ونڊ تمام ڪارائتو، معلوماتي ۽ قيمتي آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ سائين چوهاڻ صاحب جي ڳالهه به قابل غور آهي ۔۔۔ اهو معاملو ڪجهه نازڪ آهي، تحقيق ڪرڻي پوندي ۔۔۔ ممڪن ٿڌي تاثير سبب قوت باهه کي ٿڌو ڪندو هجي ۔۔۔ سياڻن جو چوڻ آهي ته؛ ٿڌو جي ٿي وڃي گرم ته پوءِ شدت سان ٿيندو آهي ۔۔۔ چوندا آهن سياري جي جهڪ وسي ته ٻوڙان ٻوڙ ۔۔۔۔

    باقي ته قدرت جو قانون آهي ته جيڪا به شئي استعمال ڪريو ته انجو استعمال وچٿرو هجي، نه گهڻو نه ٿورو ۔۔۔

    قدرتي کاڌ و خوراڪ جي سڀني شين ۾ شفا به آهي ته مرض به آهي ۔۔۔ انڪري استعمال سوچي سمجهي ڪجي ۔۔۔ هروڀرو ڏينهن رات ليمي جو پاڻي، ليمي جو آچار يا وري ٻوڙ ۾ ليمون وجهي پيئبو يا کائبو يا وري هر وقت ليمون منهن ۾ وجهي چوس چوسان هوندي ته ڪافي ڪم خراب ٿي سگهن ٿا ۔۔۔ ۽ جيڪڏهن مناسب مقدار ۾ استعمال ڪجي ته فائدو به ٿي سگهي ٿو ۔۔۔

    هر کاڌي پيتي جي شئي جا ٻه استعمال آهن؛
    1۔ بک يا اڃ مٽائڻ
    2۔ دوا جي طور

    انڪري جڏهن کاڌي پيتي لاءِ ڪا به شئي استعمال ڪجي ته وچٿري ڪجي ۔۔ حسب ضرورت
    ۽ جيڪڏهن دوا جي طور ڪجي ته به حسب ضرورت، اهڙي سوچ سان هر شئي مان فائدو وٺي سگهجي ٿو ۔۔۔

    ”حڪيم آهي رب جي ذات“، انسان ته بس عقل جو استعمال ڪري اشرف المخلوقات جو ثبوت ڏي ٿو ۔۔۔

    ادا سليمان اوهانجو ليک لکن ۾ هڪ آهي ۔۔۔ لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا ۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    ابراهيم لاشاري هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ليمي جا فائدا

    واهه ادا سليمان واهه
    تمام بهترين ادا
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ليمي جا فائدا

    سائين نثار مهرباني

    مطلب ته ڪم کي ڇڪي نه رکجي۔ باقي درميانو استعمال لازمي آهي ته فائديمند ئي رهندو۔ مونکي ياد آهي جڏهن ڳوٺ ۾ ڳڙ واري مٺائي ۽ ليمي جو شربت پيئندا هئاسون اهو به گرميء ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔

    هاڻي ته ان مٺائيء ۾ به سوڍا ملائي ڪم لاهي ڇڏيو اٿن ۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ليمي جا فائدا

    ادا سليمان ليمون هجي يا کٽِ ڪابه شي مردن جي لاء گهڻو استعمال نقصان ڪار آهي ابا چوندا آهين ته کٽي شي مردانگي قوت جي لاء نقصان ده هوندي آهي سو سائين افتخار اوهان کي اڳ ۾ ئي آگاه ڪري پهنجو بار لاهي ڇڏيو آهي پوء متا چئو ته سنگت ڪجه نه ٻڌايو ههههههههههههههههههههههههه
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ليمي جا فائدا

    اڙي يار ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان استعمال نه ڪجو

    پر يار پاڻ جڏهن به گرمين جي موسم ۾ ڳوٺ ويندا آهيون ته ليمي ۽ مٺائي واري شربت جو استعمال ضرور ڪندا آهيون۔ ٻيو ته اسان کي ادا بار بار حيدرآباد ٿوروئي وڃڻو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟؟
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ليمي جا فائدا

    هائو يار سليمان، هاڻ راز تان پردو کنيو اٿئي، اسين به ان ڳالهه تي پريشان هياسون ته نوجوان اصل ڦٽندا به ناهن ته شادي شادي ڪندا آهن ۽ اسانجو سليمان اڃان ڪنوارو ۔۔؟؟؟ لڳي ٿو ته ليمي جا شربت ڪجهه گهڻا پي ويو آهين ۔۔۔۔ ها ها هاها ههههه ۔۔۔۔ هاڻ زعفران پي ته ڪجهه اثر گهٽجي ۔۔۔ بابلا ۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن گرمي ڪم جي هوندي آهي ۔۔۔ سمجهندو ڪر راز جون ڳالهيون ۔۔۔ !!!!!
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ليمي جا فائدا

    ههههههههههههههههههههههه سائين اصل ڳاله اها ناهي اصل ڳاله اسان وارو يار خيرپور جو آهي سو اچي ڏوڪا ۽ گرم ڏنگ کاڌا اٿائين سو هاڻِ ڪنهن حڪيم ليمي جو ڏس ڏنو اٿس سو ٺڪاء اچي اسان سان شيئر ڪيائين مطلب ته جيڪا گرمي کجي پيدا ڪئي هئي ان کي ڳڙ ۽ ليمو ئي ٿڌو ڪري سگيهي ٿو سو بابا اسان وارو يار بها نهن سنخن تي پيو عمل ڪري بابا باقي اوهان حيدر آباد نه وڃون اسان پاڻ اچون پيا مالڪي ڪرڻ لاء ههههههههههههههههههههه
     
  11. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ليمون جا طبي فائدا

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    الله تعالي جون سموريون نعمتون انسانن ۽ جاندارن لاءَ لاتعداد آهن جن جو ڪو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهي الله تعالي هن ڪره ارض تي هزارين قسمن جا ميوا وڻ ٽرڻ ٻوٽا وجود ۾ آڻي انسان ۽ جاندارن جي غذائي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءَ آساني پيدا فرمائي جن منجهان ليمون جو ميوو به هڪ زبردست کٽن ميوون ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو کٽن ميون۾ مالٽو گريپ فروٽ سنگتڙو چڪوترا ۽ ليمون اچي وڃن ٿا کٽن ميون ڏي ڏسبو ته هنن جي ابتدا ملڪ چين يا آسام جي جابلو علائقن منجهان ٿي آهي جتان عرب واپارين ۽ پورچوگيز واپارين ان کي وچ اوڀر آفريڪا يورپ آمريڪا تائين هن ميوي جي رسائي ٿي دنيا ۾ هن وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ کٽن ميون جي پيدا وار ٿئي ٿي انهن ۾ جپان مصر اٽلي چين آمريڪا انڊيا برازيل اسپين آسٽريليا لبنان ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ کٽن ميون ۾ مالٽي ۽ ليمون جي پيداوار هنن علائقن ۾ زبردست نموني ٿئي ٿي جن ۾ لاهور ملتان پشاور بهاولپور سرگودها راولپنڊي کان علاوه سونهاري سرزمين سنڌ ۾ ڪنڊيارو خيرپور ٺاروشاهه بينظير آباد نوشهروفيروزسانگهڙ لاڙڪاڻو حيدرآباد ۾ ٿين ٿا ليمون سنڌ جي گرم نيم گرم ۽ خشڪ آبهوا ۾ جهجهي مقدار ۾ ٿئي ٿو ليمي جو تعلق رس دار ميوي جي خاندان سان آهي جنهن منجهه کٽان جو اثر جهجهي انداز ۾ هوندو آهي هن کٽي ميوي جو رس دار ميون ۾ ٽيون نمبر آهي ان لاءَ هن جي طبي فائدن هجڻ ڪري هن جو استمال عام زندگي ۾ تمام گهڻي انداز سان ڪيو وڃي ٿو ليمي کي انگريزي زبان ۾ ( ليمن ) ڪري سڏيندا آهن ليمون هڪ سدابهار ميوو (ٻوٽو) آهي جيڪو ٻارهن مهينا سال جا ميوو ڏيندو رهندو آهي ۽ سڄو سال سائو ئي رهندو آهي هي کٽو ميوو آهي هن جو جوس شربت به ٺاهيو ويندو آهي هن شربت کي ٻار ٻڍا وڏي شوق سان واپرائيندا آهن پاڻي ۾ ليمي جو رس ۽ کنڊ ملائي شربت تيار ڪيو ويندو آهي جنهن کي ( شڪنجين ) چيو ويندو آهي گرمي جي موسم ۾ هن جو شربت نهايت صحت لاءَ مفيد آهي جسم ۾ لوڻيات پاڻياٺ جي ضرورت ڪافي حد تائين پوري ڪندو آهي شربت کان علاوه ليمون جو استعمال کاڌن کي کٽو ڪرڻ لاءَ ليمون جو رس ڪڍي انهن منجهه وڌو ويندو آهي ٻيو وري ليمون ڪيڪ بسڪيٽ ۽ پڊنگ ۾ ليمن فليور طور به شامل ڪيو ويندو آهي ڪيترا دواساز ڪمپني به ليمن فليور شربت کٽمٽڙا به تيار ڪري پنهنجو ڪارو بار ۾ ليمي کي استعمال ڪندا آهن ليمي جي رس کان علاوه هن جا پن به پڻ ڪارائتا آهن ڇو جو هن جي پنن کي عام طور تي چانهه ٺاهڻ ۽ سامونڊي کاڌن تيار ڪرڻ ۾ فليور طور استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي ليمي ۾ وٽامن ( سي ) وڏي مقدار ۾ هوندي آهي جيڪا هاضمي واري نظام ۾ موثر ڪردار آدا ڪندي آهي ليمون جسم ۾ رت صاف ڪري فاسد (خراب) نقصانڪار جراثيمن کي خارج ڪندو آهي ۽ جسماني صلاحيتن کي وڌائيندو رهندو آهي جسم تي خارش يا ڏندن جي مهارن منجهان رت خارج ٿيڻ ۽ جسم زخمي ٿيڻ بعد ليمون جو رس نهايت مفيد آهي ڇو جو ليمي ۾ وٽامن ( سي )جهجهي هوندي آهي انسان گڏ وٽامن (بي ) به شامل هوندي آهي جيڪا جسم۾ پيدا ٿيل تيزابيت کي جلدي ختم پڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ليمي ۾ الله تعالي اهڙي ته خصوصيت رکي آهي جو ڪنهن به انسان يا جاندار جي جسم منجهان رت وهڻ بند نه ٿئي ته ليمي جو رس لڳائڻ سان سندس رت بند ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن انسان کي نڪ وسيلي رت اچي يعني نڪير ته هڪ ٻه ليمي جي رس جا ٽيپا لڳائڻ سان رت وهڻ پڻ بند تي ويندو ليمي ۾ جسم ۾ لڳل جراثيم وائرس يا انفيڪشن ختم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت هوندي آهي ليمي ۾ قدرتي اهيا به صلاحيت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهون کي گردن تا مثاني ۾ پٿريون هجن ته انهن پٿرين کي اندر اندر ڳاري ننڍا ننڍا ذرڙا ڪري ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ گڙدي جي انفيڪشن کي ختم ڪرڻ لاءَ به مفيد هوندو آهي ليمي ۾ پوٽاشيم جو مقدار به چڱو هوندو آهي جنهن لاءَ دل جي مرض لاءَ ته ليمو ڄڻ قدرتي طاقت جي اهميت رکي ٿو دل لاءِ به ليمو نهايت زبردست فائدي مند هوندو آهي ٻيو ته قدرت واري هن ليمي ۾ زبردست نهايت وڻندڙ خوشبو اهڙي ته رکي آهي جو مکي مڇر ۽ ڪيڙا ماڪوڙا هن جي ويجهو به نه ايندا آهن جيڪڏهن نيم گرم پاڻي ۾ ليمي جو رس ملائي پئجي ته معدي جي تيزابيت به ختم ڪري ڇڏيندو آهي ليمون زڪام جي بيماري به ختم ڪرڻ ۾ نهايت مفيد آهي باقي تازا ليمن جو رس پاڻي ۾ ملائي شربت پئڻ سان بواسير گردن جي پٿري ۽ سوسيل رڳن جي بيماري ۾ نهايت اهميت جو حامل هوندو آهي ليمي جو شربت جسم ۾ فوري طور اثر ڪري فالتو چرٻي کي آهستي آهستي ختم پيو ڪندو آهي سڄي دينا ۾ ليمن جي پيداوار جي ڀيٽ ۾ انڊيا پهريون نمبر ميڪسيڪو ٻيو نمبر ارجنٽينا ٽيون نمبر چين ملڪ ڇوٿون نمبر ۽ برازيل پنجي نمبر تي ٻڌايا پيا وڃناڄ ڪلهه ليمن پائوڊر لوڻ سان ملائي ليمي جي رس سان ٿانو صاف ڪيا ٿا وڃن سونهاري سنڌ ۾ ليمن جو فصل گرم نيم گرم ۽ خشڪ آبهوا ۾ ٿئي ٿو ليمي جا چار قسم جو ٿيندو آهي انهن منجهه (يوريڪا ) لزبن (ولافزنڪا ) ۽ ميئر وغيره يوريڪا جي ميوي جو رنگ پچڻ کان پوءِ پيلو ۽ اڀريل ڊگيون گهاريون ٿينديون اٿس شڪل ۾ بيضوي يا ڊگهريڙي رسدار ۽ پيداوار في وڻ ڏيڊ من لهي ٿو ليمي ۾ کٽاڻ 4.48 سيڪڙو۽ مٺاڻ 0.8 سيڪڙو ٿئي ٿو باقي ليمي جي جنس لزبن جو رنگ تيار ٿيڻ مهل پيلو ڇلڪو هموار ۽ سنهو جسامت وچولي رس ۾ ته ڀريو پيو هوندو آهي هم ۾ مٺاڻ 7.0 سيڪڙو ۽ کٽاڻ 5.0 سيڪڙو ٿئي ٿي ولافزينڪا جنس يوريڪا سان مشاهبت رکي ٿو ميئر وري جنس رسدار کٽاڻ وچولي شڪل به ڊگهري ٿيندي اٿس ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو