سنڌ جي سڄڻن ڏانهن
عبدالوحيد ڪٽپر
روزانه عوامي آواز تان ورتل
عبدالوحيد ڪٽپر
مڃيوسي ته سنڌ اندر ٻيون جيڪي به ننڍيون وڏيون سياسي پارٽيون ۽ تنظيمون آهن، اهي سنڌ ۽ سنڌين خاطر صحيح معنيٰ ۾ ۽ صحيح طريقي سان عمل ڪونه ٿيون ڪن.
اهو مفروضو ڌيان۾ رکي پوءِ سوال ٿو اُٿي ته ڀلا جيڪڏهن ٻيون پارٽيون سنڌ ساڻ ۽ سنڌين ساڻ واقعي سچيون نه آهن ته پوءِ هي سنڌ جون ترقي پسند پارٽيون جن جي صبح ۽ شام اها دعويٰ آهي ته اهي ماڻهون ۽ انهن ئي پارٽين جا عهديدار توڙي ميمبر جڏهن سنڌ ۽ سنڌين خاطر جان فشاني ڪندا ٿا اچن، انهن کي آخر ڪنهن جهليو آ ته اوهان سڀئي گڏجي هڪڙي طاقتور پارٽي ٺاهيو؟
اوهان جيڪڏهن سڄي هٿ جي پنجن ئي آڱرين کي ڌار ڌار ۽ هڪ هڪ ڪري ڪنهن به سخت شئي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو ته نتيجي ۾ هر هڪ آڱر اڪيلي سر لڳڻ ساڻ ڀڄي ۽ ٽٽي پوندي. پر جيڪڏهن انهن پنجن ئي آڱرين کي مضبوطي سان گڏي هڪڙو ٺونشو ٺاهيو ته پوءِ ڏسو ته اهو ٺونشو ڇاڇا نه ٿو ڪري ڏيکاري؟.
مان وڏي ادب ساڻ عرض ڪندس ته سائين منهنجا، جڏهن توهان صاحبن جو پروگرام توڙي ايجنڊا اهائي ساڳي ۽ هڪڙي قسم جي آ، يعني سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي ۽ بهبود ۽ سندن حقن جي حفاظت، جيڪا ته عرصو ٿي ويو ته ڏاڍي ٿي وئي آهي ۽ باقي وڃي ڀلائي ۽ بهبود رهيو آهي، ته پوءِ انهيءَ ساڳئي ايجنڊا هوندي، اوهان ايتريون ساريون پارٽيون گڏ ٿي هڪڙي پارٽي ڇو نه ٿا ٺاهيو ۽ ڇو نه ٿا هڪڙو آواز اٿاري ڪو پڙاڏو پيدا ڪيو.
اوهان وٽ بهترين مقرر ۽ تقريرون ڪندڙ، بهترين انگن اکرن ساڻ ڳالهائڻ وارا بهترين پڙهيل ڳڙهيل ۽ علم رکندڙ بهترين تاريخ دان ۽ بهترين سياسي علم ڄاڻندڙ وڏي انداز ۾ موجود آهن، اوهان وٽ وڏا وڏا دلير ۽ بهادر شخص پڻ موجود آهن، جيڪي پهاڙن ساڻ ٽڪر کائي ڄاڻن، اوهان وٽ اهي به ماڻهو آهن، جن کي ڀٽائي جو سمورو رسالو برزبان ياد آهي، جنهن کي سائين جي ايم سيد ”اڌقرآن“ جي نالي ساڻ ياد ڪندو هيو. اوهان وٽ سياسي ڄاڻ رکندڙ ۽ قابل قابل وڪيل موجود آهن، اوهان وٽ چوويهه ئي ڪلاڪ ڪم ڪرڻ وارا ورڪر پڻ موجود آهن، جيڪي جهنگ جهرتوڙي برپٽن ۾ وڃن ٿا ۽ اتي وڃي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا به ”دير مدار ڪو نه ٿا ڪن“ اوهان وٽ اهڙا ورڪر به آهن، جيڪي ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين ۾ وڃي ڪم ڪندا ٿا رهن.
قصو کٽائڻو ته اوهان وٽ ڪنهن به قسم جي سياسي عقل مندن جي ڪا به کوت ڪانهي ته پوءِ جڏهن تمنا هڪڙي آهي، عشق هڪڙو ۽ ساڳيو آهي ته پوءِ سنڌ جي ڀلائي واري سفر ۾ هم شريڪ ڇو نه ٿا ٿيو ؟ ۽ هڪڙي نئين پارٽي ڇو نه ٿا ٺاهيو؟، جڏهن توهان صاحبان هڪ ٻئي جي مخالف سياسي نظريا به ڪونه ٿا رکو ته پوءِ گڏجي ويهي ڪا وڏي ميٽگ سڏائي، هڪڙي پارٽي ۽ هڪڙو منشورڇو نه ٿا تيار ڪيو، معاف ڪندا پر اوهان صاحبن جي الڳ الڳ هجڻ جي ڪري ئي جيڪي سنڌ ۾ تاريخ 14 جولاءِ تي حالتون ٿيون ۽ سڄي سنڌ ۾ هوءُ جو عالم بڻجي ويو ۽ سنڌ دشمن ميڊيا وارن وڄائي وڄائي سنڌين ساڻ دشمني ملهائي اُها اوهان به ٻڌي ۽ ڏٺي ۽ اسان پارن گنهگارن به ٻڌي ۽ ڏٺي.
هاڻي افسوس ڪرڻ سان يا ليکن لکڻ منجهئون ڪجهه ڀي ڪونه ورندو.
هاڻي ثابت ٿي ويو ته اسان سنڌي، جيڪي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جا وارث ۽ سنڌ ۾ اڪثريت رکنداهياسي. سا ڳالهه گذري وئي ۽ هاڻي اسان سنڌي ڦري اقليت ۾ اچي ويا آهيون. هاڻي اڳي وانگر رڳا سنڌي هتي ڪو نه ٿا رهن.
هاڻي پنجابي، رياستي، بنگالي، برمي، هندوستان کنئون آيل ڌار ڌار صوبن ۽ڌار ڌار ٻولين ڳالهائڻ وارا پٺاڻ، ڪشميري، بلتن، گلگت، سرحدي، هزارا، نيازي ۽ وينڌي ايراني ۽ پارسي،هندو، عيسائي وغيره ٿا رهن ۽ هاڻي اها سنڌين واري اڪثريت ڪا نه رهي آهي، زميني حقيقت ته اها آهي ۽ وڏن وڏن شهرن ۾ سنڌي ڪا به طاقت ڪو نه ٿا رکن. هاڻي طاقت ۾، علم ۾، سرڪاري نوڪرين ۾، واپار ۾ ۽ ڪارخانن وغيره ۾ اسان سنڌي اڪثريت ۾ ناهيون، اهڙين حالتن هيٺ نهايت ضروري ٿو ٿئي ته هاڻي سنڌ جون ترقي پسند پارٽيون، جن کي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ دل ۾ درد آهي، اهي پاڻ ۾ گڏجي يڪ مشت ٿين ۽ پوءِ شايد سنڌين لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهن. پر هنن تازين حالتن کان پوءِ اڃان به جيڪڏهن سنڌ جا ترقي پسند گڏجي هڪڙي، مضبوط ۽فعال پارٽي نه ٺاهيندا ته پوءِ اڳتي هلي تتاريخ کين ڏوراپو ڏيڻ ۾ ڪا به دير ڪا نه ڪندي ۽ اڄ کان پوءِ جو سنڌي مجبور ٿي چوندو ته، ”هاءِ اسان جو ڪو به ڀرجهلو پيدا نه ٿيو“ ۽ پوءِ اسان سنڌي ايترو ته پٺتي ڌڪجي وينداسي جنهن جو اوهان تصور ڀي ڪري ڪو نه ٿا سگهو.
جڏهن سنڌين کنئون، تعليم، هنر، روزگار ۽ واپار وغيره کسيو ويندو ۽ مڪمل کسيو ويندو، هاڻي ته رڳو شروعات آهي ته پوءِ سنڌي وتندا گهٽين منجهئون ڪاڳر ميڙيندا. هاڻي جيڪا پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ۽ هايرجي سرڪاري حالت آهي، اها ڪا ڳجهي ڳالهه ته ڪانهي، اکين ساڻ پيا ٿا ڏسو ته ڇا پيو ٿئي.
خدارا اک پٽيو ۽ جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌين ساڻ واقعي سچي محبت ٿا رکو ته پوءِ هڪڙي ئي پليٽ فارم تي اٿي بيهي، هڪڙي ئي طاقتور پارٽي ٺاهي اٿو ته پوءِ اوهان سنڌ ۽ سنڌين جي تقدير ئي بدلائي سگهندوءُ ۽ ڪاميابيون اوهان جا قدم چمنديون، پر جيڪڏهن گڏ نه ٿا ٿيو ته پوءِ هن ملڪ جي مسڪين ماروئڙن ۽ سانگئڙ جو خدا حافظ.
جيڪڏهن ڪو ڏکيو لفظ لڳو هجي ته مهرباني ڪري معاف ڪندا، ڇو جو مان ڪو اليڊر ناهيان ۽ نه ڪو سياسي مفڪر، جو ويهي سقراط وانگر وڏي وڏي عقل جون ڳالهيون ڪيان، جنهن چيو هو ته
”اي منهنجا مولا، مون کي منهن جن دوستن کنئون پناهه ڏي“، باقي مان پنهنجن دشمنن ساڻ پاڻ منهن ڏيڻ ڄاڻان“
انهي حساب ساڻ عرض آهي ته منهن جو نماڻون ته

” مون کي دشمنن نه ماريو، مون کي دوستن آ ماريو،
مونکي رهزنن نه ماريو، مون کي رهبرن آ ماريو“.