[JUSTIFY]دوستن خاص ڪري موٽر سائڪل هلائڻ وارن جي اها شڪايت هئي ته گرمي جي موسم ۾ ٽانڪي گرم ٿيڻ ڪري موٽر سائيڪل تي سواري ڪندي حالت خراب ٿي وڃي ٿي۔ آخرڪار دوستن جي فرمائش پوري ڪرڻ لاء خاص قسم جي بائيڪ تيار ڪرائي آهي ۽ اها به مڪلمل ڪاٺ جي ٺهيل۔ دوستن لاء ۽ خاص ڪري سنڌ سلامت جي دوستن لاء حاضر آهي:[/JUSTIFY]
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) ادا سليمان زبردست سليڪشن آهي توهان جي ۽ ڪٿان ٿا آڻيو اهڙيون سليڪشن واه ادا واه۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) جهڙي طرح سان عام مهانگائي ۽ پئٽرول مهانگو ٿيندو وڃي ته ڪجهه سالن کانپو بائيڪ جا شوقين اهڙيون ئي بائيڪس ٺهرائي انهن تي گل وجهي يادگيريون تازيون ڪندا ۔۔۔۔ ٻيو ڇا ۔۔۔؟ واه سائين، سٺو آهي مستقبل جو ڪم هاڻي کان ئي شروع ڪيو اٿوَ ۔۔۔۔ لک ٿورا
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم، توهان جي بڻيل ڪاٺ جي موٽر سائيڪل هن وقت جي حالتن ۽ ضرورت جي مطابق آهي۔ٿورڙي پريشاني جيڪي اسان کي محسوس ٿئي رهئي آهي ته اها موٽر سائڪيل هلندي ڪيئن۔ پينڍلن سان يا ڌڪي سان مهرباني ڪري ان ڳاله جي وضاحت ڪندا ته توهان جي مهرباني ٿيندي۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) ادا مهرباني بس ادا دوستن لاء ڪجهه جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي۔ حوصلا افزائي ۽ پسنديدگي لاء مهربانيون
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) واه ادا واه تمام سٺي ونڊ کڻي آهيان اهيو مهرباني ادا
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) واهه واهه اهڙيون موٽر سائيڪلون ادا سليمان وساڻ کانسوا ٻي ڪٿي هُجن يا نه هُجن پر اسان جي جهوني انٽرنيشنل فقير دلبر علي علي وٽ ضرور هونديون ڇو ته هُو ون ٽو ڪا فور ڪرڻ جو ماهر آهي جيئن ته ادا سليمان وساڻ سنڌ سلامت جو مينيجنگ ايڊيٽر آهي مطلب ته آفيسر بڪار خاص خزانو وٽ انهن موٽر سائيڪلن جي جيڪا پراپرٽي آهي سا سنڌ سلامت جو قومي خزانو آهي ان کان انهن موٽر سائيڪلن مان هڪڙي موٽر سائيڪل وٺڻ قومي خزاني کي نقصان جي مترادف آهي ان ڪري جهوني علي علي وٽ جيڪڏهن اهڙي قسمن جون موٽر سائيڪلون هُجن ۽ لازمي هونديون ڇو ته اهڙين موٽر سائيڪلن تي چڙهي سندس نيڪ مائي نيڪ بابا جون صدائون تمام سُٺيون لڳنديون آهن هر انٽرنيشل مخير ماڻهو کيس جام ساري خيرات ڏيندا هوندا، جيئن ته رمضان شريف جو مهينو اچي پيو ان ڪري علي علي کي گُذارش آهي ته پنهنجي اهڙين موٽر سائيڪلن مان هڪڙي موٽر سائيڪل مون ڏي پارسل ڪري موڪلي ته جيئن مان هيلوڪو رمضان شريف ٺٺ سان نيڪ بابا نيڪ مائي جو صدائون لڳائي ڪمائي سگهان ۔ سليمان وساڻ جون مهربانيون جو اهڙين خوبصورت موٽر سائيڪلن جو ديدار ڪرايو اٿن۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر سائين نثار ڪاٺ جو ريٽ هاڻي لوهه کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي۔۔۔۔ پر پوء به شوق جو ڪو ملهه ناهي۔ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست وٽ وڃڻ ٿيو ته سندس ڪمري جو فرش ڪاٺ جو هو ۽ خبر پئي ته اهو فرش ٽائلز يا ماربل کان به مهانگو آهي۔ ..................................... سائين مهرباني اڃان ته هي تجربن جي مرحلن مان پئي گذري ۽ ڌڪي تي پئي هلي۔۔۔۔ پر دنيا جي ترقي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته جلد هي به تيز رفتار سان هلندي۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) واه ادا واه توهان جي ته ڇا ڳالهه ڪجي توهان ته جيڏي مهل به سنڌ سلامت فورم تي کڻي ايندا آهيو ته ڪا نئين ۽ سٺي ونڊ کڻي شامل ٿيندا آهيو۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) مهرباني ڀاء فاروق سنڌ سلامت جي دوستن ۽ ڀائرن لاء سٺي شيئرنگ ڪندي خوشي ٿيندي آهي۔ ..................................... مهرباني عاشقن جي
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) ادا اهي ٽئينڪيون گرم ٿين ٿيون ته گاڏيون به هلن ٿيون۔ هي ٿڌيون ٽئنڪيون نه ڪو هلن۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) سائين نثار ناز سلام لک ٿورا اوهان هيڏا ڪمينٽ ڪيا آهن پر جهونو علي علي اڄڪلهه ڪنهن ٻئي عشق ۾ آهي تنهنڪري اسان ۽ اوهان تي نظر ئي ڪانه ٿي پويس۔ باقي جي چئو ته اسان حاضر آهيون۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) ]واه سائين واه ۔۔۔۔۔۔۔ سائين اسان جهونن وٽ سچ ۾ اهڙيون موٽر سائيڪلون آهين پر آهين ادي سليمان جي شورم جون ورتل ادو سليمان به ته هڻ کڻ مستري آهي جو اهڙيون شآندرا موٽر سايڪلون ٺاهي سنڌ سلامت جي ميمبرن لاء پيش ڪيون اٿائين ۔۔۔۔۔ ادا يار مطلب ته هاڻي ادي سليمان جو نالو هڻ کڻ مستري آهي ۔۔۔۔واه ادا واه ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: فرمائشي موٽر سائيڪل (سنڌ سلامت جي دوستن لاء) مهرباني ادا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سچ ته دوستن جي حوصلا افزائي اسان کي اها ترغيب ڏيندي آهي ته سٺيون شيون ڳولهي دوستن سان شيئر ڪيون۔