پرائمري اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين ٻارن کي پنهنجي مستقبل جي صحيح سِمت جو تَعيّن ڪرڻ ۾ پريشاني به هڪ اهم مسئلو آهي. جنهن تي ٽيڪا ٽِپڻي ڪرڻ جي ضرورت آهي. والدين هميشه اولاد جي بهترين نشونما ۽ تربيت کي ترجيح ڏين ٿا ۽ ٻار جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڪري ئي سندس روشن مستقبل لاء ڪيئي اُميدون وابسته ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪو بهرحال هڪ فطري جذبو آهي. اِهو ته سڀ ٺيڪ آهي، پرهت ڪجھه سوال اُڀرن ٿا، ته آخر اُنهن والدين سندن اولاد جي مستقبل لاء ڇاڇا سوچيو آهي؟ ۽ پنهنجي ٻارن کي ان باري ۾ ڪيتري آگاهي ڏني آهي؟۽ ڇا اُهي ٻار سندن اُن معيار تي ذهني ۽ جسماني طور تي پورا لهي سگھندا؟ يا ٻار ۾ ڪا ٻي اهڙي فطري ۽ تخليقي صلاحيت موجود آهي جيڪا شايد اڳتي هلي سندس بهترين مستقبل جي ذريعو بڻجي. جيئن اسانجي معاشري ۾ ڪجھه والدين ته ٻار جي دنيا ۾ اچڻ ساڻ ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏياندا آهن ته هي ته وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندو، انجينيئر ٿيندو. ڇا اهو رُجحان صحيح آهي؟ حقيقت ۾ ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ تائين ٻار پنهنجي پڙهائيءَ ۽ ٻين مَن مستين ۾ ايترو ته مصروف رهي ٿو جو کيس پنهنجي مستقبل جي باري ۾ سوچڻ جو وقت ئي نه ٿو ملي. ان سڄي عرصي دءوران والدين ئي ٻار جي تخليقي صلاحيتن ۽ دلچسپين کي ڳولي ٻاهر آڻڻ کان وٺي ڪري کين انهن صلاحيتن جي متعلق نقصانن ۽ فائدن بابت آگاهي ڏيئي سگھن ٿا. ڳالهه کي وڌيڪ آسان ڪرڻ لاء ائين کڻي چئجي ته والدين کي ان ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گھرجي ته ٻار جي ذاتي دلچسپي ڪهڙن ڪمن ۾ آهي. مثال جي طور تي ڪيترائي ٻار ڊرائنگ جا شوقين هوندا آهن. ڪا نه ڪا شيء ويٺا ٺاهيندا ۽ پيا اُن ۾ رنگ ڀريندا آهن. اِها ٻار ۾ موجود هڪ فطري صلاحيت آهي. گھڻي قدر ته اهڙين شين لاء والدين ٻار کي پيا دڙڪيندا آهن.جيڪو صحيح نه آهي. نصابي سرگرمين سان گڏو گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ به ٻارن کي همٿائڻ ضروري آهي.ٿي سگھي ٿو اهي قدرتي طور ٻارن ۾ موجود صلاحيتون اڳتي هلي سندن روشن مستقبل ۽ بهترين معاشي ذريعي جو ڪارڻ بڻجن. مثال جي طور تي جڳ مشهور ڀارتي پينٽر ايم.ايف حسين جيڪو روزگار جي تلاش ۾ گھران نڪتو ۽ بمبئيء ۾ اچي ڀٽڪندو رهيو،ان دوران ئي سندس لڪيل پينٽر ٻاهر آيو ۽ آخرڪار پينٽنگ ئي سندس روزگار بڻجي ويئي.مرڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ ئي سندس پندرنهن نمونا 1.6 ملين ڊالرن ۾ نيلام ٿيا. ته اها هئي سندس فطري ۽ تخليقي صلاحيت جنهن سان هن پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو ۽ کيس ڀارت جي پڪاسو جو لقب ڏنو ويو. هڪ ٻيو مثال چوڏهن سالن جي اويناش جو آهي جنهن سوڍا جي ٽِن وارن دَٻَن ۽ ٻئي ننڍڙي سازو سامان کي ملائي هڪ گھريلو بيٽري ٺاهي جنهن ۾ 2.24 وولٽ جي ايل. اِي. ڊِي لائٽ ٻارڻ جي صلاحيت هئي. سندس ان ڪارنامي کي نيشنل جيوگرافي وارن پنهنجي ويب سائيٽ تان پوري دنيا کي ڏيکاري سندس هِمّت افزائي ڪئي. هاڻ اِن ٻار جي مستقبل جو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو ٻار ڪنهن راند ۾ دلچسپي رکي ٿو، مثال جي طور تي ڪرڪيٽ،هاڪي، بيڊ منٽن،ٽيبل ٽينس فٽ بال ۽ جمناسٽڪ وغيره ته اهڙن ٻارن کي راند کيڏڻ کان منع نه ڪيو وڃي پر سندن ان وِندر لاء هڪ وقت مقرر ڪيو وڃي ته جيئن هو پهنجو شوق پورو ڪري سگھن.ڇاڪاڻ جو اڄڪلهه رانديون تفريح، ذهني ۽ جسماني مشق هجڻ سان گڏوگڏ پيٽ پالڻ جو بهترين ذريعو پڻ بڻجي چڪيون آهن. هي ته ڪجھه مثال هئا پر جيڪڏهن اوسي پاسي ڏانهن نظر ڦيرائجي ته ڪيترائي اهڙا ٻار ملندا جن ۾ ڪو نه ڪو ڪارنامو ڪري ڏيکارڻ جي صلاحيت موجود آهي، جن کي عام طور تي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته ڪيترن ئي والدين جي ذهنن ۾ اهو خيال هوندو آهي ته اسانجو ٻار پاڻ ئي پنهنجي دلچسپي مطابق پنهنجي مستقبل لاء ڪو نه ڪو رستو ڳولي وٺندو. اسين کيس ڪنهن به ڳالهه لاء زور نه ڀرينداسين. ڪجھه والدين وري اهو سوچين ٿا ته ٻار کي جيسيتائين سندن ڪيريئر جي باري ۾ صحيح رهنمائي ۽ آگاهي نه ڏني وئي ته ٿي سگھي ٿو ته ٻار سورنهن کان اڙهن سالن جي ٽِين اَيج ۾ ڪو به غلط فيصلو نه ڪري ويهي.اهو به هڪ ڊگھو بحث آهي جنهن تي هڪ امريڪي ريسرچ ۾ ڪيل ووٽنگ دوران انهن والدين جو انگ وڌيڪ هو جيڪي پنهنجي ٻار جي صحيح ڪيريئر چونڊڻ لاء سندس مدد ڪرڻ جي حمايت ۾ هئا. نوجوانن جي بهترين مستقبل جي رٿابندي لاء جيڪڏهن ڪجھه اهم بنيادي اصولن کي سامهون رکي فيصلا ڪيا وڃن ته ٻارن کي گھڻي حد تائين مدد ملي سگھي ٿي.هي چند اصول نه صرف والدين لاء غور طلب آهن پر انهن نوجوانن لاء به ڪارگر ثابت ٿي سگھن ٿا جيڪي ان ٻُڏ تَر جو شڪار آهن ته آخر ڇا ڪرڻ گھرجي. انهن مان پهريون اصول آهي خود اعتماديSelf Awareness يا ذهني جاڳرتا.جيسيتائين پاڻ ۾ خود اعتمادي موجود نه آهي ۽ پنهنجي شخصيت جي ڪمزور ۽ مضبوط پهلوئن ، پنهنجي قابليت ۽ دلچسپين جي باري ۾ ڄاڻ نه آهي تيسيتائين ڪنهن حتمي فيصلي تائين پهچڻ مشڪل آهي.ان سان نه صرف بهترين مستقبل ڳولڻ ۾ مدد ملي ٿي پر اڳتي هلي پروفيشنل زندگيء ۾ مختلف نوڪرين جي انٽرويو ڏيڻ تائين به خود اعتمادي ڪاميابي جو ڪارڻ بڻجي ٿي. هڪ ٻيو اصول آهي موقعي جي تلاش Opportunity Awareness . هڪ دفعو جڏهن پاڻ ۾ خود اعتمادي اچي ويئي ۽ پاڻ ۾ موجود لڪيل صلاحيتن جي ڄاڻ پئجي ويئي ته پوء آهي پنهنجي ان قابليت کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاء موقعن جي تلاش.اڄڪلهه ته انٽرنيٽ جو دور آهي ، ۽ گوگل سرچ انجن تي سڄي دنيا جي ڄاڻ موجود آهي. انڪري پنهننجي شوق ۽ دلچسپي مطابق معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ان جي باري ۾ موقعا تلاش ڪرڻ تمام آسان ٿي ويو آهي.ان کان علاوه پنهننجي شهر ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف ڪمپنين جي سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ سان پڻ مختلف شعبن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪري سگھجي ٿي. والدين جي رهنمائي Parent’s Guidance هڪ ٻيو اهم اصول آهي.ٻار جي قابليتن ۽ دلچسپين کي مدِّ نظر رکندي والدين جو اهو فرض آهي ته جڏهن ٻار موقعي جي تلاش ۾ نڪري ٿو ۽ پنهنجي آڏو ڪيترائي ڏکيا پيچرا ڏسي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ کان گھٻرائي ٿو ته اُن موقعي تي والدين ئي ٻار جي رهنمائي ڪرڻ ۽ صحيح رستو ڏيکارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا. انکانپوء آهي فيصلو ڪرڻ جو وقت Decision Making. پنهنجي اهليت، قابليت، دلچسپين ۽ هنر مطابق مارڪيٽ ۾ موجود مختلف موقعن جي ڳولا ڪرڻ ۽ انجي باري ۾ ان شعبي سان تعلق رکندڙ دوستن کان پوري ڄاڻ وٺڻ ۽ مٽن مائٽن سان صلاح ڪرڻ کانپوء وقت آهي ان شعبي جي باري ۾ حتمي فيصلي ڪرڻ جو.هن موقعي تي ڇاڪاڻ جو هر شئي واضح ٿي ويئي تنهنڪري هاڻي فيصلي ڪرڻ ۾ به آساني آهي. انهن مڙني مرحلن مان گذرڻ کانپوء آخري مرحلو آهي پنهنجي اُن فيصلي کي عملي شڪل ڏيڻ.پنهنجي منتخب ڪيل شعبي سان تعلق رکندڙ مختلف ڪمپنين جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان وٺي مختلف اخبارن ۾ ايندڙ اشتهارن ۽ درخواستون ۽ انٽرويو ڏيڻ لاء پاڻ کي هر وقت تيار رکڻ. اڄڪلهه ته ڪيترائي ادارا انٽرنيٽ جي ذريعي پنهنجي ويب سائيٽس تي ئي نوڪرين جا اشتهار ڏين پيا، انڪري ڪيريئر پلاننگ لاء انٽرنيٽ جو استعمال ڪرڻ سان پڻ ڪيترائي دروازا کُليو پَوَن. هن ليک جو اصل مقصد والدين ۽ انهن نوجوانن کي آگاهي ڏيڻ آهي جيڪي اڃا تائين اهو ئي سمجھن ٿا ته اسان وٽ صرف انجينيئرن، ڊاڪٽرن ۽ بزنيس مينيجمينٽ پروفيشنلز جو ئي قدر آهي. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي.اهڙا والدين جيڪي هن معاشري ۾ پنهنجو رتبو ٺاهڻ لاء پنهنجي اولاد تي سندن دلچسپي ۽ ذاتي خواهش خلاف پنهنجا فيصلا صادر ڪن ٿا ته سندن ان فيصلي جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته اُهو ٻار سندن مرضي مطابق اُها منزل ته ماڻي وٺي ٿو پر اُن فيلڊ ۾ هو ڪڏهن به خوش نه ٿو رهي ۽ پنهنجي پوري پوري ڪارڪردگي ڏيڻ کان قاصر رهي ٿو.جنهن جي نتيجي ۾ کيس اڳتي هلي ڪيترين ئي مشڪلن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ هو پروفيشنل طور تي پاڻ کي ڪڏهن به مڪمل محسوس نه ٿو ڪري. آخر ۾ اُميد ته اها ئي ٿي ڪجي ته ڪيريئر ڪائونسلنگ جي باري ۾ جاڳرتا لاء لکيل هي ليک پنهنجي اولاد جي روشن مستقبل لاء فڪرمند والدين ۽ انهن نوجوانن جي ڪم ضرور ايندو جيڪي پنهنجي ڪيريئر لاء مايوس ۽ مونجھاري جو شڪار آهن.
جواب: خود اعتمادي- روشن مستقبل ڏانهن پهريون قدم ادا فهيم ميمڻ ۔۔۔۔۔۔ خوبصورت ليک آهي اوهان بلڪل صحيح پيا چئو اسان وٽ ٻارن جي ڪائونسلنگ نه ته اسڪولن ۾ ٿئي ٿي ۽ نه وري ڪاليجن ۾۔ والدين به ڪي گهٽ آهن جيڪي انهن ڳالهين ڏانهن توجهه ڏين ٿا۔ مان جڏهن يونيورسٽيء ۾ بي ايس سي ڪري رهيو هوس تڏهن مونکي به خبر ڪانه هئي ته منهنجي منزل ڪهڙي آهي ۽ مونکي ڪهري قسم جي تعليم وٺڻ گهرجي۔ پر دوستن جي صحيح رهنمائي سبب مان بي ايس سي کانپوء ۔۔۔۔۔ ايم بي اي ڪئي ۽ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويس پر اسان جا گهڻا دوست جيڪي ذهين به هئا صحيح سمت ۾ نه وڃڻ سبب اڃان تائين پريشان آهن۔
جواب: خود اعتمادي- روشن مستقبل ڏانهن پهريون قدم ادا فهيم ميمڻ بهترين رهنمائي لاءِ لک ٿورا، سنڌي ۾ اهڙو مواد تمام گهٽ پڙهڻ لاءِ ملندو آهي، لک لائق، سدائين خوش رهو، مونکي اوهان جي ليک مان ڪافي فائدو رسيو آهي، مهرباني۔
جواب: خود اعتمادي- روشن مستقبل ڏانهن پهريون قدم لک لائق طاهر صاحب ليک پسند ڪرڻ لاء۔سدائين خوش رهو آباد رهو۔ ..................................... سائين وساڻ صاحب اوهانجي وڏي مهرباني جو پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي اوهان هي ليک پڙهيو۔حوصلا افزائي لاء ٿورائتو آهيان۔هي تمام ًگهڻو غور طلب مسئلو آهي۔اسانجي خاص ڪري سنڌي معاشري ۾ نوجوانن وٽ آپشنز يا چوائسز گهٽ آهن، خير هن ڳالهه تي تمام گهڻو بحث ٿي سگهي ٿو۔هت ڳالهه ڊگهي ٿي ويندي، ۔ سدائين خوش رهو آباد رهو۔