۽ جڏهن ”هڪ رپئي“ معصوم گل جي زندگي کسي ورتي؟!

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2011۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    منصور نثار ٻرڙو

    صوفين جي ڌرتي سنڌ تي ظلم ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اسان جو معاشرو خبر ناهي ڇو ظلم جي ور چڙهي ويو آهي يا اسان جي حياءَ ۽ شرم کي لوڪ اڳيان ننگو نچايو ويو آهي؟ جو هتي هاڻ رشتن مان به سهپ موڪلائي وئي آهي، ظلم، وحشيت، قتل، ڪارو ڪاري، اغوا، ڦرون، بدامني جهڙيون خبرون اخبارن جي زينت بڻيل آهن. گذريل ڏينهن اخبار ۾ هڪ اهڙي خبر شايع ٿي جنهن کي پڙهي لڱ ڪانڊارجي ويا. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو معصوم سان برپا ٿيندڙ ظالم ( ملوث ڄاڻايل چاچي) جو هڪ رپيو معصوم جو ساهه مروڙي ڪڍي وڌو، معصوم کي ڪهڙي خبر ته آءٌ هن دنيا جهان ۾ آيس ته مون سان پنهنجو پاڪ پويتر رشتو منهنجو دشمن ۽ منهنجي زندگي جو دشمن بڻجي ويندو؟ جنهن جي پنهنجي ئي (پيءُ) مثل چاچي سندس گل جهڙي زندگي هڪ گهڙي پل ۾ مروڙي وڌي، اهڙو واقعو مليل ڄاڻ موجب هن ريت آهي ته ٽنڊي آدم جي ڳوٺ خداآباد ۾ بي رحم چاچي اصغر قذاق پنهنجي سئوٽ جي 6 سالن جي اڪيلي پٽ گلن جهڙي معصوم ٻارڙي گل محمد پٽ دلاور قذاق کي هڪ رپيو خرچي ڏئي گهمائڻ جي بهاني سان ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر پري جوئر جي فصل ۾ وٺي وڃي مبينا طور ساڻس بدفعلي ڪرڻ بعد کيس مٿي ۾ مڏي اوزار سان ڌڪ هڻي شديد زخمي ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، معصوم ٻارڙي جو رسي سان هٿ پير ٻڌل لاش مائٽن جوابدار جي نشاندهي کانپوءِ گهر کڻائي آيا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو نينگر جي ڏاڏي پانڌي خان قذاق موجب صبح کان وٺي پوٽو گل غائب هو، جنهن جي گهڻي ڳولا ڪئي ۽ ڳوٺ جي مسجدن ۾ پڙها به ڏياريا ويا پر هو نه مليو، بعد ۾ ڀائٽيي اصغر قذاق موجب کيس هڪ ڀيل ٻڌايو ته نينگر جوئر جي فصل ۾ پيو آهي، ڳولا ڪئي ته هٿ نه آيو، وري واپس موٽي اصغر پاڻ ان هنڌ وٺي پهچايو، جتي لاش پيل هو، نينگر کي مٿي ۾ ڌڪ هئا ۽ گهٽا ڏنل هئا ۽ هٿ پير ٻڌل هئا، پانڌي جي ٻئي پٽ جي نينگر مختيار موجب جوابدار اصغر گل کي هڪ رپيو خرچي ڏئي وٺي ويو ۽ جوابدار نينگر سان بدفعلي ڪئي.
    ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي جو هڪ رپيو ڏئي ٻارڙي کي هوس جو نشانوبڻائي قتل ڪيو ويو. اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جهالت جو خاتمو آڻڻ پوندو. جنهن لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙن واقعن بابت جاڳرتا مهم هلائڻ سان گڏ واقعن ۾ ملوث جوابدرن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي، اعليٰ عدالت سميت پوليس آفيسرن ۽ مقامي انتظاميا کي پاڻ مرادو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ معصوم گل کي مرجهائيندڙ قاتل (ملوث ڄاڻايل) چاچي کي ڦاهي ڏني وڃي
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو