سالياني عرس مبارڪ جي نسبت سان سنڌڙي جي شهباز قلندر سان عقيدت جو اظهار ڪريم عباسي [JUSTIFY]سخي شهباز قلندر لعل جو سلسله نسب امام جعفر صادق عه سان وڃي جُڙي ٿو، سندن ولادت متعلق روايتن مطابق ته سندن والد کي پنهنجي پُٺي مان قلندر شهباز آواز ڏنو ته پاڻ شادي ڪن، ڇاڪاڻ ته سندن هن دنيا ۾ ظهور سندن پُشت مان ٿيڻو آهي، بالآخر پاڻ مروند جي حاڪم شاهه سلطان جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ ڪيتري وقت تائين خوشيون ۽ شادمانا ٿيندا رهيا، تنهن کان پوءِ جڏهن شهباز قلندر جي ولادت ٿي ته پوري علائقي جي غريبن ۽ مسڪينن کي 40 ڏينهن تائين ننگر عام کارايو ويو، وڏيون خوشيون ڪيون ويون، شاهي نفارن تي نوبتون وڄنديون رهيون ۽ شاهي خادم ڌمالون هڻندا رهيا، اڄ به سندن مزار تي ساڳيو لقاءُ آهي ۽ عجيب سر مستي آهي. قلندر شهباز لعل جي سنڌ ۾ اچڻ وقت، ناصر الدين قباچه جي حڪومت هئي، هيءُ بادشاهه ته ملتان پرڳڻي جو هو پر ان وقت سنڌ جون حدون ملتان تائين لڳندڙ هيون، اهو دور به هڪ وڏي ظلم و بربريت جو درد ناڪ منظر هو، سنڌو جو پاڻي رت سان ريٽو ٿيل هو، جنهن تي قلندر شهباز فارسي ۾ وڏي تشبيهي ۽ مُدلل شاعري سرجي آهي، پاڻ ستن سالن جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائون، سندن فارسي جا ڪتاب جيڪي گرامر، صرف ونحو ۽ ٻين مضمونن تي لکيل هئا، ان وقت سڄي سنڌ جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهيا ويندا هئا ۽ جيئن ته ان وقت فارسي ٻوليءَ جو وڏو ناماچار هو ۽ اسان جي سنڌي ٻوليءَ اڃا ايتري ترقي نه ڪئي هئي. سخي شهباز قلندر لعل جنهن وقت سنڌ ۾ آيو ته ان وقت سيوهڻ شهر جنهن کي تاريخ جي ڪتابن ۾ سيوي يا سيوستان سڏيندا هئا، پر اهو خطو بُرائين سان ڀرپور ۽ شيطاني ڪمن ۾ مشهور هو، هتي جي رعايا جوا، شراب خوري، عياشي ۽ ٻين ڪڌن ڪمن جي عادي هئي، سخت لعل شهباز جا برڪت ڀريا پير جڏهن هن شهر تي گهميا ته وايو منڊل ئي مٽجي ويو ۽ هن مرد قلندر هتي جي ماڻهن کي برائين کان بچڻ لاءِ ۽ چڱائي ڏانهن اچڻ جي تلقين ڪئي، سندن مقصد به اهو ئي هو ته انسان امن آشتي، ڀائيچاري، رواداري ۽ مساوات سان رهن ۽ خالق حقيقي جي عبادت گذاري ڪن، پاڻ ماڻهن کي روحاني اسرار و رموز جي ڄاڻ ڏيندا هئا ۽ سندن رهنمائي ڪندا هئا، نيٺ سندن ڪوششن ۽ محنتن رنگ لاتو ۽ سيوهڻ برائين ۽ بدڪارين کان پاڪ ٿي ويو. روايتن ۾ اچي ٿو ته قلندر شهباز لعل، شير شاهه سرخ پوش، مخدوم بهاءُ الدين ذڪريا ملتان ۽ جلال شاهه جهان گشت جي چوياري مشهور هئي، اهي سڀ هڪ ٻئي جا همعصر هئا ۽ پاڻ ۾ ملندا رهندا هئا. جن کي قلندر شهباز (باز) جي صورت ۾ اڏامي وڃي رسندا هئا ۽ پوءِ روحاني ۽ باطني ڪچهريون ۽ مجلسون منعقد ٿينديون هيون، فيض ۽ ڪرامتن جو ظهور ٿيندو هو، جيئن ته سڀ پنهنجي زماني جا مشهور و معروف اولياءَ الله ۽ درويش هئا، سڀني پنهنجي چونڊيل ٿاڪن ۽ جائين تي وڃي سڪونت اختيار ڪئي ۽ قلندر شهباز لعل هن سهڻي سنڌڙي جي سيوهڻ ۾ ابدي آرامي ٿيو، تڏهن ته چون ٿا. ”لعل موري پت رکيو ڀلا، جهولي لالڻ سنڌڙي دا سيوهڻ دا، دمام دم مست قلندر“ قلندر شهباز کي اڄ ساڍا ست سئو ورهيه کان به مٿي عرصو گذري ويو آهي پر اڄ به هن جي درٻار ۾ مستي ۽ بيخودي سان قلندر جا متوالا ڌمالن تي سرگردان آهن، هن آگر تي ڪو به مذهبي ڀيد ڀاءُ، ڪٽرپڻو ۽ تعصب بلڪل نظر نه ايندو، هتي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل پانڌيئڙا ۽ زائرين پنهنجي من جون مرادون ماڻڻ لاءِ آسائتا هوندا آهن. هونئن ته سخي شهباز قلندر لعل جو لنگر ٻارهو ئي پيو هلي ۽ هر ڪو پيو کائي پيئي، پر سنڌ سونهاري جي هڪ اهڙي روحاني گادي به آهي جيڪا تقريبن پوڻن ٻن صدين کان وٺي انهيءَ لعل جي ميدان تي ان جي پانڌيئڙن ۽ عقيدتمندن کي 14 شعبان کان 21 شعبان نکيٽي تائين پئي لنگر ڪرائيندي آهي. ان روحاني گاديءَ جي سربراهي ڪندڙ اها پُربهار ۽ کلندڙ مسڪرائيندڙ هستي سائين ذوالفقار شاهه بخاري ڌنار جي آهي جيڪي وڏڙن کان وٺي هن درٻار لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن وستين ۽ واهڻن مان مال ڇيلا، ٻڪريون، گابيون، ووهڙيون، پاڏا، ڍڳيون ۽ رڍون وغيره ڪاهي اچي سيوهڻ ۾ ڪٺو ڪندا آهن ۽ پوءِ اهو سمورو مال ڍور ڍڳا سائين ذوالفقار شاهه جي ڪافي تي قلندري پانڌيئڙن جي مهمان نوازي ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. سائين ذوالفقار شاهه بخاري جن جا وڏا سيد حيدر شاهه بخاري سن 1842ع انگريزن جي دور کان وٺي لعل شهباز جي ڌنار طور سڄي سنڌ ۽ بلوچستان جي علائقن مان مال گڏ ڪندا هئا، اهڙي ريت سيد حيدر شاهه کان پوءِ سيد طالب شاهه بخاري جن هي ذميواري نڀائي، ان کان پوءِ سيد محمد شاهه بخاري پنهنجي وڏڙن جي روايت نڀائي ۽ کانئن پوءِ سندن فرزند موجوده گادي نشين سيد ذوالفقار شاهه بخاري هي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن.[/JUSTIFY] روزانه عوامي آواز تان ورتل