• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غلامي استشماري ، استعماري و استبدادي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
غلامي استشماري ، استعماري و استبدادي​

مغرب کان معاشرن جا ورتي آزادي
تن انساني خوابن جي ڪئي بربادي

هر طرف ڦيٿو هلي ٿو معشيت جو
رشتن ۾ وڌي وئي آهي جا بي نيازي

ان لاءِ عشق ۾ وصال آهي حرام
بعد از وصال ڪشش ناهي ساڳي

جتي ناهن رشتا ايثار سان استوار
اتي رشتن جو نه رهڻ اصول بنيادي

ڏاڏل ڀلي ماڻهون چون دقيانوسي
غلامي استشماري ، استعماري و استبدادي

 
Back
Top