اسان جي هردل عزيز ، محنتي ۽ جفاڪشي دوست سائين علي ظفر عرف (علي علي) کي 200 مضمون پورا ڪرڻ سڄي سنگت طرفان لک لک واڌايون هجن ۔ ادو علي توڻي جو ڪڏهن ڪڏهن فورم ۾ نظر نه ايندا آهن پر جڏهن به ايندا آهن فورم کي ٻيهر تازو ڪري ٿا ڇڏن ، اسان کي اميد ئي نه آهن بلڪه پڪ آهي ته ادو علي علي اِها محبت ۽ لاڳاپو قائم رکندا ايندا ، ۽ هن فورم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا ۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ۔ []
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ واه سائين افتخار اصل دل خوش ڪري ڇڏي اٿوَ ۔۔۔ دوستن جي دوست، سنڌ سلامت جي روح روان ۽ سنڌ سلامت جي دوستن جي منهن تي مسڪراهٽون آڻيندڙ علي ظفر کي اسان پاران به 200 قيمتي موضوع ونڊ ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون ۔۔۔ سندس جي دوستيءَ تي اسانکي فخر ۽ مان آهي رب العالمين کيس ڪوسو واءُ نه ڏيکاري ۽ هو ائين ئي هميشه مسڪرائيندو ۽ گلن جيئان ٽڙندو رهي ۔۔۔ آمين
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ [JUSTIFY]ادا افتخار مهرباني ۔۔۔۔۔۔۔ اسان جي دوست ۽ سنڌ سلامت جي سرواڻ علي علي کي واڌايون هجن جو هن 200 ليک ونڊ ڪيا آهن۔ علي جو اصل ڪم ليک لکڻ نه پر سنڌ سلامت کي دوستن تائين پهچائڻ هوندو آهي۔ علي علي آهي ته جهونو پر ڪڏهن ڪڏهن نوجوان به ٿي ويندو آهي۔ دوستن سان دوستي نڀائڻ جو وڏو ڏانء اٿس ۽ مسڪراهٽون ۽ مرڪون وکيرڻ ته ڪو علي کان سکي۔ پر ڪڏهن ڪڏهن وري پٽڙي تان به لهي ويندو آهي ۽ سيريس موضوع تي به بيجا مزاحيه ڪمينٽس لکي اصل ڪم لاهي ڇڏيندو آهي۔ علي علي مکڻ ماڻهو آهي ۽ دوستن سان ڪڏهن به ناراض ناهي ٿيندو۔ اندر ۾ لاتعداد درد هوندي به دوستن کي خوش رکندو آهي ۽ کلائيندو رهندو آهي۔ سندس هي 200 ليک سچ ته وڏي اهميت وارا آهن۔ ڪڏهن ڪڏهن سنڌيء جون به ٽنگون ڀڃي رکندو آهي ۽ صورتخطي اهڙي لکندو آهي جو مان به پريشان ٿي ويندو آهيان۔ سنڌ سان عشق اٿس پر حيدرآباد سان ته 32 دليون اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو هي دوست خوش رهي ۽ خوشيون ماڻيندو رهي۔۔۔۔ آمين[/JUSTIFY]
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ علي علي نيٺ پنهنجا 200 مضمون مڪمل ڪري ورتا، علي علي کي مُبارڪون، لکين واڌايون ۔بس جهونا ٿي ويا سين ان ڪري سڀني کان پُٺيان رهجي وياسين ڪافي نوجوان دوستن ته پاڻ کان ڊبل مضمون مڪمل ڪيا آهن خير ان هوندي به توهان جون سنڌ سلامت لا ڪيل خدمتون ۽ ڪاوشون ڪنهن کان ڳجهيون ڪونه آهن توهان هر حال ۾ خوش رهڻ ۽ مسڪرائڻ وارا ماڻهو آهيو، توهان سنڌ سلامت جا فائونڊر آهيو توهان جي ڪري ئي سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ هاڻي مهڪي پيو جرڪي پيو، توهان جي هن ٻن سئو مضمونن ۾ ايترا ته قرب سمايل آهن جن جو ڪاٿو لڳائيڻ مشڪل آهي آخر ۾ اهو چوندس ته علي علي تون پيارو آهين تون لاجواب آهين اسان جي اکين جو تارو آهين۔
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ ادا علي علي کي 200 ٿريِڊ مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد ٿو پيش ڪريان ادا علي علي جي هر ٿريڊ ۾ هڪ نئي ڳالهه هوندي آهي فورم تي کل ڀوڳ ۽ سندس خوش طبيعت اصل ٿڪ ئي لهي ويند اآهن الله پاڪ کيس هر مشڪل کان محفوظ رکي سدائين گڏ
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ علي علي 200 موضوع پورا نيٺ ڪري ورتا۔۔۔لک شابسون علي ظفر کي۔۔۔لک مبارڪون علي علي کي۔۔۔سائين جن تمام پيارو ماڻھون آھن۔ ڪڏھن شاعر ڪڏھن ٻار ڪڏھن۔۔۔۔۔بس مطلب ته هر فن مولا آھن۔ علي علي جن جي تبيعت بلڪل فقيري لڏي واري آھي۔۔۔۔اسان انھن جي ڳالھائڻ جي انداز جا فين آھيون۔
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ ادا علي علي اوهان جا 200 موضوع پور ٿيڻ تي وهان کي لک لک واڌايون هجن۔ اسان جي دعا آهي مولا پاڪ اوهان کي هميشهه شاد ۽ آباد رکي۔ آمين
جواب: علي علي کي 200 مضمون پورا ڪرڻ تي مبارڪون هجن ۔ ادا علي علي کي 200 ٿريِڊ مڪمل ڪرڻ تي مون غريب پاران به مبارڪون هجن۔