هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ بشيراحمد طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2011۔

  1. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو ) ضرور ڏسندا
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    انا لله وانا عليهه راجعون

    اي رب العالمين اسانکي اهڙن ڍونگي ۽ ٺڳ ماڻهن کان بچاءِ، جيڪي نه فقط پنهنجي قيامت ته ڪاري ڪن ٿا پر ان سان گڏ هزارين اڻ ڄاڻ ماڻهن کي گمراهه ڪنٿا ۔۔۔ دين ۾ دڪان کولڻ وارن کي تباهه و برباد ڪر ۽ انسانيت کي دين جي اصليت کان پري ڪرڻ ۽ انهن جي شيطاني عملن کان اسانکي ۽ اسانجي آل و اولاد کي بچاءِ ۔۔۔ آمين
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    پير صاحب جو هي انٽرويو مون پنهنجن دوستن سان ٽي وي تي لائيو ڏٺو هيو. دوست پير صاحب جي ڳالهين کان ڪافي متاثر ٿي رهيا هئا. الحمدلله همراهه جلد ئي پنهنجي انجام تي پهتو، ورنه گهڻن کي ئي گمراهه ڪري وجهي ها.
     
  4. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    ها سائين اهو نقلي ولي جيڪڏهن گرفتار نه ٿئي ته مرڻ کان پو ان جي قبر تي به ميلو متل هجي ها ، اهڙن نقلي ولين جي قبرن متل ميلن جي مثال به هن سنڌ سڳوري ۾ موجود آهن ۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    اسان جو دين اسلام قرآن ۽ حديث جي رستي اهيو ٿو سيکاري ته پير پرستي ۽ قبر پرستي سخت منع آهي ۽ پير پرستي ۽ قبر پرستي ڪرڻ شرڪ آهي جيڪو الله تعاله ڪڏهن به نه ٿو بخشي سواء ان جي ته ان عمل کان هن دنيا ۾ ئي توبه ڪري ۽ الله تي پورو پورو ايمان آڻجي ۽ تمام نقصان ۽ فائدي جو مالڪ صرف ۽ صرف الله کي سمجهي۔ اهڙي ريت اسان جي خطي ۾ جيترا به صوفي ٿئي گذريا آهن انهن هميشه ان ڳالهه جو ئي سبق ڏنوآهي مگر افسوس جو اسان جي ماڻهن ان کي سمجهي نه سگهيو ۽ اهي پير پرستي ۽ قبر پرستي جي وڪڙن ۾ ڦاسجي ويا۔ جڏهن ته شاه صاحب انهي پير پرستي ۽ قبر پرستي کي پڻ ناپسند ڪيو آهي، ۽ ان کي خوب نديو آهي۔ ۽ فرمائن ٿا ته
    پوڄا ڪارڻ پاڻ کي شرڪ شيطاني شر
    پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر
    هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر
    ٻنهي واٽون ورسجي ، ناحق وڌو پاڻ کي ​
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    چوٽي ميان چوٽي ميان بڙي ميان سبحان الله مطلب پاڻ ته ڇا پر مائي به گڏ هيس واه جهوني واه .......خير يار ان جي ڳالهين مان ٽي وي تي انٽريون مان ئي لڳو ٿي ته هي ڪوڙ ٿو هڻي ان جي ڳالهين ۾ هچڪچاء ۽ هون هون اوون اون جا جملا ان جي ڪوڙي هجڻ جا ئي گواه هئا باقي ته نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جي ديدار جي دعوا کير جو پيالو قرآن وڃ ڀڻا انباء تي ڪوڙ جي سزا ته هو آخرت ۾ ڏسندو پر في الحال جيل ته مقدر ٿي ويس ليڪن اهو ڪهڙي علائقي جو واقعو آهي ادي جميلي ۽ مون کي ايڊريس ڏيو اسان به ان کان ڪجه گر وٺي اچون اسان به بک مري ويا هون بابا .................
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    اهڙن مُلن کي ته شاهه صاحب به پٽيو آهي۔۔ دين کي مذاق ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بڻائڻ وارن انهن ماڻهن قيامت ۾ پنهنجي لاءِ دوزخ جي باهه ڪمائي آهي۔۔۔۔ پاڪستان ۾ ساده لوح ماڻهن ۽ پروپيگنڊه ڪندڙ ميڊيا جو راڄ هجڻ جي ڪري اهو عام ٿئي پيو۔۔۔۔
    بهرحال ان جي مرڻ کان پوءِ ان جي مزار تي سندس چاهيندڙ ضرور پڙ چاڙهين ها ۽ فاتح خوانيون ڪن ها۔۔۔۔ باقي ڪو ٻيو ته نه ڪري ها۔۔
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    الله سائين اسان کي اهڙن ماڻهن کان پنهنجي پناه ۾ رک


    آمين
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )


    ادا شاه صاحب ته اهو چيو پر خود ساه صاحب کي مڻهو پوڃين پيا۔ افسوس جو مقام آهي۔

    .....................................

    ادا ڇو ڀلا جيل جو موڊ ٿيو اٿو ڇا؟
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ نقلي ولي جون ڪرامتون ۽ انجام (دلچسپ ويڊيو )

    جيڪڏهن اوهان جو ايمان مڪمل ناهي ته پوء اوهان اهڙن ماڻهن جي ڳالهين م اچي سگهو ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔

    پر ان ڳالهه کي وري نئين رنگ ۾ کڻي وڃڻ اهو به اوهان دوستن کان سکجي۔ ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار

    لک شاباسون دوستن کي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو