[/IMG] جيڪڏهن اوهان جو موبائل سيڪنڊ هينڊ آهي ته اهو ضرور چيڪ ڪيو ته ڪٿي اهو چوري جو ته ناهي ؟؟ ايئن نه ٿئي جو اوهان جو موبائل بلاڪ ٿي وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔!!!! پي ٽي اي جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري چيڪ ڪيو۔
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ شڪر ڪريو ته توهان جو موبائيل چوري جو ناهي۔۔۔ مون ته ايتري خوبصورت موبائيل تي جڏهن سنڌ سلامت سنڌي سپورٽ سان هلائي ڏٺي ته شڪ ڪرڻ لڳس ته چوري جو هوندو۔۔۔
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔ ها ادا اوهان جو خيال ته ضرور ويندو ۔۔۔۔۔۔۔۔پر سنڌ سلامت پنهنجي موبائل تي هلائي بوريت جو احساس ختم ڪندو اهيان۔
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ ادا شڪر آهي مهنجو مابايل چوري جو نه آهي پر ڪو موبايل ٻڌو اٿم ته ان تي سنڌ سلامت هلندي آهي اهو چوري ڪرڻ جو پرگرام ٺهيان پيو بس ڪراچي پهچان باقي اڳتي کٽائن ڀاڳ عرس کي مڙٿ ميڙ ڪبي الله ۾ آسرو آهي ڪم ٿي ويندو
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ مون ته پنهنجو موبائيل جو آئي ايم اي آئي نمبر چيڪ ڪيو، هن ۾ ته خبر ئي نٿي پوئي ته ڪيئن چيڪ ڪبو، توهان مهرباني ڪري واضح نموني سمجهايو ته جيئين سڀني کي خبر پئجي وڃي۔۔۔۔۔ مهرباني
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ ادا اوهان ادا سليمان جي ڏسيل سايٽ اوپن ڪيو ته اوهان کي سڀ ڪجه پاڻهي خبر پئجي ويدي آ ئي ايم اي ڪيئن ڏسجي ان لاء اوهان پهنجي موبايل ۾ *#06# مطلب اسٽار پوء هيش پوء 06 ۽ هيش جو بٽن دبائيندا اوهان وٽ پندرنهن نمبر نڪري ايندا اهي سامهون ڏينل خاني ۾ لکي ڪري سرچي جي بٽڻ کي دٻائيندا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ اوهان پنهنجي موبائل مان پهريان #06#* ملائي پنهنجو 15 ڊجٽ IMEI نمبر معلوم ڪيو۔ پوء جڏهن اوهان مٿين سائيٽ اوپن ڪندا ته اوهان کان 15 ڊجٽ IMEI نمبر جو پڇيو ويندو۔ نمبر لکي سرچ بٽڻ تي ڪلڪ ڪيو۔ جيڪڏهن اوهان جو موبائل چوري جو ناهي ته ڳاڙهن اکرن ۾ هيٺيون ميسيج ايندو: IMEI is not found in Stolen IMEI Database باقي جي موبائل چوري جو آهي ته ڇا لکجي ايندو اهو ته اهو دوست ئي ٻڌائي سگهي ٿو جنهن جو موبائل چوري جو آهي۔ ياد رهي ته هي ڊيٽا پي ٽي اي پاران انهن شڪايتن جي ئي آهي جيڪي ماڻهن چوري ٿيڻ کانپوء انهن تائين پهچايون آهن۔
جواب: ڪٿي اوهان جو موبائل چوري جو ته ناهي ؟ ماڻهون ته سڄي سنڌ کي ڳڙڪائي ويا آهن باقي موبائل انهن لاءِ ڪو به مسئلو نه آهي۔ ويٺو مزا ڏس پرين۔