هتي آئون سنڌ سلامت جي دوستن جي لا آٽوڪيڊ جا ويڊيو ٽٽوريل شيئر ڪندس هي سکيا 34 ويڊيوز تي مشتمل آهي 1 ورڪنگ وٿ ٽيڪسٽ اي 2 ورڪنگ وٿ ٽيڪسٽ بي 3 ورڪنگ وٿ ٽيڪسٽ سي جاري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: آٽوڪيڊ ويڊيو ٽٽوريلز ذريعي سکو تمام ڀلو ڪيوَ جو اهڙي سکيا ڏيڻ جو اراداو رکو ٿا۔۔۔ پر توهان جو وڊيوز کي اهڙي طرح ونڊ ڪرڻ مون کي لڳي ٿو ته وڌيڪ فائديمند نه ٿي سگهندو ۔۔ جو وڊيو کي ڊائونلوڊ ڪري ڏسڻ کان گهڻا رڪن وڊيو سڌو سئون ڏسڻ کي ترجيع ڏيندا۔۔۔ خير جي اهي وڊيوز توهان لڳايون آهن ته بهتر رهندو ته يوٽيوب تي لڳايو ۔۔ پر جي توهان ڏٺيون آهن ته يوٽيوب تي پڻ اهڙيون وڊيوز موجود هونديون ۔۔ ٿورو ڳولا ڪري ۽ مختصر وضاحت ۽ هدايتن سان سيکاريو ته هوندر سمورا سنڌي فائدو وٺي سگهن ۔۔۔ لک لائق
جواب: آٽوڪيڊ ويڊيو ٽٽوريلز ذريعي سکو آها آٽو ڪيڊ سکيو پيو وڃي.... پر هي ڇا پهريون سبق ئي ٽيڪسٽ تي رکيو ويو آهي.... ملٽي ٽيڪسٽ ۽ ٽيڪسٽ اسٽائيل ته ڪافي ڏکيا سبق آهن، جن کي گهڻو پوءِ رکڻ گهربو هو. بهرحال سٺي ڪوشش آهي، جاري رکو...
جواب: آٽوڪيڊ ويڊيو ٽٽوريلز ذريعي سکو سائين يقينا سکيا جو ڏکيو طريقو آهي پر اهي ويڊيوز هڪ پروفيشلز ڪورس جون آهي ۔ ويڊيو جي ٽريننگ ڏيندڙ جواد عبداالمتين طرفان يوٽيوب تي شيئرنگ جي اجازت نه ڏني آهي باقي دوست هنن ويڊيوز کي ڊائون لوڊ ڪري ڪافي ڪجھ سکي سگهن ٿا ۔ ڪورس ۾ هڪ پروجيڪٽ به به ڏنو ويو آهي انهي کي مڪمل ڪرڻ کان به سرٽيفڪيٽ جي لا اپلا ڪري سهگجي ٿو ، جيڪي ساٿي هن ڪورس جو سرٽيفيڪٽ وٺڻ چاهن ٿا يا ٻيا ڪورس ڪرڻ چاهين ٿا اهي ويڊيوز ۾ ٻڌايل ايڊريس تي رابطو ڪري سگهن ٿا ۔ مون هن اداري جي ٽريننگ مان ڪافي فائدو حاصل ڪيو آهي انڪري سوچيم ته ساٿين کي به شريڪ ڪري وٺان باقي جيڪڏهن کي دوست آٽو ڪيڊ جي متعلق وڌيڪ رهنمائي گهرجي ته سائين ابوزين جن کان وٺي سگهن ٿا آئون خود هڪ ادني طالب علم آهيان بقايا ويڊيوز جا ڊائون لنڪ جلد فراهم ڪيا ويندا ان شاء الله