ورسيءَ جي نسبت سان
يڪتاري ۽ چپڙيءَ واري لوڪ راڳي فقير عبدالغفور کي سنڌي سنگيت اڄ به ساري ٿي
ڪمال ڄامڙو
يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو.
فقير عبدالغفور، صالح محمد لکڻ جي گهر حيدآباد ۾ 1910ع ڌاري پيدا ٿيو. هو سنڌي پنج درجا پڙهيل هو. راڳ جي شوق کيس اڳتي پڙهڻ نه ڏنو. هن ٻارنهن سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيو. هو ان عمر ۾ حيدرآباد ويجهو ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳائڻي حاجيءَ سان ڳائڻ لڳو. ان لحاظ سان حاجي ان جو استاد آهي. استاد حاجي به يڪتاري تي ڳائيندو هو. فقير عبدالغفور ڳائڻ سان گڏ ٽانگو هلائي پيٽ پاليندو هو.
سندس زندگيءَ ۾ فقيري ان وقت آئي جڏهن هو حضرت سچل سرمست جي طالب ۽ ڪافي گو شاعر سردار محمد بخش ڪوجهيءَ سان مليو. هو عبدالغفور کي سچل سائينءَ جي درگاهه تي وٺي ويو. اتي هن سچل کي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ فقير بڻجي ويو. فقير عبدالغفور زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن تائين سچل رح جي درگاهه تي حاضري ڀريندو رهيو. فقير عبدالغفور سچل سائينءَ جي عقيدت ۾ گيڙوءَ رنگ جو لباس پائڻ شروع ڪيو. سچل جو ڪلام سندس فقير ته ڳائيندا هئا پر ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي سڀ کان اڳ فقير عبدالغفور ڳائڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
جڏهن آگسٽ 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته فقير صاحب اتي ڳائڻ شروع ڪيو. ان وقت پروگرام سڌو سنئون نشر ٿيندا هئا، رڪارڊنگ جو سلسلو اڃا شروع نه ٿيو هو. ممتاز مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب ”وساريان نه وسرن“ ۾ لکي ٿو ته ”سن 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ته فقير به ٿوري ئي وقت کان پوءِ اچي ڳائڻ لڳو، ان زماني ۾ جيئن ته فقير ماچيس جي تار تي ڳائيندو هو، تنهن ڪري هن کي آسانيءَ سان پروگرام نه مليا. آواز جو امتحان ۽ سُرتار جا معيار تمام سخت هئا، ڪنهن کيس صلاح ڏني ته ”يڪتارو ۽ چَپَر کڻ.“ فقير جي دل ۾ اها ڳالهه اصل ويهي وئي ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ماچيس مان جند آجي ڪري، يڪتاري ۽ چپر تي ڳائڻ لڳو ۽ پوءِ اهي شيون ڄڻ ته سندس ذات جو حصو بڻجي ويون.“
سنڌ جي مختلف درگاهن تي ”سُنگ“ ۾ ڳائڻ وارو انداز تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ صدين کان رائج آهي. سُنگ ۾ فقير هڪ ٽولي جي صورت ۾ گڏجي هڪ ڪلام ڳائيندا آهن. اهو ٽولو پنجن ڏهن يا انهن کان وڌيڪ فنڪارن جو ٿي سگهي ٿو. اٽڪل هر فنڪار جي هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي هوندا آهن. اهو فقيراڻو انداز آهي. ان ۾ ضروري ناهي ته بيا ساز به شامل هجن. جڏهن ته جديد سُنگ ۾ ٻيا ساز به وڄايا وڃن ٿا. ان ٻڌڻ سان وجد طاري ٿي ويندو آهي. سُنگ ۾ گهڻي ڀاڱي صوفي بزرگن جو ڪلام ئي ڳايو وڃي ٿو. فقير گيڙو لباس پائيندا آهن. سُنگ واري انداز کي اڳتي وڌائڻ ۾ فقير عبدالغفور جو وڏو هٿ آهي. فقير صاحب ان انداز جي شروعات حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 218 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ايڪيهين اپريل 1970ع کان ڪئي. فقير صاحب کي سنگ ۾ ممتار مرزا صاحب ڳائرايو. ان کان پوءِ درگاهن کان سواءِ عام محفلن ۾ به اهو انداز وڻڻ لڳو.
سنڌي راڳ جو اهو انداز نه رڳو پاڪستان ۾ بلڪ ٻاهرين دنيا ۾ به مقبول آهي، هتان اڪثر پاڪستاني ۽ سنڌ سرڪار انهن فقيرن کي ڏيساور موڪليندي رهندي آهي. فقير عبدالغفور ان انداز جو ماهر ۽ اڳواڻي ڪندڙ هو.
فقير عبدالغفور گهڻي ڀاڱي سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳائيندو هو، پر انهن ٻولين کان سواءِ اردو، پنجابي، فارسي ۽ گجراتيءَ ۾ به پڻ ڳايو اٿائين. هن شاهه لطيف رح، سچل سرمست رح، خواجه غلام فريد رح، بابا بلي شاهه ۽ ٻين صوفين جو ڪلام گهڻو ڳايو آهي. هن فلم ”مٺڙا شال ملن“ جا نغما به ڳايا، جنهن ۾ شيخ اياز جو نغمو ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار“ تمام گهڻو مقبول ٿيو.
فقير عبدالغفور آمريڪا، جپان، جرمنيءَ، دبئيءَ وغيره ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. هن جيڪي ڪافيون ڳايون انهن کي ٻين فنڪارن به ڳائي مقبوليت ماڻي. هن جي ڌُنن تي پوري پاڪستان ۾ ڳايو وڃي ٿو.
ذوالفقار علي ڀٽو صاحب فقير کي گهڻو پسند ڪندو هو. ڀٽي صاحب کي سُر راڻو ڏاڍو وڻندو هو. لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر جي افتتاح کان پوءِ رات جو سوا ٻي وڳي ڀٽي صاحب المرتضيٰ هائوس ۾ فقير عبدالغفور، بلاول بيلجيم ۽ مٺا خان زرداريءَ کي پنهنجي سيڪريٽريءَ عبدالوحيد ڪٽپر معرفت گهرائي فقير کان پهريان ”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو“ ۽ پوءِ سُر راڻو ٻڌو.
فقير عبدالغفور ٻاويهين جولاءِ 1986ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس حيدرآباد ۾ سنڌ جي اڳوڻي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري ويجهو دفنايو ويو.

روزانه عوامي آواز تان ورتل