سنڌ جو سڏ (عزيز راج) سنڌ اسان جي جند آهي، اسان جي امڙ آهي، جنهن کي ڪانئر ڪلال، ڌارين جا دلال، وجود جا ويري وڪوڙي ويا آهن جنهن ڪري اسان سڀني سنڌين جو اهو قومي فرض ۽ ڌرتيءَ جو قرض آهي ته جت به هجون، جنهن هنڌ به هجون، جيئن به هجون، غريب هجون، امير يا فقير پر پنهنجي وس آهر هر شعبي ۾ تعليم ۽ اقتصاديات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ چٽاڀيٽي، قلم، ڏاهپ، ڏات، ٻڌي ۽ هوشياري سان جاکوڙ ڪريون ته مَن ڪا واٽ ملي، مَن ڪو رستو ڳولي لهون. اڄ جڏهن سنڌ ورهائڻ جي پرچار ٿي رهي آهي، تڏهن اسان کي محدود سوچ کان هٽي ڪري سنڌ لاءِ سوچڻو پوندو، قبيلائي ويڙهه، گهرو تڪرارن، راڄوڻي رتوڇاڻ ۽ برادري جي ڦڏن کي وساري هڪ ٿيڻو پوندو سنڌ ماتا جي جياپي لاءِ، سنڌ هوندي ته اسان جي جند به هوندي، نه ته اسان به اونداهين رستي جا راهي بڻايا وينداسين. هونئن ته سنڌ جي وسيلن تي اڳ به ڌاريا هٿ رکيو ويٺا آهن پر سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪري هنن سنڌ اسان کان کسڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. اڄ انهن جي ذهن ۾ اها سوچ ويٺل آهي ته سنڌي ڪهاڙين ۽ لٺين سان بندوقن سامهون ڪيترو وڙهندا، انهن جي من ۾ اها ڳالهه به ماتم مچايو ويٺي آهي ته اسان لوڙهن ۾ رهندڙ سنڌي ڪکائن جهڳين کي ڪيئن سڙڻ کان بچائي سگهنداسين. افسوس جو اسان وٽ رڳو بياني شينهن آهن. پاڪستان ايشيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن ۾ پهريان گورنر جنرل، وزيراعظم، وفاقي وزير، انتظامي آفيسر هجرت ڪري ٻين علائقن مان آيل هئا، انهن جو هنن علائقن سان ڪو به تعلق نه هو، جن علائقن ۾ پاڪستان قائم ڪيو ويو. اها مسلم ليگ، جيڪا بر صغير جي ورهاڱي کان اڳ صوبائي خود مختياري جي چيمپئن هئي، جيڪا اصولن تان ڦري وئي، بر صغير جي آزادي کان پوءِ مضبوط مرڪز جو نعرو هڻي ننڍن صوبن جا تاريخي ۽ قومي حق لتاڙيا ويا، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪيو ويو، مئي 1948ع ۾ پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي ڪراچي کي وفاقي انتظام ۾ رکڻ جو حڪم جاري ڪيو، سنڌ مسلم ليگ 11 جون 1948ع تي پنهنجي اجلاس ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي هن فيصلي کي نا پسند ڪيو ۽ ان فيصلي کي سنڌ جون سرحدون گهٽائڻ جي سازش قرار ڏنو. 11 جون تي ئي 800 سنڌي شاگردن ان فيصلي خلاف ڪراچي ۾ جلوس ڪڍيو، محمد ايوب کهڙي جي وزارت کي ڊس مس ڪري پير الاهي بخش کي ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جي صلي ۾ وڏ وزارت تحفي ۾ ڏني وئي، سنڌ جي سنڌي هندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي مهاجرن حوالي ڪيو ويو، ون يونٽ جي قيام کان پوءِ ڌارين جي آبادي جي وڌندڙ ڦهلاءَ سنڌ کي بدحالي، بيروزگاري ۽ بد امني جي آماجگاهه بڻائي ڇڏيو. سنڌ ۾ هر ملڪ، هر صوبي جا ماڻهو ايندا رهيا ۽ سنڌ بين الاقوامي پناهه گاهه بڻيل رهي، جنهن ڪري اڄ به ڌارين جي آبادڪاري سبب سوين مونجهارا درپيش آهن. اهي ڌاريا مهمان جن لاءِ اسان ديڳيون چاڙهيون سين سي اڃا تائين پاڻ کي سنڌي سڏائڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ اهو تاريخ جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي. هنن جي ئي هم زبان دانشور ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جميل جالبي پنهنجي ڪتاب پاڪستاني ڪلچر ۾ هنن لاءِ لکيو آهي ته: ”مهاجر آبادي تهذيبي سطح تي هڪ احساس برتري جو جذبو پنهنجي اندر رکي ٿي، جذبات جي وهڪري ۾ اچي هو ڀلجي ويا آهن ته سندن احساس برتري جو اهو عمل نئين ماحول، نئين معاشري ۽ ملڪ جي قديم آبادي لاءِ هڪ منفي عمل جو درجو رکي ٿو. مهاجرن جو اهو قصور آهي ته هنن قديم آبادي جي ڪلچر ۽ هنن جي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ۽ احساس برتري هنن کي ايترو انڌو ڪيو جو احترام جي سطح غائب ٿي وئي. اچڻ واري آبادي اهو ڀلجي وئي ته هجرت جي معنيٰ تبديلي هوندي آهي ۽ هجرت سان گڏ تهذيبي ادارا هجرت نه ڪندا آهن. هجرت ڪرڻ واري آبادي پنهنجي ڇڏيل سوسائٽي کي ٻيهر قائم ڪرڻ جو تصور به نٿي ڪري سگهي“. هندستان مان آيلن کان سواءِ ٻين صوبن ۽ ملڪن مان آيل پناهگيرن ۽ ڌارين به اسان جي سماجي اقتصادي، ثقافتي، سياسي حقن تي ڌاڙا هنيا ۽ اسان کي پوئتي ڌڪيو آهي، بدران اسان جو ساٿ ڏيڻ جي. تاريخ گواهه آهي ته جيڪا رياست گهڻ قومي هوندي آهي، اتي تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي معاملن ۾ ناراضگيون پيدا ٿينديون آهن پر آئين جي بالادستي، جمهوري نظام، منصفاڻي عدالتي نظام ۽ روينيو جي منصفائي ورڇ ذريعي اهي معاملا طئي ڪيا ويندا آهن، ڳالهين ذريعي شڪايتون دور ڪيون وينديون آهن پر اسان سنڌين جي بد قسمتي اها آهي جو اسان وٽ نه آئين جو احترام ڪيو ويندو آهي ۽ نه وري عدالتي فيصلن کي مان ڏنو ويندو آهي، جيڪو وڏن کي وڻندو آهي، اهو ڪيو ويندو آهي ۽ اسان ڏسندا رهجي ويندا آهيون. قومن جي تاريخ ۾ سياسي تبديليون ٻن طريقن سان اينديون آهن، هڪ بيلٽ يعني ووٽ ذريعي ۽ ٻيو بليٽ يعني گوليءَ ذريعي. اسان جن کي ووٽ ڏنو انهن سنڌ ۾ جيڪا حڪومت ٺاهي ان ۾ سنڌين جي وجود کي بي معنيٰ رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته هتان جي وزيرن کي يرغمال بڻائي سنڌ جي قومي مفادن کي ڇيهو رسائيندڙ فيصلا ڪرايا پيا وڃن، حڪمرانن اسان سنڌين جي ووٽ کي ڪراس ڪري اسان مٿان پنهنجي من پسند حڪومت مسلط ڪئي ۽ هاڻي اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اسان ٻيو طريقو اختيار ڪريون، يعني گوليءَ وارو. جيڪو نه رڳو سنڌ پر ملڪ لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. سنڌ صدين کان خوشحال، سائي، سُکي ۽ ستابي رهي آهي، سنڌ جون حسين واديون، واهڻ ۽ وستيون، درياهه ۽ ٻيٽ، هيرن، موتين، لعل جواهرن تي هميشه ڌارين جون لالچي نظرون رهيون آهن، سنڌ جي مال ملڪيت کي ماڻهن لاءِ ڌارين قومي حملا ڪيا ۽ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا منصوبا سٽيا، موهن جي دڙي جي دور کان وٺي ڌارين قومن سنڌ تي ڪاهون ڪيون، جن ۾ يوناني، ايراني، افغاني، عرب، مغل ۽ انگريز شامل آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪڏهن اسان غلام رهيا آهيون ته ڪڏهن آزاد، پر اها حقيقت آهي ته اسان کي مٽائڻ وارا پاڻ مٽجي ويا. مان اڀرندڙ سج جيان اهو يقين سان چئي سگهان ٿو ته سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ قائم رهندي. ها پر ڪجهه دوستن پنهنجي تجزين ۾ اهو چيو آهي ته سنڌ رهڻ لائق ناهي رهي. هنن کي هتان کان وڃڻ گهرجي. ته انهن کي آئون اها صلاح ڏيندس ته اوهان ڀلي دنيا جي گولي تي سنڌ جهڙي حسين وادي ڳوليو، صدين تائين پر اوهان کي نه ملندي اهڙي ڌرتي جنهن جا ماڻهو مڻيادار هجن ۽ جن وٽ ڌرتيءَ لاءِ قربانيون ڏيندڙ شهيدن جون لا تعداد قبرون هجن، جن تي لڳل تختين تي نالن بدران سنڌ جا شهيد لکيل هجي. جي ملي وڃيوَ ته پوءِ چئجو ته سنڌ هاڻي رهڻ جهڙي ناهي رهي، سنڌ کي اوڙاهه به ڌارين ئي بڻايو آهي، ننڍين وڏين ڳالهين تي وڙهي ۽ نفرتون پيدا ڪري ڪا به سرزمين شروع کان وٺي بي امن ناهي، ان کي اهڙي صورتحال ڏانهن انسانن ڌڪيو آهي، ان ۾ ڏوهي ڌرتي نه پر انسان ئي آهي. انسان چاهي ته امن قائم رکي ۽ چاهي ته باهيون ٻاري ڇڏي، زنده ماڻهو ساڙي ڌرتي ٽامو ڪري. اسان کي سنڌ کي نه پر پاڻ کي ڏوهي قرار ڏيڻ گهرجي جو اسان سنڌ جي سيني تي ٻاريل باهه کي وسائڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو، هينئر تائين، هاڻي جيڪڏهن اسان گڏ ٿيون ته به گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته گهڻين ڪلهين ڇپر به کڄي ويندو آهي. ڳالهه رڳو حوصلي، عزم ۽ اڳتي وڌڻ جي آهي، ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته جڏهن ماڻهو منتشر هوندا آهن ته مصيبتون وڌنديون رهنديون آهن ۽ جڏهن ماڻهو متحد ٿيندا آهن ته مصيبتون منتشر ٿينديون آهن. ان ڪري منهنجي هٿونگي جي با اثر جي ظلم ۾ آيل انهن دوستن کي جيڪي اڄ به گهرن تي قبضو ٿيڻ باوجود پاڻ ۾ ٻڌي ناهن ڪري سگهيا، انهن کي ۽ سنڌ واسين کي صلاح آهي ته وقت ناهي ويو، اڃا به جي گڏ ٿجي ته ظلم جي ديوار کي ڪيرائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اسان جون سوچون اڃا به نه بدليون ته اسان پاڻ ڪڏهن به بدلائي سگهنداسين ۽ سنڌ به آزاد ڪرائڻ ايتري ڏکي هوندي، جيتري هاڻي اسان کي لڳي ٿي. سچ ته اهو آهي ته منهنجي من ۾ اها هُر کُر رهندي آهي ته ڇا اسان 64 سالن کان جدوجهد ڪندا رهياسين ۽ سنڌ آزاد ڪرائي ناهيون سگهيا ۽ هاڻي ڇا اسان سنڌ آزاد ڪرائي سگهنداسين.
جواب: سنڌ جو سڏ دراصل دشمن هميشه اسان جي بي ربطگي جو فائدو ورتو آهي اسان پاڻ ۾ رابطا بحال انهيون ڪري سگهيا آهيون اسان متحد انهيون ۔ اسان کي پنهنجي ناڪامي جي وجوهات تي نظر وجهڻ گهرجي ۔ وسلام
جواب: سنڌ جو سڏ سائين سچ ته اهو آهي ته منهنجي نظر ۾ آزاد سنڌ جي جدوجهد اڃان شروع ئي ڪانه ٿي آهي۔۔۔ سائين جي ايم سيد جيڪو خواب ڏٺو ان جي ساڀيان لاء نه ته ڪا پلاننگ ٿي نه وري ماڻهن کي موبلائيز ڪيو ويو۔ هن وقت ته حالتون وڌيڪ خراب آهن ۽ ڪوبه گڏجي ويهڻ لاء تيار ناهي۔ واٽون ويهن کان به وڌي ويون آهن ۽ هاڻي ته منزل به ساڳي ناهي رهي ۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌ جو سڏ سهڻا سائين! مون کي پورو پورو يقين آهي ته سنڌ سدائين رهندي۽بدخواه مٽجي سنڌي ٿي ويندا۔ ها اها ٻي ڳاله آهي ته ان وقت اسان ڪهڙي حالت ۽پوزيشن ۾ هونداسين؟ اهو سڄو اسان پاران ڪيل جدوجهد تي دارو مدار آهي ،جيڪڏهن هن وقت اسان پنهنجي نسلن جي بقا لاءِ درست نموني جدوجهد ڪئي ته، اسان پنهنجي سنڌ جا مالڪ هونداسين،۽سنڌ جا ويري اسان ۾ گم ٿي ويندا،۽جيڪڏهن اسان پنهنجين غلطين کي هن وقت نه سڌاريو ۽درست نموني سان ويڙه نه ڪئي ته پوِِءِاسان ڀيلن ،باگڙين۽جپسين واري زندگي گذارڻ تي مجبور هونداسين۔ اهو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي نه ڪي ڪنهن ٻئي کي۔