اچو ت ويب سائيٽ ٺاهيون اسلام عليڪم دوستو اڄ ڪلهه ويب سائيٽ ٺاهڻ ڪو وڏو مسئلو يا ڏکيو ڪم ناهي نه توهان کي فرنٽ پيج ۾ مهارت ضروري آهي نه وري ڊومين نيم ۽ هوسٽنگ جو چڪر بس ڪجه ئي منٽن ۾ پنهنجي سائيٽ بُلد ڪري ۽ پوسٽنگ اسٽارٽ ڪريو ڪيتريون ئي سائيٽون ويب بُلد ڪرڻ جي سهولت ڏين ٿيون پر ان مان ويبس بهترين آهي جيڪا نه صرف آسان آهي بلڪ اسپيس ب ڪجه جهجهو اٿس ۽ ذاتي ، ڪاروباري ۽ سماجي (سوشل) ويب ٺاهڻ جي شهولت ڏئي ٿي ته پوئي هاڻ دير چاجي هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو www.webs.com جڏهن ويب کلندي ته منظر ڪجه هن طرح هوندو ڏسو Create an account for free ۾ پنهجي اي ميل لکو ۽ هيٺيان پاسورڊ لکو بهتر رهندو ته توهان See type ۾ پرسنل سيليڪٽ ڪريو اي ميل ۽ پاسورڊ لکڻ کانپوءِ تي ڪلڪ ڪريوGet start Site address ۾ پنهجي ويب سائيٽ جي ايڊريس لکو جيڪا توهان رکڻ چاهيو ٿا مثال طور اسان ايڊريس هي رکڻ ٿا چاهيون www.how2makeweb هن جڳه تي توهان ٻي ڪا ايڊريس به ڏئي سگهو ٿا. Site title ۾ اهو لکو جنهن بابت توهان ويب ٺاهڻ چاهيو ٿا ان ۾ توهان پنهنجو نالو وغيره به لکي سگهو ٿا مثال طور اسان Well Come 2 Test Web لکيو آهي. Site category ۾ به پرسنل سليڪٽ ڪريو هت توهان کي پنهنجي ويب لاءِ انيڪ نمونا ملندا ۽ هر نموني ۾ الڳ الڳ رنگ هت توهان پنهنجو پسنديده نمونو ۽ رنگ سليڪٽ ڪريو. Chose page for your site ۾ توهان جي سامهون ڪيترائي آئيڪان نظر ايندا انهن مان مراد توهان پنهنجي ويب ڪهڙا ڪهڙا پيج لڳائڻ چاهيو ٿا. جيڪي پيج لڳائڻا هجن انهن جي هيٺيا جيڪو باڪس آهي ان کي چيڪ لڳايو ياد رکو: جيڪڏهن توهان فورم جو پيج لڳائڻ چاهيو ٿا ته ميمبر جو پيج به لازمي لڳائڻو آهي انکانپوءِ I agree to the tems of service جي باڪس کي چيڪ لڳايو ۽ Create My Website تي ڪلڪ ڪريو هاڻ توهان جي سامهون هڪ پيج ايندو جنهن ۾ ويبس جا فيچر انهن جا ريٽ ۽ خاصيتون لکيل هونديون ٽوٽل 3 پيڪج هوندا ان مان توهان کي فري وارو پيڪج سليڪٽ ڪرڻو آهي مٿي تصوير ڏسو هت توهان کي پنهنجي انٽرنيٽ ڪنڪشن اسپيڊ آهر ٿورو انٿظار ڪرڻو پوندو ته جيئڻ توهان جي ويب سائيٽ جو سانچو لوڊ ٿي سگهي Site Bullder ايترو ڳرو به ناهي اگر توهان وٽ 18 kb per Second جي اسپيڊ آهي ته توهان 4 کان 6 منٽ تائين انتظار ڪرڻو پوندو بس دوستو توهان جي انتظار جو گهڙيون ختم توهان جو سائيٽ جو سانچو توهان جي اڳيان آهي جيڪي تبديليو ڪرڻو آهن هت ڪريو مٿي تصوير کي غور سان ڏسو ڪجه خاص تبديلين جي باري ۾ مون ٻدايو آهي. مٿي توهان ڏسو اهي ساڳيان ئي پيج آهن جيڪي اسان لڳائيا هئا انهن تي ڪلڪ ڪري توهان انهن ۾ موضوع مطابق ڪجه به رکي سگهو ٿا. مثال طور: توهان فوٽو تي ڪلڪ ڪري ان ۾ البم ٺاهي ان ۾ پنهنجا ڪيترائي فوٽو رکي سگهو ٿا فورم تي ڪلڪ ڪري توهان ات توهان ڪيترائي سيڪشن ٺاهي سگهو ٿا انهن ۾ پوسٽنگ به ڪري سگهو ٿا ميبرز ۾ توهان جا اهي دوست هوندا جن توهان جي ويب تي اڪائونٽ ٺاهيو هوندو اهي فورم پوسٽنگ به ڪري سگهن ٿا ان ڪري پنهنجي دوستن کي ضرور چئجو اهي رجسٽر ٿي ڪجه ويب تي شيئر ڪن گيسٽ بڪ ۾ ڪو به وزيٽر بنا رجسٽر جي ڪمنٽس ڪري سگهي ٿو. جڏهن توهان سڀ تبديليون ڪري وٺو ته پوئي پبلش جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري توهان پنجي ويب کي پبلش ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح توهان www.webs.com تي Sign in ٿي ٻيهر تبديليون ڪري سگهو ٿا جڏهن ته www.how2makeweb يعني توهان جي ويب تي Sign in ٿي توهان پنهنجي ايڊمن اڪائونٽ مان فورم توڙي ويب تي ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا دوستو ڪيئڻ........ آهي نه آسان ويب سائيٽ؟؟؟؟ ڪيئن لڳو هي پوسٽ(موضوع) دعائن ۾ ياد رکجو سنڌ سلامت ساٿ سلامت الله حافظ فري اپڊيٽ پروگرامنگ، سافٽويئر رويو، ڪمپيوٽر ٽپس، موبائيل ٽپس اوهان جي موبائيل تي حاصل ڪرڻ لاءِ follow mangrio4u لکي زونگ تان 2323 باقي نيٽورڪ تان 9900 تي موڪليو صرف 1 روپيو چارج پوئي هميشه لائي فري موڌيڪ معلومات لائي 03002975158
جواب: اچو ت ويب سائيٽ ٺاهيون ادا توهان جي سمجهاڻي ايتري ته آسان آهي جو مون جهڙا موڳا مٽر به هاڻي آساني سان ويب سائيٽ ٺاهي سگهن ٿا پر ادا هڪ ڳالهه جو خاص خيال ڪندا ڪريو ته توهان جيڪي تصويرون شيئر ڪيون آهن انهن تصويرن تي پنهنجي بلاگ جو نالو لکيو آهي پر مهرباني ڪري آئنده لا۽ سنڌ سلامت فورم جو نالو لکندا ڪريو ته بهتر رهندو اميد ته دل ۾ نه ڪندا توهان جي اهڙي ئي بهترين ٽٽوريل جو انتظار رهندو سدائين گڏ
تمام بهترين ۽ ڪارائتي ڄآڻ ڏني ادا ڪافي وقت اڳ مون کي شوق هو ويب سائيٽ ٺاهڻ جو پر ڪنهن سائتا نه ڪئي تنهنڪري سکي نه سگهيم مان هن ڄاڻ کي ضرور ٽرائي ڪندم