• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا

عرس پريو

سينيئر رڪن
نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،
يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔

اسين سمنڊ ناهيون جو ڪو دنگ روڪي،
اسين وقت وانگي اورانگهي لنگهون ٿا۔

نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔

پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه،
ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔

گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو،
ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔

لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔

داو ئي اها آ ته ٿيو درد ڀائي،
جدائيء ۾ بيجا بخاري رجهون ٿا۔

(بخاري)​
 
جواب: نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا

لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔
واه ادا عرس واه مطلب ته اوهان به نيٺ لڇي پيا نه ۽ اوهان به پڇي وا نيٺ ها ابا زبان اٿو حق رکو ٿا جاني
ادا تمام بهترين ادا استاد جي شاعري جي چونڊ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني جاني
 
جواب: نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا

لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔

داو ئي اها آ ته ٿيو درد ڀائي،
جدائيء ۾ بيجا بخاري رجهون ٿا۔


عشق جي ڳالهه استاد نه ڪري ۽ استاد جي اهڙي قهر جي شاعري وري ادا عرس پريو نه ڪري ۔ اهو ڪيئن ٿيندو ۔۔۔

لاجواب چونڊ آهي
 
جواب: نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا


واه ادا عرس واه مطلب ته اوهان به نيٺ لڇي پيا نه ۽ اوهان به پڇي وا نيٺ ها ابا زبان اٿو حق رکو ٿا جاني
ادا تمام بهترين ادا استاد جي شاعري جي چونڊ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني جاني

ادا علي علي لون ته سڀ ڪنهن کي لڳل هوندي آهي پر ڪي ظاهر ڪندا آهن ڪي وري صرف چاهت ڪندا آهن هڪ طرفي۔۔۔۔۔۔ پيار انساني فطرت م سمايل آهي زبان به رکون ٿا دل به پوء ڪجهه لڇبو پڇبو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا

نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا،
يڪو هڪ ٻئي کي وڃايو وتون ٿا۔

نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔



(بخاري)​

لاجواب شاعري آهي استاد بخاريء جي
 
جواب: نه توکي لهون ٿا نه توکي لڀون ٿا

نه ڪو عشق چرچو نه ڪو حسن چسڪو،
ٻنهي جي مچڻ ۾ پچون ٿا نچون ٿا۔


استاد جي تمام بهترين شاعري شيئر ڪرڻ جي مھرباني۔۔۔
 
Back
Top