سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو. پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز‘ (پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان موري سينٽر تي ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين. مئٽرڪ جو امتحان وري اباڻي شهر سن (تعلقي ڪوٽڙيءَ) مان 1970ع ۾، ڪوٽڙي سينٽر تان ڏنائين.
هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نه سگهيا، ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، ايس. وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ حاصل ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين.
تاج جويو 22 آڪٽوبر 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن (الهه بخش مري، امام بخش مري، مجيد ڪيرئي ۽ مشائخ مڊل اسڪولن) ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين ۽ ان اسڪول جي باني استادن مان آهي. تاج جويو 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جنوري 1984ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. اتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، ان بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. 1996ع جي آگسٽ مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پنج سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٽن چيئرمنن- حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين. سندس چواڻي: کيس ڊاڪٽر غلام علي الانا سان گڏ ٻوليءَ جي خدمت جي ڪم ڪرڻ جو فخر حاصل آهي. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي سان ڇهه مهينا ڪم ڪرڻ بعد واپس گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور درس تدريس ۾ مشغول رهيو ۽ تازو ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. عجيب اتفاق آهي ته سندس رُڪيل پروموشن وري به اٿارٽيءَ جي دور ۾ 13 نومبر 2008ع کان ٿيو ۽ هن وقت هو ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ ڊيپوٽيشن تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري جون BPS-19 ۾ ذميواريون سنڀالي رهيو آهي.
تاج جويي جو نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾، پر سنڌي نثري ادب، تنقيد، لطيفيات ۽ سنڌ جي تاريخ جي ميدان ۾ به ڪافي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ٿيل آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سال جو شاعريءَ جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو. ان کان پوءِ سندس ڇپيل ڪتابن (طبعزاد ۽ ترتيب) جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) ’دنيا جون انقلابي عورتون‘ (ترجمو)
(2) ’سنڌي گيت‘ (ايم. اي سنڌيءَ جو مونو گراف: 1978ع)
(3) ’قوم چوي ٿي ٻول‘، (استاد بخاري: شخصيت ۽ شاعري)
(4) ’نيڻ مهٽي خيال جاڳيا‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس-1)
(5) ”باهيون بيراڳين جون‘ (ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس)
(6) ’تلسين جي سرهاڻ‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- ii)
(7) ’جر ۾ ٿو جرڪان‘ (شيخ اياز جي لطيف کي ڀيٽا: 1998ع)
(8) ’سنڌ جي تاريخ جو مطالعو‘،
(9) ’اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي‘ (اخباري ڪالم)،
(10) ’مان ورڻو هان مان ورڻو هان‘ (شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جو اڀياس)،
(11) ’آسمان جيڏو ڌرتيءَ جو شاعر‘ (شيخ اياز بابت مضمونن جي ترتيب)،
(12) ’قليچ بيگ‘ (ترتيب)،
(13) ’ساميءَ تي هڪ نئين نظر‘ (ترتيب)،
(14) ’ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي انسان‘ (2 ڀاڱا ترتيب)،
(15) ’عالمن جو آفتاب- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي‘ (ترتيب)،
(16) ’انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي‘ (ترتيب)،
(17) ’سٻاجهو ساڃهه وند- محمد ابراهيم جويو‘ (ترتيب)،
(18) ’موحد شاعر- حاجي احمد ملاح‘ (ترتيب)،
(19) ’ساميءَ ويس سلوڪڙا‘ (شيخ اياز جو ساميءَ کي خراج)،
(20) ’وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان- نسيم کرل‘ (ترتيب)،
(21) ’آءُ درازا هل‘ (شيخ اياز جو سچل سرمست کي خراج)،
(22) ’سُڪل وڻ آءٌ صحرا جو‘ (احسن الهاشميءَ جو ڪلام: ترتيب)،
(23) ’سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ‘ (هند جي اديبن جو تعارف:2004ع)،
(24). سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (2009ع)،
(25) ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘ (نياز همايونيءَ جي شاعري: ترتيب-2009ع)،
(26) استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر.
ان کان سواءِ تاج جويي، شاهه عبداللطيف جي مختلف سُرن تي تحقيقي مقالن جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:
(1) ’سُر رپ‘،
(2) ’شاهه لطيف؛ تحرڪ ۽ تحريڪ‘،
(3) ’ديسي سيڻ ڪجن‘،
(4) ’سر سورٺ‘،
(5) ’حسينيءَ جي هاڪ‘،
(6) ’سر مومل راڻو‘.
ان کان سواءِ تاج جويو سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ طرفان 22 جلدن ۾ ترتيب ڏئي رهيو آهي، جنهن ڏس ۾ هن وقت تائين سندس ترتيب ڏنل شيخ اياز جي شاعريءَ جا پنج جلد ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل وِيهارو ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن.
ان علمي ۽ تحقيقي پورهئي کان سواءِ تاج جويي جو اهم ڪم ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تنظيم ڪاري آهي. پاڻ اٺ سال (چار ڀيرا) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي، تنهن کان سواءِ مختلف سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي تنظيمن: سنڌ گرئجويئٽس ائسوسيئيشن شاخ سڪرنڊ جو سيڪريٽري (6 سال)، سگا مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري، پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن نوابشاهه جو سيڪريٽري ۽ خزانچي، سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ائسوسيئيشن جو مرڪزي پريس ۽ ثقافتي سيڪريٽري، سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ جو سيڪريٽري، لوڪ ورثي اسلام آباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي صلاحڪار بورڊن جو ٽن سالن لاءِ ميمبر، ’شيخ اياز چيئر‘ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو ٽي سال ميمبر، آغا خان يونيورسٽي جي سنڌي ٻولي پئنل جو ميمبر، سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر (6 سال)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر آهي.
کيس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اوارڊ (بهترين شاعري: ”سوچون سرها گل“)، سنگت اوارڊ 1997ع، ۽ 1999ع، (تنقيد ۽ تحقيق)، شاهه لطيف آرٽ سرڪل موري ۽ سڪندر آرٽ گئلري، نواب شاهه طرفان اوارڊ، اسٽوڊنٽس زون اوارڊ، (ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران ادبي خدمتن تي)، ع. ق. شيخ اوارڊ، ڪاروانِ ادب سنڌ پاران ٻه ڀيرا اوارڊ (تحقيقي ادب)، سچل سرمست اوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلنس اوارڊ، حمل فقير اوارڊ، شيخ اياز مڃتا شيلڊ، تنوير عباسي اوارڊ، اُستاد بخاري اوارڊ، بيدل اوارڊ، انيس انصاري اوارڊ، اڏيرو لال اوارڊ ۽ ٻيا ڪئين اوارڊ ملي چڪا آهن.
سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ کي فعال ڪرڻ ۾ تاج جويي جي محنتن کي وساري نٿو سگهجي. هن وقت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ايڊيٽر ۽ نگران آهي ۽ اٿارٽيءَ جي اشاعتي، ادبي ۽ تنظيمي ڪم ڪار ۾ اڳڀرو آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان
ڪمپوزنگ : محمد سليمان وساڻ