• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

يوفون جو پَڪ ڪود معلوم ڪريو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
هر هڪ ڪمپنيءَ جي سِم جو هڪ پَڪ ڪوڊ (PUK Code) هجي ٿو، جيڪو تڏهن استعمال ڪجي ٿو جڏهن اها سِم ڪنهن غلط انٽري جي ڪري ڊس ايبل ٿي وئي وئي هجي۔
توهان پنهنجي يوفون سِم جو پَڪ ڪوڊ هيٺئين ڪوڊ کي ڊائل ڪرڻ سان حاصل ڪري سگهو ٿا
ڪوڊ:
 *333*1*8*1#
۔۔ اِن ڪوڊ جي زريعي اوهان جي موبائل اسڪرين تي جيڪو پَڪ ڪوڊ اچي وڃي ته ان کي پاڻ وٽ لکي محفوظ ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
ياد رهي ته مٿي ڏنل ڪوڊ غلط ڊائل ڪرڻ سان يا هي پَڪ ڪوڊ 5 يا 6 دفعا غلط انٽري ڪرڻ سان اوهان جي سِم بلاڪ ٿي وڃي ٿي۔

جواب: يوفون جو پَڪ ڪود معلوم ڪريو

سائين مست

تمام بهترين معلومات آهي پر جيڪڏهن اسان اٻوجهن کي اها معلومات به ملي ها ته پڪ ڪوڊ جو فائدو ڇا آهي ؟

جيئن توهان اهو معلومات ڏني آهي ته پڪ ڪوڊ غلط ڊائل ڪرڻ سان توهان جي سم بلاڪ ٿئي سگهي ٿئي

اهڙي ئي نموني سان جيڪڏهن پڪ ڪوڊ جا فائدا به ونڊ ڪري سگهو ته توهان جا قرب ٿيندا

سدائين گڏ
 
جواب: يوفون جو پَڪ ڪود معلوم ڪريو

فقير سائين پڪ ڪوڊ تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن توهان پن ڪوڊ غلط انٽر ڪندا آهيو ۽ اها ڪمپني جي طرفان آخري وارننگ هوندي آهي اسان جا ڪافي دوست پن ڪوڊ جو انتخاب ڪندا آهن ته جيئن انهن جو سم ڪارڊ ڪو ٻيو استعمال نه ڪري سگهي پر ڪڏهن ڪڏهن انهن کان پنهنجو پن ڪوڊ وسري ويندو آهي تنهن ڪري ڪمپني انهن کي آخري موقعو ڏيندي آهي ته جيئن اهي پنهنجي سم ڪارڊ کي بچائي سگهن جيڪڏهن انهن وٽ پڪ ڪوڊ هوندو ته سم ڪارڊ بچي ويندو نه ته الله ئي الله خير صلاح۔۔۔
 
جواب: يوفون جو پَڪ ڪود معلوم ڪريو

فقير سائين اميد آهي ته ادي ارشد جي هن بهترين معلوماتي جواب مان مون وانگر اوهان کي به ڄاڻ حاصل ٿي هوندي۔۔۔
ادا ارشد مهرباني۔۔۔۔۔
 
قرب سائين توهان جا

جو توهان اهڙي جامع معلومات سنگت سان ونڊ ڪئي

سدائين گڏ
 
جواب: يوفون جو پَڪ ڪود معلوم ڪريو

فقير سائين اميد آهي ته ادي ارشد جي هن بهترين معلوماتي جواب مان مون وانگر اوهان کي به ڄاڻ حاصل ٿي هوندي۔۔۔
ادا ارشد مهرباني۔۔۔۔۔
ادا توهان جي به مهرباني مون مسڪين کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ۽ حوصلا افضائي ڪئي۔۔

.....................................

فقير سائين اوهان جي به مهرباني۔۔۔
 
Back
Top