/ شفن توبچي / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    شفن توبچي آهي، سندس پري جي نظر گهڻي ڪمزور آهي تنهنڪري چست وٺڻ وقت هو عينڪ جو استعمال ڪندو آهي، جيڪڏهن عينڪ وقت تي نه مليس ته پوءِ چاٻي تي دَڦ ۾ بندوق وهائي ڪڍندو آهي، هو تجربي جي آڌار تي چوندو آهي، ” بندوق ڀل چاٻي تي هڻو، هنياءَ جي سوجهري تي هڻو، يا دڦ ۾ هڻو، گولي ڪنهن نه ڪنهن کي لڳندي ضرور، بس بندوق مان نڪتل گولي ڪنهن نه ڪنهن کي لڳڻ ضروري آهي“،
    شفن توبچي وڌيڪ چوندو آهي، ” اسين سيد جا گوريلا آهيون، سيد پاڻ به پوڙهو شينهن هو ۽ اسين به شينهن آهيون تنهنڪري گدڙن کي سنڌ کائڻ نه ڏينداسين، پوءِ ڀل گدڙ پنجاسي ڇو نه هجن، بگهڙن جي ڳالهه اسان نه ٿا ڪيو، جو بگهڙ، گدڙ ناهن؟!“،
    مان گگدام ماڻهو شفن توبچيءَ جي اهڙين ٻنهي حڪمتن کان سخت متاثر آهيان، هڪ چاٻي تي بندوق هلائڻ واري حڪمت ۽ ٻئي سنڌ کي گدڙن جو کاڄ ٿيڻ کان بچائڻ واري حڪمت، چوندا آهن، انسان عقل وارو هجي ته بهتر، عاقل ٿي ويو ته پوءِ ان جو بالغ ٿيڻ به ضروري آهي ۽ جي بالغ ٿي ويو ته پوءِ ان جو وات وڪيل ٿيڻ بنهه اڻٽر ٿي پوندو آهي، معـنـﻰ ته عاقل، بالغ ۽ وات وڪيل هجڻ واريون ٽيئي خوبيون گڏبيون ته انسان عقل وارو ٿي ويندو، جي ڪابه هڪ خوبي گهٽجي ويندي ته انسان نيم حڪيم خطري جان ٿي ويندو.
    شفن توبچي سنڌ جي پاڻ اعلانيل قومي جنگ جو سرواڻ ۽ جرنيل آهي، تنهنڪري هو سڀ ڪجهه پان ئي آهي، هو سياستدان آهي، سياسي اڳواڻ آهي، قومي ڪارڪن آهي ۽ قومي جنگ جو جرنيل پڻ آهي، يعني هر مرض جي دوا ڦڪي بينظير. هڪ رانجهو لکن جو مَٽُ.
    هڪ ڏينهن شفن توبچيءَ خواب ڏٺو، جنهن ۾ سن جي سائين کيس پنهنجو ديدار ڪرائي بشارت ڏني، چيائيس، ” شفن توبچي تون سنڌ جو سرواڻ آهين، ديش جي آزاديءَ جو بار تنهنجي ڪلهن تي آهي، تون نون ۽ پراڻن سنڌين وچ ۾ پل ٺاهي ديش جي آزاديءَ تائين پهچي سگهين ٿو، تون ئي ديش جي آزاديءَ جو اڳواڻ آهي، باقي ٻيا ڀَتُ خور ٿي پيا آهن“،
    سن جي سائينءَ جي اهڙي بشارت تي شفن توبچيءَ جي اک کلي پئي، ويڇان ٽڙي پيس ۽ گگهه ڳڙي پئي. هن ٿٿان ڦٿان ڪري پنهنجي دنبوق سنڀالي سندس هڪ هٿ بندوق جي گهوڙي تي هو ۽ ٻئي هٿ سان چشمو ڳولڻ جي لاءِ هٿوراڙيون پيئي ڏنيون ته ايتري ۾ سندس دبنوق ڇٽي ويئي ۽ گولي وڃين سڌو دودو ديشيءَ جي سيني ۾ لڳي، جنهن وڏي رڙ ڪندي چيو، ” توبڇي، اُڦَٽُ ماري ڇڏيئي“،
    ايتري ۾ شفق توبچي هٿ ڪيل عينڪ نڪ تي رکي ڏٺو ته دودو ديشي سيني تي هٿ رکيون ڪتي واري ڄنگهه هڻندي نظر آيو، شفن توبچيءَ کيس چيو، ” سيد بشارت ڏني آ ته مان نون ۽ پراڻن سنڌين وچ ۾ پل ٺاهي ديش جي آزاديءَ تائين پهچي سگهان ٿو، هيءَ بندوق تي مون پنجاسيءَ کي هنئي، توکي ڪيئن لڳي“،
    دودي کيس چيو، ” ڪالهه مون کي حريفتي مڪڙن بندوق هنئين زندگي هئي ته بچي ويس ۽ اڄ تون مون کي سڌي بندوق هنئي آهي اڄ نه بچندسُ پوءِ به سيد وري بشارت به توکي ڏني آهي“،،
    دودي کيس چگهندي چيو، ” لعنت آهي هن پل تي جڏهن دودو دوکي سان ڦتڪي ڦتڪي مري رهيو آهي، تون پڪ سان خواب ۾ پنجاسيءَ کي بندوق هنئي آهي، نه ته تون ۾ ايترو دم ئي ناهي، غيرت هجئي ها ته پهريان حريفتي مڪڙن کان پنهنجن شهيدن جو پلاند ڪرين ها پوءِ پنجاسي مارين ها“،
    دودي ائين چئي دم ڏنو، هن ڏم ڏيندي، ڏيندي چيو، ” اَي سنڌ تنهنجي غدارن تي لعنت“.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو