اربيلو ڳوٺ کان شهر آيو آهي، پوري سوري تعليم واري اربيلي جي هڪڙي خاصيت آهي ته هو هڪ اهڙي قسم جو مهذب سماجي ڍور آهي، جيڪو وڌ ۾ وڌ ماڻهن سان تعلقات رکڻ جو خواهشمند هوندو آهي، اربيلو اڄڪلهه موجن ۾ نظر ايندو آهي جو هن موبائل فون ورتي آهي، جيڪا ڏينهن جو گهڻو وقت ڪن تي ٿورو وقت هٿ ۾ ۽ باقي وقت سندس نظرن جي سامهون هوندي آهي، جيئن لوسي ڪتي جي نظر سڻڀي ٽُڪر تي هوندي آهي، اها ڳالهه به سورنهن آنا درست آهي ته موبائل فون اربيلي کي هڪ شوخ ۽ چنچل مسڪراهٽ ڏني آهي، اربيلي جي اهڙي مسڪراهٽ مان لڳندو آهي، ”ڄڻ سندس انبڙي ٻوڪي ٿي هجي“، هڪ دفعي اربيلي حد ڪري ڇڏي، هن هڪ دوست کي فون ڪيو، جنهن جو نمبر مصروف هجڻ سبب کيس بار بار هڪ سنهڙي ۽ مٺڙي عورتاڻي آواز ۾ جواب ٿي مليس، ”آپ ڪا مطلوبه نمبر ڪسي دوسري لائن پر مصروف هي، برائي مهرباني آپ کچهه دير بعد کال کرين“، ۽ آواز بند ٿِي، ٿَي ويو، اربيلي هڪ دفعو وري نمبر ملايو ۽ وري کيس ساڳيو جواب مليو، جيستائين آواز بند ٿئي، اربيلي کيس مَامَ ۾ چئي ورتو، ” ڀلا تيستائين تو ئي کڻي ڳالهاءِ“.
جواب: / اربيلو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / يار زاهد ڏاڍو ڪو ڏنگو آهيين ۔۔۔ کلي کلي ورن وڪڙن ۾ سور پئجي ويو آهي ۔۔۔ مطلب ته سنڌي نوجوان کري پيا آهن، گهر ۾ کائڻ لاءِ پئسا ڪون، پر فون جو شوق ضرور پورو ڪندا ۔۔۔ بس ڙي ادا اهو ئي ته فرق آهي ترقي يافته قومن ۽ سماجي ڍورن ۾ ۔۔۔