ڌار صوبي جو ٻيهر رينگٽ!!

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڌار صوبي جو ٻيهر رينگٽ!!
    راز ناٿن شاهي

    [JUSTIFY]”اسان ڀارتي راجستان کان جڏهن پهرين منزل ميرپورخاص پهتاسين ته هتي مسلم ليگ جي گارڊن جون ڪئمپون لڳل هيون ۽ هنن اسان جي آجيان ڪري سنڌ ڌرتيءَ جا رنگ ڏسڻ ڏنا. ٻن ڏينهن کان پوءِ اسان جو قافلو ريلوي رستي حيدرآباد پهتو ۽ ريلوي اسٽيشن جي سامهون واري ميدان ۾ تمام گهڻا خيما لڳل هئا، پاڻ ۾ مٽ مائٽن جا گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه کن گهر 14 آگسٽ 1947ع، 27 هين رات رمضان شريف جي پنهنجن گهرن منجهان نڪري ڳوٺان هن نئين اسلامي ملڪ لاءِ روانا ٿيا هئاسين. قافلي ۾ پوڙها، جوان، ٻار، عورتون، ڇوڪريون اٽڪل 300 انسان حيدرآباد پهچي سک جو ساهه کنيوسين، هتي مقامي اڳواڻن ۽ پراڻن رهواسين تمام گهڻي انداز ۾ اسان کي ٽن وقتن جو کاڌو ڏيڻ شروع ڪيو ۽ روز لائوڊ اسپيڪرن تي سڄو ڏينهن اهي اعلان ڪندا رهندا هئا ته فلاڻي شهر، فلاڻي ضلعي ۾ مڪمل گهر، ڪجهه ايڪڙ زرعي زمين، چار ڀليون مينهون، هڪ ڳئون ۽ ڪجهه ٻڪريون توهان لاءِ آهن، جيڪو شخص به راضي هجي اهو پنهنجو نالو اسان وٽ لکائي وڃي. ڪيترائي مقامي ماڻهو وري اسان کي حيدرآباد جي هيرآباد، شاهي بازار، تلڪ چاڙهي ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ گهر ڏيکاريندا هئا جيڪڏهن اسان کي پسند اچي پيو ته گهرن جا تالا ڀڃي گهر حوالي پيا ڪن، جيڪڏهن نه ته وري ٻيو گهر پيا ڏيکارن ۽ گهر ۾ رهائش کان پوءِ ڏهن ويهن ڏينهن تائين اسان کي ٽئي وقت کاڌو به پهچائن پيا......“ (محمد مبين قاضي 16 جولاءِ 2011ع-جنگ)

    ”29 جون 1948ع ڏينهن پنجاب واري چوڌري قادر بخش ميجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ هڪ عجيب و غريب مقدمو پيش ڪيو ويو، هن مقدمي ۾ مهاجر ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻن زال مڙس تي سرڪاري خيمي جو ڪپڙو ڪٽڻ جو الزام هيو. پوليس هنن کي عدالت ۾ حاضر ڪيو ته هنن ٻڌايو ته اسان هن ڪئمپ ۾ گذريل پنجن مهينن کان رهيل آهيون، اسان جي بدن تي پهريل ڪپڙا پراڻا ٿي ڪيترن ئي هنڌن تان ڦاٽي پيا آهن جنهن سبب اسان جا جسم اگهاڙا ٿين ٿا ۽ اسان ڏينهن جي وقت ۾ ڪئمپ منجهان پاڻي ۽ کاڌو وٺڻ لاءِ ٻاهر نه پيا نڪري سگهون جنهن سبب ٻه ڏينهن بک ۽ اڃ ۾ گذارياسين پر پوءِ مجبور ٿي پنهنجي خيمي منجهان ٿورو ڪپڙي ٽڪر ڦاڙي پنهنجي اوگهڙ ڍڪي راشن ۽ پاڻيءَ لاءِ ٻاهر قطار ۾ بيهندا آهيون ۽ هن وقت به اسان پنهنجا جسم انهن خيمي جي ٽڪرن سان ڍڪيا آهن، ائين چئي هنن پنهنجن جسمن تان خيمي منجهان ڪٽيل ڪپڙن جا ٽڪرا هٽايا ۽ هنن جا جسم پنهنجو ستُر نه ڍڪي سگهيا....“ (منير احمد بلوچ، 19 جولاءِ 2011ع- جنگ)

    ”رستي ۾ مقامي ماڻهن اسان جي آجيان گلن جي هارن ۽ کير ڀريل وٽن سان ڪئي، اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏنائون، مانيون کارايائون. پير الاهي بخش جيل ڀرسان خالي پيل سرڪاري زمين اسان کي گهرن ٺاهڻ لاءِ ورهائي ڏني پير الاهي بخش کي الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقامات عطا فرمائي. هن پير الاهي بخش ڪالوني ۾ ابراهيم جليس رهندو هيو، سليم احمد، ڊاڪٽر جميل جالبي، محمد احمد سبزواري کان سواءِ ڪيترن ئي دانشورن رهائش اختيار ڪئي. مان جڏهن 4 آگسٽ 1947ع ڏينهن ڪراچي پهتس ته بندر روڊ جي آس پاس نانڪ واڙو، جهونا مارڪيٽ، لارنس روڊ تائين پکڙيل آباديءَ وارو صاف سٿرو شهر هيو، ٽرام هلندي هئي، چيف ڪورٽ بلڊنگ جي اندر مهاتما گانڌيءَ جو مجسمو لڳل هيو....“ (سعيد صديقي 21 جولاءِ 2011ع- جنگ).

    مٿي ڏنل مضمونن جا ٽڪرا جيڪي ترجمو ڪري پيش ڪيا ويا آهن اهي سڀ اردو ميڊيا جي سڀ کان وڏي اخبار منجهه هن ئي مهيني شايع ٿيل مضمون منجهان کنيل آهن جيڪي سنڌ ڄائي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي هڪ تقرير جيڪا هن عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر شاهي سيد جي دعوت ۾ ڪئي، جنهن کان پوءِ اردو ميڊيا اهڙي واويلي ڪئي جو ڄڻ ڪو طوفان اچي ويو ۽ ڪراچي شهر ۾ خوني راند شروع ٿي وئي، ڪيترائي بيگناهه ماريا ويا، گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، ڊيڄارڻ لاءِ لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، رات پيٽ ۾ سڄي شهر جي ڀتين تي ”ضروري آ ضروري آ، مهاجر صوبو ضروري آ.....“ لکجي ويو!! هڪ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ ڌڻين کي چتاءَ ڏنا ويا ۽ موجوده حڪومت کي هڪ وڏي ايندڙ تباهيءَ کان ڊيڄارڻ، شهرن ۾ خونريزي ٿيڻ، سنڌ ڌرتيءَ کي ورهائڻ واريون پنهنجي اندر جون ڳالهيون اوڳاڇي وڃي پار پهتو!! ۽ انهن سڀني ڳالهين کي ”قومي“ ميڊيا جي ٽي وي چئنلن سڌوسنئون سڄي ملڪ ۽ ٻاهرين دنيا کي ڏيکاريو!! مون گذريل هفتي ئي لکيو هيو ته ڊيل ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي اقتدار ۾ واپسي شروع ٿي ويندي ۽ ”سڻڀو سودو“ ٿيڻ شرط هوريان هوريان ٻارنهن سالن کان پنهنجي نالي ٿيل اقتداري ڪرسين تي واپسي جي شروعات ٿي وئي!!.

    ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڳالهين تي سنڌ جي شهرن ۾ ڀنڀٽ ٻاريا ويا، پر شهرن جي ڀتين تي جنم وٺندڙ انهن ٽانڊن لاءِ ڪنهن به سنڌ جي همدرد اڳواڻ جي زبان بند رهي ۽ اکيون نه کليون!! هي اهي ئي اڳواڻ آهن جيڪي جلسن ۽ جلوسن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ويڙهي سنڌ ماءُ ۽ سنڌ واسين سان وڏا وڏا وچن ڪندا آهن!! جيڪڏهن ”قومي“ ميڊيا (جنهن کي هاڻي قومي ميڊيا سڏڻ فضول آهي) ڪنهن طاقتور ڌر جي چوڻ تي هي سڄو ممڻ مچايو ته سنڌي ميڊيا جي ٽي وي چئنلن جو به اهو فرض ٿئي ٿو ته ذوالفقار مرزا جي حمايت ۾ سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺڙن ۾ نڪتل جلوسن بابت ڏسندڙن کي آگاهي ڏين، سنڌي اخبارن ۾ ته اشتهارن جي روپ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي شاباس ڏني وئي ۽ خبرون به تصويرن سميت شايع ڪيون ويون پر افسوس اهو رهيو ته ڌار صوبي جي هن پراڻي رينگٽ بابت موجوده سرڪار جي ڪنهن به سياسي اڳواڻ پڇاڻو نه ڪيو!!.

    ڌار صوبي وارو اجايو رينگٽ ته سنڌ ۾ ڌارين جي وڌ کان وڌ لوڌ اچڻ جي ڇهن سالن کان پوءِ يعني 21 ۽ 22 آڪٽوبر 1953ع ۾ ئي ڪراچي مسلم ليگ ڪونسل جي اجلاس ۾ احمد اي ايڇ جعفر مطالبو پيش ڪيو هو ته ڪراچي کي ڌار صوبي جي شڪل ڏئي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، پر هنن جي ڳالهه کي وڌيڪ هٿي نه ملي پر اها سوچ هنن جي ذهن ۾ وڌي وئي ته هيءَ سامونڊي ڪاروبار پٽي قبضي ۾ ڪرڻ ضروري آهي جنهن لاءِ وڏو ڪم ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ انڊر گرائونڊ شروع ڪيو ويو، تنظيمن جا نالا ۽ ڪردارن جا روپ ۽ چهرا تبديل ٿيندا رهيا، ڪڏهن حيدرآباد ۾ نواب مظفر ۽ حافظ مبارڪ ممڻ مچائيندا رهيا ته ڪڏهن وري نصرت مرزا ۽ ڊاڪٽر اقبال حيدر نروار ٿيندا رهيا ته وري نئون ڍنگ، نئون رنگ ۽ جديد هٿيار کڻي هڪ لساني ٽولو هڪ وڏي خوني طوفان جيان سنڌ ڌرتيءَ جي شهرن تي ڇائنجي ويو ۽ طاقتور هستين جي اشارن تي پنهنجي پارٽي جا نالا به تبديل ڪندو ويو!!.

    ڌار صوبي واري ڳالهه رڳو سنڌ ۾ هڪ مخصوص گروهه ڪري رهيو آهي. حالانڪه پنجاب ۾ جيڪي به ڀارت کان لڏي اچي رهيا اهي سڀ جا سڀ پنجابي ٿي ويا يا جنهن به ڌرتيءَ تي هنن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو مليو هو ان ڌرتيءَ جي رنگ ۾ رنگجي ويا، پر سنڌ اهو اڪيلو صوبو آهي جنهن ۾ 97 سال گذرڻ کان پوءِ به ٻاهران آيل پاڻ کي سنڌي نه بڻائي سگهيا!! صرف سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان تصويرون ڪڍرائي اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ سان ۽ سنڌي سڏائڻ سان سنڌي ناهي بڻبو، اصل ڳالهه دل کي اجارڻ جي آهي، ذهن کي کولڻ جي آهي، ڀٽائيءَ کي سمجهڻ جي آهي، سنڌ جي صدين پراڻي ثقافت جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، سنڌ جي مٺڙيءَ ٻاٻاڻي ٻولي ڳالهائڻ آهي، جنهن کان پاسو ڪندڙ، جنهن کان ڪنڌ ڪڍائڻ وارو ڪيئن ٿو پاڻ کي سنڌ جو پٽ چوائي!!؟ ڪيئن ٿو پاڻ کي لطيف سرڪار جو پوئلڳ چوائي!؟.

    مون سميت سنڌ جي ڪيترن ئي صحافين ۽ ليکڪن سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن کي گذارشون ڪيون آهن ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ بچائڻ واري هڪ نقطي جي سياست تي پاڻ ۾ ڪلهوڪلهي سان ملائي بيهو ته پوءِ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ واريون سازشون جنم نه وٺنديون. اڃا به وقت آهي ته سائين جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، رسول بخش پليجو يا اياز لطيف پليجو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻيا سونهاريءَ سنڌ ڄاوا هڪ گڏيل طاقت جو روپ وٺي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پنهنجي سچ جي صدا هڻڻ شروع ڪن ته جيئن هي ڌار صوبي وارو رينگٽ سدائين لاءِ ختم ٿئي، متان وقت گذرڻ سان هوريان هوريان مفاهمت جي نالي ۾ سنڌ جي شهرن منجهان سنڌين کي گولين جي زور تي ڪڍيو وڃي!! سنڌي ميڊيا کي مجبور ڪيو وڃي ته هو به اهو ئي راڳ ڳائي جيڪو اسين چئون، ائين جيئن ”قومي“ ميڊيا هينئر سنڌ ۾ ڪري رهي آهي!!.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڌار صوبي جو ٻيهر رينگٽ!!

    مڙيا مڇ هزار ڀانڱا ٿيندي سهڻي

    في الحال ته سهڻيءَ کي سير مان ڪڍڻ وارو ڪوئي سنڌي نظر ڪون ٿو اچي، بلڪ پوري قوم ڪتي کاڌل بيمارين ۾ وڪوڙيل آهي ۔۔۔ ڪو سني آهي ڪو شيعو آهي ته ڪو صوفي، ڪو ڏاهري آهي ته ڪو طاهري آهي، ڪو ابڙو آهي ته ڪو اڙٻنگ آهي، مٿان وري اسانجا سياستدان، وڏيرا جاگيردار ۽ پير مير ” آڻ ته کائون“ سندن پيٽ ئي نٿا ڀرجن ۔۔۔

    وري ظلم اهو ٿيو آهي ته قومپرستيءَ جي ڳالهه ڪري مالڪي ڪندڙ سهڻا ماڻهون وڃي قبرن ۾ آرامي ٿيا ۽ اهو نظريو ۽ سگهه اهڙن ماڻهن جي هٿ ۾ اچي وئي جن پنهنجن گهرن ڀرڻ لاءِ قومي نظريي کي اهڙو ته بريءَ طرح استعمال ڪيو آهي جو هاڻ سموري قوم قومپرستيءَ تي ٿو ٿو پئي ڪري ۔۔۔

    واڪا ته گهڻي ئي ٿين ٿا ۔۔۔۔ ڪيترائي سنڌ جا هڏ ڏوکي روئي روئي نور نچوئن ٿا ۔۔۔ پر اسانجي سنڌي قوم، ڇتي ڪتي جيئان پنهنجي ئي پڇ ۾ چڪ هڻي گول گول گهمي رهي آهي ۔۔۔

    حالتون مايوس ڪن لفظ کان به چڙهي هاڻ ناممڪن طرف وڌي رهيون آهن، قوم جيڪڏهن ترت ايڪي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪري ڪنهن فيصلي تي نه پهتي ته پوءِ لعنتون هن قوم جو مقدر آهن ۔۔۔

    ڪنهن در ڏجي دانهڙي ۔۔۔؟؟؟
     
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڌار صوبي جو ٻيهر رينگٽ!!

    سهڻا سائين !

    اسان جي اخبارن کي گهرجي ته جنگ اخبار جا اهي ٽڪرا جيئين جو تيئين ڇاپي موٽائي جنگ۽ جيو جي منهن ۾ هڻي ڌار صوبي جي گهر ڪندڙن کي پنهن جي اصليت کان آگاه ڪن۔۽احسان فراموش ڪندڙن کي ياد ڏيارين ته، ڏسو هي اسان جي وڏڙن جون اوهان جي وڏڙن تي ڪيل مهربانيون۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڌار صوبي جو ٻيهر رينگٽ!!

    منهنجي ڄاڻ ۾ اهو آيو آهي ته اڄ شام جيو ٽي وي نالي چينل تان مهاجرن جي لاءِ الڳ صوبي جي لاءِ هڪ ڊبيٽ پروگرام رکيو ويو آهي، جيئن ته منهنجي گهر ۾ ڪيبل جهڙي بلا موجود نه آهي ان ڪري تمام دوستن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اهو پروگرام ڏٺو هجي ته ان جي معلومات هتي ضرور ونڊ ڪن ته جيئن ان اردو ميڊيا جي پروپيگنڊه جي هتي ڄاڻ ملي سگهي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو