اٽڪ تي ڊيم ٺاهڻ واري ڳالهه! محمد ادريس راجپوت [JUSTIFY] صحافت جي ٻوليءَ ۾ خبر اُن کي چئجي، جيڪا ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي يا اُنهن کي ڇرڪائي. چون ٿا صحافت جي ڪتابن ۾ اِهو لکيل آهي ته اِها ڳالهه ته ”ڪتي ماڻهو کي چڪ پاتو“ خبر ناهي، جو عام طرح ائين ٿيندو رهي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي ڇرڪائڻ جي، پر اِها ڳالهه ته ”ماڻهو ڪُتي کي چڪ پاتو“ خبر آهي، جو عام طرح ائين نٿو ٿئي ۽ انهيءَ تي ماڻهن کي اچرج وٺجي ٿو ته ماڻهو ڪتي کي ڪيئن چڪ پاتو هوندو ۽ شوق سان انهيءَ خبر کي پڙهندو. عام طرح جهنگلي جانور جيئن شينهن يا چيتو ماڻهن کي نقصان پهچائن ٿا، پر اخبارن ۾ اِهڙيون خبرون اڪثر ڇپجن ٿيون جن ۾ هڪ ماڻهو کي شينهن يا چيتي سان رهندي ڏيکاريو وڃي ٿو. ماڻهن کي خبر بڻجڻ جو شوق هوندو آهي ۽ ڪي ماڻهو اِنهيءَ لاءِ سئو ماڙ بلڊنگ تي رسن جي مدد سان چڙهي ثابت ڪن ٿا، هنن وڏو ڪارنامو انجام ڏنو. ڪي وري سئو ماڙ بلڊنگ تان ٽپو ڏين ٿا. تازو هڪڙي ماڻهو پنهنجي چوڌاري ماکيءَ جون مکيون اهڙي نموني ۾ چنبڙايون جو همراهه سڄو ڍڪجي ويو ۽ هڪ بوتو ماکي جي مکين سان ڍڪيل ڏسڻ ۾ آيو، ”گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ“ اِهڙين ڪيترين ڳالهين سان ڀريل آهي. اهڙي ئي هڪ ڇرڪائيندڙ خبر جناب فتح الله خان گنڊاپور ڊان اخبار ۾ ڏني، جنهن ۾ اٽڪ وٽ هڪ ڍنڍ/بيراج ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي. جناب فتح الله خان جو تعلق خيبر پختونخوا صوبي سان آهي ۽ پاڻ ارسا جا ميمبر ۽ چيئرمين رهي چڪا آهن ۽ ڪالاباغ ڊيم جا مخالف ۽ ڪٽزارا (اسڪردو) ڊيم جا حامي رهيا آهن. خبر تي تبصرو ڪرڻ کان اڳ اچو ته ڏسون ته هو صاحب ڇا ٿو چوي، ”اٽڪ واري Gorge تي ملڪ جي پاڻي ۽ بجلي جي گهرجن لاءِ هڪ ڊيم سان گڏوگڏ بيراج ٺاهڻ کپي، جنهن ۾ 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گڏ ڪري سگهجي ۽ 2 کان 6 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي. اِها اڏاوت هڪ Balancing reservoir طور ڪم ڪندي، جنهن لاءِ ڪنهن زمين وٺڻ جي گهرج نه ٿيندي ۽ نه ڪنهن کي معاوضو ڏيڻو پوندو. اِنهيءَ مان ٽن ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذخيرو ملندو، جيڪو ڪيترا ڀيرا ڀري سگهبو، جو پاڪستان 114 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان هتي وهڪرو 93 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. اٽڪ تي مٿي ٺهندڙ بيراج جي ڪري پشاور ماٿري نه ٻڏندي ۽ نه ئي اتي سم ٿيندي، بلڪه انهيءَ ڪري ڪرڪ ۽ بنون ۾ آبادي به ٿي سگهندي. انهيءَ اڏاوت کي خيبرپختونخوا صوبي کي به اعتراض نه هوندو. انهيءَ جي قيمت 3- ارب ڊالر هوندي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم ٺاهڻ تي 12-ارب ڊالر خرچ ايندو ۽ انهيءَ جي اُپت ڀاشا ڊيم کان وڌيڪ هوندي. منصوبي تي يڪدم ڪم شروع ڪيو وڃي، جيستائين ڀاشا ۾ ڪٽزارا جهڙن مها منصوبن ۾ هٿ وڌو وڃي. اِها جاءِ هڪ مٿين ليول جي بيراج ٺاهڻ لاءِ مناسب آهي، جيڪا 100 فوٽ عميق واري ڊيم مٿان ٺهيل هجي ۽ جيڪا ڊيم جي Crest تي 50 کان 60 فوٽ هجي. انهيءَ ۾ ذخيري ٿيل پاڻي جي ليول 850 يا 860 فوٽ هوندي. انهيءَ ۾ هيٺين ليول جو پاڻي نه روڪيندڙ سلوس هڪ ڀاشا جهڙي گهڻ مقصدي ڊيم جيترو فائدو ڏيندي ۽ زمين جو ڪو به معاوضو نه ڏيڻو پوندو.“ چون ٿا ته اِهو منصوبو وزير اعظم پاڪستان کي اماڻيو ويو آهي، جنهن انهيءَ جي تفصيلي فني جاچ لاءِ واسطيدار سرڪاري ادارن ۽ وزارتن کي اماڻيو آهي. مون کي به اِها خبر پڙهي اچرج لڳو، جو مون ڪڏهن به اٽڪ تي ڊيم ٺاهڻ واري ڳالهه نه ٻڌي هئي. اٽڪ اها جاءِ آهي، جتي سنڌو ۽ ڪابل درياهه ملن ٿا. انهي جو مفاصلو تربيلا کان اٽڪل 25 مليل آهي. نوشهرا کان اٽڪل 30 ميل آهي ۽ رٿيل ڪالاباغ ڊيم کان 100 ميل آهي. (ڏسو نقشو). ڪالاباغ ڊيم تي خيبر پختونخوا صوبي جو مکيه اعتراض اِهو آهي ته انهيءَ جي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ليول، جيڪا 915 فوٽ آهي، تنهن جو ابتڙ اثر نوشهري شهر تائين پهچندو، يعني اٽڪل 130 ميلن تائين پوندو. جڏهن ته اٽڪ وٽ ٺهيل ڊيم جو مفاصلو نوشهرا شهر کان رڳو 30 ميل آهي. ڊيم ٺاهڻ جو مطلب اِهو آهي ته اتي پاڻي جي ليول مٿي رکڻي پوندي. فتح الله خان چوي ٿو ته، 100 عميق ۾ ڊيم ٺاهي انهي مٿان بيراج ٺاهيو، انهيءَ جي ليول جو اثر يقينن نوشهرا شهر تائين پهچندو، ۽ نوشهرو شهر ٻڏندو. هڪڙو ٻيو به جُز آهي، جيڪو اهم آهي. اٽڪ وٽ درياهه پنجن ميلن ۾ تمام سوڙهو آهي، تنهن ڪري ئي ان کي گارج چئجي ٿو. انهيءَ سوڙهه جي ڪري ٻوڏ واري پاڻيءَ کي اتان لنگهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ اِن کان مٿي پاڻيءَ جي ليول چڙهي وڃي ٿي. گذريل سال واري ٻوڏ ۾ اِتي ايترو پاڻي چڙهي ويو، جو اِتي پاڻي جي ماپ ڪندڙ گيج ٻڏي ويو هو. سال 1929ع ۾ سنڌو جي پيٽ ۾ هڪ گليشيئر جو ٽڪرو ڦاسي پيو هو، جتي گلگت واري عطا ڍنڍ واري نموني اُتي هڪ ڊيم پٺيان ڍنڍ ٺهي وئي. جڏهن اِهو برف جو ڊيم ٽُٽو ته هيٺ ٻوڏ اچي وئي. اهو پاڻي جڏهن اٽڪ وٽ پهتو ته اِتي سوڙهي رستي سبب پاڻي هيٺ پاس گهٽ ٿيو ۽ اِنهيءَ جو اُبتو اثر نوشهرا شهر تائين پهتو ۽ نوشهرو شهر ٻڏي ويو هو. جڏهن اِنهيءَ سوڙهه واري لنگهه ۾ هيٺ 100 فوٽ عميق ۾ ڊيم ٺاهيو ويندو ته اهو ڊيم وڌيڪ سوڙهه ڪندو ۽ ٻوڏ واري پاڻيءَ کي اتان لنگهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ نوشهرو شهر پڪ ٻڏندو. سال 1968ع ۾ عالمي بينڪ جي تعاون سان پاڪستان جي پاڻيءَ واري شعبي ۾ ترقي وٺرائڻ لاءِ هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي، جنهن جو نالو هو.Water and power resources of west Pakistan- a study in sector planning. اِها رپورٽ ان جي سربراهه پيٽر ليفسڪ جي نالي پٺيان ليفٽسڪ رپورٽ سڏجي ٿي. واپڊا جي سڄي منصوبابندي انهيءَ رپورٽ جي آڌار تي آهي. انهيءَ رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ ٺهي سگهندڙ ڊيمن جا تفصيل ڏنل آهن، جيڪي آهن تربيلا، اٽڪ، ڪالاباغ، گهڙيالا، سجاول اکوڙي، ڍوڪ پتن، اسڪردو، بنجي، چيلاس، چشما، سيوهڻ، منڇر، ٿل، منگلا، مٿي ڪيل منگلا روهتاس. انهيءَ ۾ اٽڪ بابت هي ريمارڪ ڏنل آهن.Can not be considered feasible due to number of people and land affected by reservoir (ترجمو: اِتي ڊيم ٺاهڻ انهيءَ ڪري ممڪن ناهي جو انهيءَ جي ڍنڍ ڪري ڪيترن ماڻهن تي اثر پوندو ۽ ڪيتري زمين ٻڏندي.)وري واپڊا جي Vision 2025 ۾ مٿي سڀني ڊيمن جو ذڪر آهي، سواءِ اٽڪ ڊيم جي. وري اِهو ڊيم اهڙي هنڌ آهي، جيڪو ڪابل ۽ سنڌو ٻنهي درياهن جو پاڻي ڪنٽرول ڪندو. سنڌ وارا انهيءَ کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا. فتح الله خان گنڊاپور اٽڪ وٽ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري شهرت ته حاصل ڪري ورتي آهي، پر انهيءَ تي سندس صوبي وارا ئي راضي نه ٿيندا. خود پنجاب انهيءَ تي اعتراض واريندو، سنڌ وارن جي لحاظ کان ڪو به ڊيم جيڪو سنڌو ڪابل جو ڪل پاڻي ڪنٽرول ڪري اسان جي جياپي لاءِ خطرناڪ آهي. اِهو ٺهي نه سگهندو ۽ اسان کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر هن خبر هر ڪنهن پڙهندڙ کي ڇرڪائي ضرور ڇڏيو آهي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل