• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري (ويٺو آن)

[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]پڙاڏو آه اندر جو ٻُڌي اچ يار ويٺو آن[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]اکين کي آسرو تنهنجو. تڪيان ٿو راهه ويٺو آن[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]
[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli] [/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]دلاسا ٿو ڏيان هر هر پنهنجي بيتاب دلڙيءَ کي[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]چوان ٿو هُو وٺڻ ايندو، ڏيڻ لئه پيار ويٺو آن[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli] [/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]
[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]چوان ٿو چنڊ کي تون يار منهنجي کي سنيهو ڏي[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]اکين کي ننڊ ناهي، آتنهنجي پرچار ويٺو آن[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]
[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli] [/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]اکيون آليون آهن درويش دل ۾ اوڇڳارون هن[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]حياتي بار آ توکانسوا لاچار ويٺو آن[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]
[/FONT]
[FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli]عمران درويش سومرو[/FONT][FONT=Mangrio_Aziz_Aftab_Talpur_Styli][/FONT]

wetho-poetry.jpg

.
 
جواب: شاعري (ويٺو آن)

مطلب ته شاعري جي ميدان ۾ به اوهان جي ڍاڪ ويٺل آهي ،
مون کي پڪ آهي ته بهترين صحافي سان گڏ اوهان بهترين شاعر ڀي ثابت ٿيندو ،
الفاظ تمام بهترين آهن باقي وزن بحر جي ڳالھ آهي ۽ اسين هن ۾ جڏا آهيون ، ڏسون ٿا ته شاعر حضرات ڇا ٿا ڪامينٽس ڏين ،
مهرباني دوست عمران درويش سومرو صاحب
 
جواب: شاعري (ويٺو آن)

اکيون آليون آهن درويش دل ۾ اوڇڳارون هن
حياتي بار آ توکانسوا لاچار ويٺو آن

واھ درويش واھ
تمام بهترين يار
 
جواب: شاعري (ويٺو آن)

دلاسا ٿو ڏيان هر هر پنهنجي بيتاب دلڙيءَ کي
چوان ٿو هُو وٺڻ ايندو، ڏيڻ لئه پيار ويٺو آن

واهه ۔۔۔۔۔ تمام بهترين شاعري

درويش شاعري ڪرڻ ۾ ڏينهن لڳائيندو آهي پر جڏهن شاعري کڻي ايندو آهي ته غضب جي شاعري هوندي آهي۔ مجاز عشق تي ڪيل لاجواب شاعري، لفظن جو سهڻو سٽاء، جذبن کي بيان ڪرڻ جو بهترين انداز ۽ اسان جو خير آهي پر سائين نثار ابڙي جي دل جي رفتار وڌائڻ جو هڪ ٻيو ذريعو۔۔۔۔چنڊ کي نياپا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه ۔۔۔ چنڊ کي نياپو ته اياز به ڏياريو هو:

چئو منھنجي چنڊ کي، رھي وڃي رات،
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منھنجي ساھ کي.

لاجواب شاعري ۽ بهترين ڊزائن۔۔
 
ادا افتخار اهي توهان دوستن جون مهربانيون آهن جون مون جي لا اهڙا عظيم لقب "شاعر" ۽ "صحافي" استعمال ڪيو ٿا
ادا آئون ناچيز درويش صفت کان به سوين درجا هيٺ آهيان۔ دعا ۾ ياد رکجو۔
پسند ڪرڻ جي وڏي وڏي مهرباني۔

۔

.....................................

اکيون آليون آهن درويش دل ۾ اوڇڳارون هن
حياتي بار آ توکانسوا لاچار ويٺو آن

واھ درويش واھ
تمام بهترين يار

مٺا عاشق (مجبور) وڏي مهرباني۔ پسند ڪري اقتباس چونڊڻ جي۔

۔

.....................................

دلاسا ٿو ڏيان هر هر پنهنجي بيتاب دلڙيءَ کي
چوان ٿو هُو وٺڻ ايندو، ڏيڻ لئه پيار ويٺو آن

واهه ۔۔۔۔۔ تمام بهترين شاعري

درويش شاعري ڪرڻ ۾ ڏينهن لڳائيندو آهي پر جڏهن شاعري کڻي ايندو آهي ته غضب جي شاعري هوندي آهي۔ مجاز عشق تي ڪيل لاجواب شاعري، لفظن جو سهڻو سٽاء، جذبن کي بيان ڪرڻ جو بهترين انداز ۽ اسان جو خير آهي پر سائين نثار ابڙي جي دل جي رفتار وڌائڻ جو هڪ ٻيو ذريعو۔۔۔۔چنڊ کي نياپا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واهه ۔۔۔ چنڊ کي نياپو ته اياز به ڏياريو هو:

چئو منھنجي چنڊ کي، رھي وڃي رات،
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منھنجي ساھ کي.

لاجواب شاعري ۽ بهترين ڊزائن۔۔

ادا سليمان وساڻ جا قرب ڀريا ڪمينٽس مونکي سچ ۾ نچڻ تي مجبور ڪندا آهن۔

ادا ڏينهن ضرور لڳندا آهن پر اوهان جهڙن دوستن (ڀائرن) جي محبت گهڻا ڏينهن پري رهڻ ڪونه ڏيندي آهي۔ جيڪي دل منجهان نڪرندو آهي سو لکندو آهيان ۔ اوهان دوستن جي مهرباني آهي جو انهن لفظن جو مان مٿاهون ڪيو ٿا۔
پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔

دعا ۾ ياد

۔
 
Back
Top