سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک واڌايون

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [justify]سڀ کان پهريائين سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي منهنجي ء سنڌ سلامت سٿ پاران لک لک مبارکون هجن۔

    محمد سليمان وساڻ جو نالو سنڌ سلامت لاء هڪ اعزاز آهي، سنڌ سلامت اڄ جنهن پليٽفارم تي آهي ان ۾ محمد سليمان وساڻ جي جدوجهد جو هڪ وڏو حصوشامل آهي، هن جي ڪاوشن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔

    مستقل مزاجي، اڻ ٿڪ محنت، سنڌ ء سنڌيت لاء ڀرپور جذبو محمد سليمان وساڻ جي سڃاڻپ آهي، هر دوست کي دل سان ياد ڪرڻ انهن کي جنم ڏينهن جون مبارکون ڏيڻ، هلي وڃي دوستن سان ملڻ انهن کي همٿائڻ، سچ پچ ته مون وٽ هن لاء لفظ ڪون آهن جو هن دوست جي تعريف ڪريان۔
    مان کيس استاد بخارِيء جو هي شعر ارپيندس۔۔۔۔۔۔۔۔
    [/justify]

    [​IMG][/center][/img]
    [justify]اڄ جي نفسانفسيء وقت جتي ماڻهن کي پنهنجي خبر نه هوندي آهي اتي محمد سليمان وساڻ هر دوست جي سنڀال لهڻ بيمارِيء دوران گهر، اسپتالن ۾ وڃي دوستن عيات ڪرڻ، نون دوستن جو آڌر ڀاء ڪرڻ انهن کي همٿائڻ ڪو سليمان وساڻ کان سکي، سچ پچ ته سنڌ سلامت جي خوش نصيبي آهي جو اهڙو دوست گڏ آهي۔

    مان وري به چوندس ته مون وٽ اهي لفظ ڪون آهن جو هن دوست کي ارپيان۔

    محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي منهنجي پاران لک لک مبارکون هجن
    اميد ته سنڌ سلامت تي هميشه ساٿ سلامت رهندو (آمين)

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
    [​IMG][/CENTER][/IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    سائين سليمان صاحب کي مون فقير پاران به دل جي گهرائين سان 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي

    سائين جي محنت هن فورم تي ڪنهن کان ڳجهي نه آهي

    الله سائين کي وڏي حياتي ۽ صحت عطا ڪري
    امين


    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    سليمان وساڻ هونءَ ته هيمشه اهڙا ڪم ڪندو آهي جو ڏندي آڱريون اچي وينديون آهن، پر سنڌ سلامت تي سندس ڪيل ڪم اصل ڏندي آڱرين کان چڙهي اسانجو وات گودو ڪرڻ جهڙا هوندا آهن ۔۔۔ سندس ڪارائتيون ۽ معلوماتي لکڻيون، سندس جون ڏنل مبارڪون ۽ واڌايون، فطري رنگن ۽ ڍنگن سان ڀرپور فلمون ۽ تصويرون، آدرڀاءُ ۽ همٿائڻ جهڙا ڪم هو اهڙا ته دل و جان سان ڪندو آهي جو ڏسڻ وارو ڏسندو ئي رهجي وڃي ۔۔۔

    رفتار بلڪل اهڙي ئي اٿس جهڙي ڀلي ڏاندن جي جوڙي جي هوندي آهي ۔۔۔ اک ڇنڀ ۾ اهڙا ليک تخليق ڪري وٺندو آهي جو گهٽ ۾ گهٽ مونکي حيران ڪري ڇڏيندو آهي۔۔۔ مونسان ويٺي چاٽ ڪندو ۽ هيڏانهن ليک تيار به ٿي ويو ۽ ونڊ به ٿي ويو هوندو آهي ۔۔۔ جڏهن ته آءُ چاٽ جي دوران صرف چاٽ ئي ڪري سگهندو آهيان، ٻيو ڪم ڪري نه سگهندو آهيان ۔۔۔

    سنڌ سلامت کي سنوارڻ، سينگارڻ ۽ انجا انتظامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ به ڏينهن رات هڪ ڪندو آهي، رات جا 12 سندس ننڊ جو وقت آهي ۽ سنڌ سلامت جي موجد رشيد سمي جي جاڳڻ جو وقت ۔۔۔ هاڻ هڪڙي جي سمهڻ جو وقت ۽ ٻي جي جاڳڻ جو وقت، بس پوءِ رشيد جون رڙيون ته ترس ٿورو بس هڪ ڪم ڇڏائڻو آهي ۽ سليمان جون رڙيون ته ننڊ ٿي اچي ۽ پوءِ ان ڪرود ۾ ڪم به ٿي ويندو آهي ۽ سليمان جي ننڊ اهائي رات جا 2 ٿي ويندا آهن ۔۔۔ ۽ پوءِ آخري رڙ ڪري ڪري پوندو آهي ۔۔۔ سمجهو ته سليمان ويو خوابن ۾ ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي هن ساهن جهڙي سٻاجهڙي ۽ پياري دوست سليمان وساڻ کي ڪهڙيون واڌايون ڏجن ۔۔۔ ڪهڙا لفظ استعمال ڪجن، ڳالهه چڙهيل آهي ۔۔۔ عرس پريي جيئان لفظ ملڻ مشڪل آهن ۔۔۔

    ها دعا ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔

    رب العالمين کيس صحتمند ڄمار ۽ سندس حب الوطنيءَ ۾ اڃان مضبوطي پئدا ڪري ته جيئن هي سنڌ جو عاشق رچي ريٽو ٿئي ۔۔۔ آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    واھ۔۔۔۔۔۔سنڌسلامت جي پھچان مخلص، سچو، ايمانداري سان ھر ڪم کي سر انجام ڏيندڙ سنڌ جي پُٽ سنڌسلامت تي 900 موضوع پورا ڪيا آھن، تن مان ڪجھ ڊزائين شاعري، ڪجھ دوستن کي همٿائڻ جون ڳالھيون، ڪجھ دوستن کي مبارڪون جنم ڏينهن وغيره۔۔۔۔سائين جن ھزارين خوبين سان مالامال سنڌيت سان بيحد پيار ڪندڙ ماڻھون هجڻ سان گڏوگڏ سٺو لکندا به آھن۔
    سائين جن ٻولي لا تمام گهڻا ڪم ڪيا آھن۔۔۔۔۔۔۔جن ڪمن تي اسان سان گڏ ھر سنڌي کي فخر آھي۔۔۔۔۔دعا آھي ته سليمان جھڙا سنڌي پُٽ پيدا ٿيندا رھن۔
    وڌيڪ ڪھڙو تورجي سليمان صاحب جن کي۔۔۔۔بس مان آخر ۾ ائين چوندس ته ھو پنهنجو مٽ پاڻ آھن۔۔۔سلام سنڌ۔


    [​IMG]
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    بيشڪ جوانن جي تعريف ۾ لفظ پورا نه پوندا آهن سائين محمد سليمان جن جي شخصيت اسان سڀني لاء هڪ اعزاز آهي سندن اڻ ٿڪ محنت کي سلام آهي ۔

    کين کي هن عاجز طرفان پڻ 900 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون هجن

    ان سان گڏ ڌڻي در دعا آهي ته الله تعالى کين صحت و عافيت سان وڏي

    ڄمار بخشي جو پاڻ پنهنجي قوم جي همدرديء وارا ڪم ڪندا رهن۔

    ۽ اسان جي رهنمائي ڪندا رهن۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    ادا عرس مهربانيون ۔۔۔۔۔

    يار سچ پڇين ته ڪوششن جي باوجود مان سنڌ سلامت لاء ڪو خاص ڪم نه ڪري سگهيو آهيان۔ اصل مبارڪباد جا مستحق سنڌ سلامت جا اهي دوست آهن جن هن اوطاق کي شروع ڪيو ۽ سينگاريو ۔۔۔ اسان ته هلندڙ گاڏي ۾ اچي چڙهيا آهيون۔ اوهان سڀ دوست ئي آهيو جو سنڌ سلامت آهي منهنجا هي موضوع آهن۔

    منهنجي 900 موضوعن جو سهرو به دوستن جي سر آهي جيڪي هر دفعي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪندا رهندا آهن، نه ته ڪٿي هي غريب جيڪو نه ادب کان واقف آهي ۽ نه وري شاعريء کان ۽ ڪٿي 900 موضوع۔ سچ ته سنڌ سلامت جي هن فورم انٽرنيٽ تي سنڌي ٻولي کي هڪ نئون ٽرينڊ مهيا ڪيو آهي۔

    اوهان جي مهرباني جو اوهان مون کي سهڻي موٽ ڏني آهي۔
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    ماشاء الله سائين !
    ڪافي فعاليت ڏکاريو پيا اڄ ڪلھ سنڌ سلامت ۾جنهن جو ثبوت ڏين پيون اوهان جو تحريرون جيڪي 900 کان به ڪراس ڪري ورتيون آهن ۔
    اوهان جي محنت ۽ جستجو قابل تعريف آهي ، هر موضوع ۾ ڪوشش ڪندا آهيو ته تحرير کي پڙهي هن تي ڪامينٽس ڏيڻ جي ،
    اوهان جهڙا ايڪٽيو ۽ محنتي دوستن تي سنڌ سلامت جي سڀنن دوستن کي فخر آهي ،
    اهڙي ئي جستجو جي اڳتي به اوهان کان توقع رکجي ٿي ، اميد آهي ته اوهان ساٿ نڀائيندارهندا ، مهرباني
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    [​IMG]
     
  8. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    سائين سليمان صاحب کي اسان پاران به دل جي گهرائين سان 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي

    ان ۾ ڪو به شق ناهي ته هن فورم کي اڳتي وڌائڻ ۾ سلمان صاحب جون سڀ کان گهڻيون ڪوششون ۽ محنتون آهن
    الله سائين سلمان صاحب کي وڏي حياتي ۽ صحت عطا ڪري
    آمين
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي دوست محترم محمد سليمان وساڻ کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لک لک وا

    اد سليمان عاجز پاران به اوهان کي 900 موضوع مڪمل ڪرڻ تي لکين واڌايون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو