ذلتن جا ماريل ماڻهو (رخسانه پريت)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تاثر
    ذلتن جا ماريل ماڻهو
    رخسانه ”پريت“

    [JUSTIFY]اڄ وري هوءَ منهنجي ڪمري ۾ هلي آئي هئي ۽ ننڊ ۾ ئي منهنجي پيرن کي زور ڏيڻ لڳي هئي. پاسي کان لوشن کڻي جيئن ئي هن پيرن تي لڳايو ته آئون ڇرڪ ڀري اٿي پئي هئس. ”شمي تون وري اچي وئينءَ“ مون آهستي ۽ڪنهن قدر بيزاريءَ مان چيو ان ڪري جو منجهند واري ڪچي ننڊ مان اٿي پئي هئس.

    ”ها! ڊاڪٽر تنهن جي ايڏي سڪ لڳي هئي جو هلي آيس؟“ ساڳي ٻاراڻي مرڪ چپن تي آڻي جواب ڏنائين وري خاموش ٿي وئي هئي.

    ”ڪٿي هئين ايترا ڏينهن؟“

    ”ڊاڪٽر دنيا وڏي آهي ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي“. آهستي جواب ڏنو هئائين منهن تي ڪو به تاثر ڪو نه هئس.

    پيرن کي آهستي آهستي مالش ٿي ڪيائين ائين پئي لڳو ڄڻ منهنجا اهي پير سالن کان ٿڪل هجن جن کي هاڻي آرام ملي رهيو هو ۽ مان سڪون سان وري سمهي رهي هئس ٿوري دير کانپوءِ پنهنجي مٿي ۾ ننڍڙين ۽ سنهڙين آڱرين جو ڇهاءُ محسوس ڪيم ته وري سجاڳي ٿي وئي. هوءَ تيل کڻي منهنجي وارن مان ڪلپ ڪڍي تيل جي مالش ڪري رهي هئي. مون کي به عجيب سڪون محسوس ٿي رهيو هو.اوچتو مون کي خيال آيو هيءَ ننڍڙي شمي ته هميشه بکي ئي هوندي آهي. پڇيومانس ”شمي ماني کاڌي اٿئي.“

    ”ها! هڪڙو پاپو کاڌو آهي.“ آهستي چپن ۾ وراڻيو هئائين.

    ”صبح کان هڪ پاپو کاڌو اٿئي.“ آئون پريشان ٿي هئس ”ها ٻيو ڪجهه مليو ئي نه.“

    هوءَ اڄ به هميشه جيان بک تي هئي. منهنجي دل ڀرجي آئي هئي، اٿي ويهي رهيس. غور سان ڏٺومانس نظر نه پئي ملايائين .ڪجهه ٻڌائڻ چاهيائين پئي پر نه پئي ٻڌايائين. ”شمي اٿ في الحال منهنجي وارن کي ڇڏ تو ڪجهه به نه کاڌو آ ڏس فرج ۾ جيڪو مليئي ٺاهي کائي وٺ پوءِ ڪچهري ڪريون ٿا.“

    ”ڊاڪٽر بيدا ۽ ڊبل روٽي پئي آ.“

    ”ها تون آمليٽ ٺاهي ڊبل روٽيءَ سان کائي وٺ.“ هوءَ بورچيخاني ۾ هلي وئي هئي ۽ هلڪو هلڪو کاڌو کائي پاڻ ئي چانهن جا ٻه ڪپ ٺاهي آئي هئي. منهنجي سڄي گهر جي هن کي خبر هئي مون وٽ هوءَ ڪڏهن ڪڏهن رهي به پوندي هئي. هوءَ هميشه خوش باش رهندڙ ڇوڪري هئي گهر ايندي هئي ته ڪم ڪار ۾ لڳي ويندي هئي. گهر چمڪائي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته همير ۽ ڪبير کي وهنجاري انهن کي ڪپڙا به پارائي ڇڏيندي هئي ۽ پوءِ گهر ۾ انهن سان لڪ ڇپ راند کيڏڻ شروع ٿي ويندي هئي. مون کان وڌيڪ سندس اچڻ تي ٻار خوش ٿيندا هئا. پر اڄ غمگين ٿي لڳي. ٻار شمي شمي سڏڻ لڳا انهن سان به ڪو نه کيڏي چپ چاپ منهنجي ڀر ۾ ويٺي هئي، خاموش ۽ اداس. ”شمي ڇا ڳالهه آهي تون اداس ٿي لڳين جن وٽ رهيل آهن انهن ڪجهه چيو آ ڇا؟ سوال تي ڪجهه به ڪو نه ڪڇي هئي.

    ”شمي ٻڌاءِ نه ڇا معاملو آهي مون کي پريشان نه ڪر.“ منهنجي اڻ تڻ اڃا وڌي وئي هئي. خاموشيءَ سان پاڻ سان گڏ آندل سونهري چلڪڻي پرس مان هڪ پنو ڪڍي منهنجي حوالي ڪيائين.

    مون پنو وٺي يڪدم ان کي کوليو هو . هڪ ميڊيڪل رپورٽ هئي. منهنجون اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون هيون. هلڪو ڇرڪ نڪري ويو هو. نهاريومانس ته روئي رهي هئي مون هر هر شميءَ کي وري رپورٽ کي پئي ڏٺو.

    شمي سان جڏهن پهريون ڀيرو ملاقات ٿي هئي ۽ سندس ڪهاڻي ٻڌي هئم ته هوءَ مون کي فيودر دوستو وسڪيءَ جي ناول ”ذلتون ڪي ماري لوگ“ جي هڪ ڪردار لليءَ “Lily” جهڙي لڳي هئي. للي ته وري به ناول جي ٻين ڪردارن جي مدد سان غلط هٿن مان بچي وئي هئي پر شمي سماجي زيادتين کان گهڻي ڀاڱي نه بچي سگهي هئي. جڏهن چوڏهن پندرهن سالن جي عمر ۾ سندس پيءُ کيس پاڻ کان ويهه پنجويهه سال وڏي هڪ شخص کي وڪڻي نڪاح ڪري ڏنو هو ته هي ان شخص وٽ مشڪل سان ٽي مهينا به نه رهي سگهي هئي ۽ اتان ڀڄي نڪتي هئي ۽ ان ڏينهن کان ئي هن جي رولاڪين جو سفر شروع ٿي ويو هو. هن جو تعلق ته پاڪستان جي اترن علائقن سان هو پر ڳالهائيندي اڙدو هئي. ”گهر سي نڪل ڪر ڪهان رهتي ٿي“ مون پڇيومانس ”ڊاڪٽر رهه ليتي ٿي ڪهين ڀي اتني بڙي زمين هي“ بي ساخته جواب ڏنو هئائين.

    ”پوءِ به نوجوان ڇوڪري جو زمين تي اڪيلو ڪاٿي به رهڻ سولو ته ڪونهي.“

    ”هان ٺوڪرين تو ملتي هين ليڪن رهه ليتي هون ڪڀي فليٽون ڪي ڇتون پر ڪڀي مسجد ڪي ڪوني ۾ باهر ليٽ جاتي هون.“ آرام سان جواب ڏنو هئائين.

    ننڍو قد رکندڙ پندرهن سورنهن سالن جي هي معصوم شمي بظاهر هڪ مرڪندڙ ٻارڙيءَ جو ئي ڏيک ڏيندڙ هئي.

    ”شمي صرف رهڻ ٿورو ئي هوندو آهي. کائڻ پيئڻ ۽ ٻيون گهڻئي ڳالهيون“ وري پڇيو هومانس.

    ”بيک مانگتي ٿي اور مسجد ڪا بيت الخلا استعمال ڪرتي ٿي ڪسي دڪاندار سي صابن لي جاتي ٿي اورمسجد ۾ نها ڪي ڦر وهان ئي ڪپڙي ڌوڪي گهيلي هي پهن ليتي ٿي. گهيلا دوپٽا پوري بدن ڪو اوڙهه ليتي ٿي راستي مين ڪپڙي سوڪ جاتي ٿي.“

    ”اتي ته صحيح هوندو.“ مون الائي ڇو ڪجهه اطمينان جو اظهار ڪيو هو (هوءَ سنڌي سمجهندي هئي پر ڳالهائي گهٽ سگهندي هئي.)

    ”ڊاڪٽر ڪهين ڪڇ صحيح نهين هي ڪميني لوگ هر جڳهه موجود هين وهان ڀي ايڪ نمازي ني ميرا دوپٽا کينچ ڪر ميري بازو مين هاٿ.... ڦر بڙي مولوي صاحب ني اسي ڊانٽ ڪر ڀگاديا ٿا.“

    آئون حيرانين جي سمنڊ ۾ ڄڻ ٻڏي رهي هئس. هن کان ورتل ڪاغذ، جيڪا ميڊيڪل رپورٽ هئي منهن جي هٿ ۾ هو ۽ مون کي پوريون ڳالهيون ياد اچي رهيون هيون.

    ”تنهن جو ڪوئي رشتيدار يا مائٽن جو گهرڪونهي جتي تون رهين.“

    ”ها هتي هن ئي شهر ۾ منهنجي ڀيڻ رهي ٿي“ آهستي ۽ مون کان نظرون چورائيندي جواب ڏنو هئائين.

    ”پوءِ چري ان وٽ ڇو نه ٿي رهين پئي.“

    ”رهي هئس اُن وٽ به.“ پر يشانيءَ ۾ جواب ڏنو هئائين.

    ”پوءِ“

    ”فيودر دوستو وسڪي جي ناول ”ذلتن جا ماريل ماڻهو“ جي ننڍڙي للي شمي چپ ٿي وئي هئي. گهڻي دير کانپوءِ جواب ڏنوهئائين.

    ”انهن جو فقط هڪ ڪمري جو گهر هو منهنجي ڀيڻ ڀيڻويو ۽ ٻار اندر ڪمري ۾ سمهندا هئا ۽ آئون ٻاهر ورانڊي ۾. هڪ رات.... آئون ستي پئي هئس ته منهنجي ڀيڻوئي منهنجي کٽ تي اچي منهنجي ٻانهن... مون ڇرڪ ڀري رڙيون ڪيون ڀيڻويو اندر ڪمري ۾ هليو ويو. ڀيڻ ننڊ مان ئي ڪا نه اٿي. آئون ٻاهر اڱڻ مان ڀڳل ڪرسي پاڻيءَ جي ڊرم مٿان رکي ڀت ٽپي اتان ڀڄي ويس... روئي رهي هئي. اسٽيشن تي اچي ويس اتي ڪنڊ وٺي ويهي رهيس.“

    ”ڊاڪٽر هي دنيا ڏاڍي خراب آهي اتي اسٽيشن تي ٻه پوليس وارا مون کي گهوري رهيا هئا پوءِ مون کي چيائون اسان جو هتي گهر آهي تون هتي محفوظ ناهين اسان سان گڏ هل ۽ رات اتي ٻارن سان رهه. آئون انهن جو يقين ڪري گڏ هلي ويس اتي ته ڪو ٻيو ئي ماحول هو. اڪيلو ڪوارٽر هو مايون ٻار ته هئا ئي ڪو نه اتي منهنجي ڏاڍي تذليل ڪئي وئي.“ هوءَ روئي روئي ٻڌائي رهي هئي.

    ”ڊاڪٽر ڪو ٻيو ماڻهو هجي ها ته مان ڪڏهن به انهن سان گڏ نه وڃان ها پوليس وارا ته محافظ هوندا آهن نه، مون انهن تي يقين ڪيو ۽ ڌوڪو ٿي ويو ۽ آئون اتان به ڏاڍي مشڪل سان ڀڄي نڪتي هئس.“
    ”ڊاڪٽر پنهنجا پير اورتي ڪر مان توکي زور ڏيان.“ ڳوڙهن ڀريل اکين سان مسڪرائيندي منهنجي پيرن کي هٿن ۾ جهلڻ جي ڪيائين مون پنهنجا پير سندس هٿن مان ڇڏائي ورتا هئا.

    ”نه شمي منهنجي پيرن کي مالش نه ڪر منهنجي پيرن کان ته وڌيڪ تنهنجوروح ٿڪل آهي مون کي ڇڏي ڏي وڃ پاڻي پي اچ.“

    آئون هٿ ۾ جهليل ڪاغذ کي غور سان ڏسي رهي هئس. هوءَ جيئن ڪمري ۾ داخل ٿي مون پڇيومانس

    ”هي ڇا آهي هي سڀ ڪجهه ڇو ڪيو تو تون مون وٽ ايڏي اسرار جي باوجود ڇو ڪو نه رهينءَ مون وٽ رهين ها ته توسان هي سڀ نه ٿئي ها. آخر ڪهڙن ماڻهن جي ور چرهي وئين جن توسان هي ظلم ڪيو آهي.“ آئون يڪساهيءَ چئي وئي هئس.

    ”ڊاڪٽر مون کي دڙڪا نه ڏي منهنجو ڪو به ڏوهه ڪونهي آئون سٺي ڇوڪري آهيان مون ڪنهن کي به تڪليف ناهي پهچائي، ڪنهن جي بي عزتي ناهي ڪئي. مون ڪنهن کي به تنگ ناهي ڪيو. پوءِ ماڻهو مون سان ائين ڇو ٿا ڪن؟ آئون جنهن گهر ۾ اڄڪلهه رهان پئي اها عورت ٻارن کي قرآن شريف پڙهائيندي آهي ان مون کي به سبق ڏيڻ شروع ڪيو هو مان ان جي گهر جو سڄو ڪم ڪندي هئس ۽ رهندي به اتي هئس. هن هڪ رات مون کي چيو آئيس ڪريم کائيندينءَ مان چيو ها. ڊاڪٽر توکي ته خبر آ نه مون کي آئيس ڪريم تمام گهڻي وڻندي آهي ۽ پوءِ هن مون کي تيار ٿيڻ لاءِ چيو ڪجهه دير کانپوءِ هڪ وڏي گاڏي آئي. چيائين اسان جو مائٽ آهي آئيس ڪريم کارائيندو. اسان ان سان گڏ وياسين... ۽ پوءِ الائي ڪاٿي پهچي وياسين... ڊاڪٽر وري دوکو ٿي ويو هو ۽ هيءُ پنو ان ئي دوکي جي رپوٽ آهي منهنجو ڪو ڏوهه ناهي.“

    منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ الٽرا سائونڊ جي رپورٽ هئي جنهن ۾ شمي ٽي مهينا حمل سان ڏيکاريل هئي.

    ”تون مون وٽ ڇو ڪو نه رهينءَ چري ڇوڪري.“ مون ڏکارو ٿي کيس چيو هو.

    ”ڊاڪٽر آئون عزت ۽ آزادي سان رهڻ چاهيان ٿي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين گهمڻ چاهيان ٿي اوهان وڏا ماڻهو آهيو، آئون ننڍن غريب ماڻهن وٽ خوش هوندي آهيان اتي ڪم به ڪندي آهيان ۽کائيندي پيئندي ڪچهري به ڪندي آهيان. اوهان وقت تي اٿو وقت تي سمهو، ڊيوٽي وري شام جو ننڊ، مون کي تو وٽ اڪيلائي ٿي محسوس ٿئي.“

    ”هاڻ ڇا ڪيندينءَ“

    ”ٿي ويندو ڪجهه نه ڪجهه طاقت جون ڪجهه گوريون ڏئي ڇڏ.“

    ”طاقت جون گوريون ڇا ڪندينءَ“.

    ”ڊاڪٽر طاقت هوندي تڏهن ته پنهنجي جهليل ٻانهن ڇڏائي سگهندس پنهنجي عزت ڪرڻ واري کي پٿر هڻي سگهنديس.“ ان وقت مون کي شمي ڏاڍي معصوم لڳي رهي هئي.

    ”ڪاش هي عيار ملٽي نيشنل ڪمپنين جون گوريون ايتري طاقت ڏئي سگهن ها“ دل ئي دل ۾ سوچيو هئم.

    وري به ڪافي ساريون گوريون ڏنيون هيومانس اسپتال مان چيڪ اپ به ڪرايومانس، منهنجي هٿ وس جيڪو هيو اهو مون ڪيو هو ۽ پوءِ هوءَ هلي وئي هئي. پنهنجي ئي موڊ واري هئي وچ ۾ هڪ چڪر لڳائي وئي هئي پر پوءِ وري ڪافي مهينا گذري ويا هن جو ڪو نالو نشان ئي نه هو. مون کي ڏاڍي اڻ تڻ ۽ پريشاني رهندي هئي ڪاڏي وئي ڪيئن اهو ٻار ڄائو هوندو ڪٿي هوندي، هن جي ٺوڪرن ئي کيس منهنجي تمام گهڻو ويجهو ڪري ڇڏيو هو. هن جي نه ايڊريس هئي نه سيل نمبر روز رات جو ياد ايندي هئي مون کي پنهنجا ٿڪل پير وسري ويا هئا پر عجيب ذهني ٿڪ محسوس ڪري رهي هئس ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ اچي وئي هئي. ساڳيو پيرن ۾ ڇهاءُ سجاڳي منجهند واري ننڊ پنهنجي ننڍڙين آڱرين سان پيرن کي مالش محسوس ٿي ڇرڪ ڀري اٿس.

    ”شمي تون اچي وئين.“

    ”ها ڊاڪٽر تو کانسواءِ ڪٿي ٿي رهي سگهان.“ اداس، پيلي ڪمزور رت جي حد کان وڌيڪ ڪمي، اکيون خالي خالي.“

    ”ڇا ٿيو ڪيئن ٿيو.“

    ”هڪڙي سڃاڻڻ واري خاندان منهنجو آپريشن ڪرايو خرچ ڀريو ۽ پيدا ٿيل ننڍڙو ٻار انهن کنيو، کين اولاد ڪو نه هو. هو ٻار کي ٻئي ملڪ کڻي ويا.“

    ”سڀ ڪجهه صحيح ۽ ٺيڪ طرح سان ٿي ويو.“

    ”ها ڊاڪٽر مان ٻن حصن ۾ ٽٽيس هڪ حصو هو کڻي ويا هڪ تنهنجي اڳيان آهي“. روئي ڏنائين مون به روئي ڏنو ويجهو ڪري ڀاڪر پاتومانس.

    ”ڊاڪٽر مون سان دوکو ٿي ٿو وڃي مان خراب ڇوڪري ناهيان.“

    ”چري ڪير چئي ٿو تون خراب ڇوڪري آهين تون مون آڏو تمام باعزت، خوددار ۽ آزاد ڇوڪري آهين.“
    ”دوستو وسڪي جي ننڍڙي للي آخر ۾ مري وئي هئي ۽ هن دور جي ذلتن جي ماريل للي شمي ٻه اڌ ڪئي وئي هئي. هن جيئڻ لاءِ پنهنجي هڪ اڌ جي قرباني ڏني هئي. شمي پنهنجو اڌ وجود کڻي مون وٽان هلي وئي هئي ۽ پويان ڄڻ ته هن سڄي سماج اڳيان هڪ وڏو سواليه نشان ڇڏي وئي هئي.

    Preet_channar@yahoo.com
    [/JUSTIFY]

    روزانه عبرت تان ورتل
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ذلتن جا ماريل ماڻهو (رخسانه پريت)

    ڇـــا واقعي انسان جانورن کان به بدتر ٿي ويا آھن.
    ھي رخسانه پريت جي ڪھاڻي پڙھي....اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا، پنهنجو پاڻ کان نفرت پئي اچي......انسانيت ڇا ھوندي آھي....ڪاش اسان پڙھيل لکيل جاھل نه هجون ھان.....معاشري ۾ گند ئي نه هجي ھان...پاڪ صاف معاشرو خواب کان به پري آھي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ذلتن جا ماريل ماڻهو (رخسانه پريت)

    بلاشڪ۔۔۔ زمانو اهڙو ئي آهي جنهن کي پويتر سمجهڻ وارا نيٺ پاڻ ڌوڪي جو شڪار ٿي وڃن ٿا۔۔۔
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: ذلتن جا ماريل ماڻهو (رخسانه پريت)

    ها ادا ڪجهه انسان جانورن جي صفت جيان ٿي ويا آهن جنهن ڪري مون خود پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ هڪ اهو جانور صفت انسان ڏٺو آهي جيڪو پنهنجي حوس ختم ڪرڻ لا ان هڪ گونگي ڇوڪري جي عزت لٽڻ ٿي چاهي جنهن جو ڪو به انصاف نه ٿيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو