پنجاب ۾ ٻوڏ کان پوءِ ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ جو لاڙو وڌي ويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]پنجاب ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ايڪشن ايڊ دعويٰ ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي ڪافي امداد نه ملڻ جي ڪري گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي شادين جي شرح وڌي وئي آهي. اهڙو انڪشاف رضوانه پروين لاهور ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو.

    تنظيم موجب گهٽ عمر وارين ڇوڪرين جي شادي وارا واقعا اڳ ۾ به ٿيندا هئا پر ٻوڏ بعد انهن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ مختلف تنظيمن پاران اجتماعي شاديون ڪرائڻ به ننڍي عمر وارين شادين جو ڪارڻ آهي.“

    ماڻهو چون ٿا ته اڄ ڪا تنظيم يا امدادي ادارو سندن ڌيءُ جي شادي ڪرائي ٿو ته غنيمت آهي، سڀاڻي اهڙو ڪو ادارو نه ملي ته هو ڇا ڪندا. سو هنن موجب ٻوڏ سٽيل علائقن جا ماڻهو پنهنجي مالي بدحالي کان تنگ ٿي پنهنجن نياڻين جي ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪرائي ڇڏين ٿا. رضوانه پروين موجب 11 کان 13 سالن کان به گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي شادي ٿي رهي آهي. سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ها ۽ ٻوڏ کان پوءِ بروقت مالي امداد ڪئي وڃي ها ته ماڻهو ننڍي عمر وارين نياڻين جي شادي لاءِ تڪڙ نه ڪن ها.

    رضوانه پروين ٻڌايو ته ٻوڏ کان پوءِ متاثر خاندانن جي رهائش لاءِ مناسب جڳهه نه هئڻ سبب عورتن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن. رضوانه پروين چيو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ 30 کان 40 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هن چيو ته بيت الخلا نه هئڻ سبب عورتن کي ٻنين ۾ وڃڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ ڇت هيٺان گهڻن خاندانن جي رهڻ سان گهر جهڙو تحفظ حاصل نه هئڻ جي ڪري عورتن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آهن. پريس ڪانفرنس ۾ ايڪشن ايڊ طرفان ڪوٽ ادو جي ظفر لنڊ چيو ته ٻوڏ بابت سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جون جاچ رپورٽون منظر تي اچي ويون آهن پر اڃا حڪومت انهن رپورٽن تي عمل نه ڪيو آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته وطن ڪارڊ جي ٻي قسط بنا دير جاري ڪئي وڃي. هن چيو ته ضلعي ليه ۽ مظفر ڳڙهه جي پڻ متاثرن جي سار نه لڌي وئي آهي، ظفر لنڊ چيو ته جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سندن مطالبا پورا نه ڪيا ته هو اجتماعي تحريڪ هلائيندا ۽ احتجاج لاءِ پنجاب اسيمبلي سامهون ٻوڏ سٽيل خيما هڻن.
    [/JUSTIFY]

    )عوامي آواز)
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پنجاب ۾ ٻوڏ کان پوءِ ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرائڻ جو لاڙو وڌي ويو

    پنجاب ۾ ٻوڏ
    ھھھھھھھھھ واھ سائين واھ۔۔۔اھو ته واھ جو ڪم آھي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو