هي ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ هالا متعلق مختلف ليکڪن جي خوبصورت لکڻين جو مجموعو آهي۔ جنهن جو سهيڙيندڙ محترم محمد حبيب سنائي آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ذوالفقار علي ابڙو ۽ برڪت علي شيخ ڪئي آهي۔ جڏهن ته وائس آف سنڌ پاران اِي بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي متعارف ڪرايو ويو آهي۔
سهڙيندڙ پاران:
هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو. اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.
ـــــــــــــــ حبيب سنائي
ڪتاب مان کنيل ٽڪرو:
مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ”هالا“ آهي، جنهن تان هالن جي شهر تي نالو پيو آهي. هالن جا شهر ٻه آهن: هڪ هالا پراڻا، ٻيو هالا نوان، جن جي وچ ۾ مفاصلو رڳو ڪوهه کن جو آهي. پراڻن هالن جو شهر سمن جي صاحبيءَ ۾ 1422ع ڌاري ٻَڌو، پر پوءِ درياهه شاهه جي دڙڪن ماڻهن کي مُنجھايو ۽ ڪيترن پنهنجا اصلوڪا ڇنا ڇڏي وڃي نوان پَٽَ وسايا. نون هالن جي شهر جو اصلوڪو نالو مرتضيٰ آباد هو. اهو نئون شهر ارڙهين صديءَ ۾ مخدوم مير محمد ٻڌايو هو، جنهن جو مقبرو اڄ تائين اُتي آهي. نون هالن ۾ مخدوم نوح جي به درگاهه آهي. انهيءَ درگاهه ۾ جيڪي لکيتون آهن، تن مان هڪ وڏيءَ لکيت مان معلوم ٿو ٿئي ته اهو مقبرو مخدوم محمد زمان جوڙايو هو. اهو مقبرو 1790ع ۾ ٺهيو ۽ اُن جي مٿان ساڳئي سال ۾ فتح علي خان ٽالپر قُبو اَڏايو هو. مخدوم مير محمد جو مقبرو به فتح علي ٽالپر جو اڏايل آهي. ٻنهي مقبرن جي ويجھو مسجد آهي، جيڪا ڪرم علي خان ٽالپر جي جوڙايل آهي. هتي ٽالپرن ڇو هي خرچ ڪيا آهن، سو هن ڪري جو مخدوم نوح سنڌ جي هاڪارن درويشن مان هڪڙو آهي. حقيقت ڪري سنڌ ۾ ٽي مرشد ليکيندا آهن: هڪڙو مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهاڻي، ٻيو مخدوم نوح هالن وارو، ۽ ٽيون مخدوم بلاول باغبان تعلقي دادوءَ وارو. هن شهر جو مخدومن جي ڪري مانُ مرتبو مٿي آهي ۽ ڪاريگريءَ جي ڪمن هالن کي هاڪارو ڪيو آهي، نه ته هتي ٻيو ڪجھ ڪونهي، يعني هتي ڪو اهڙو نزاڪت ڀريو نظارو ڪونهي، جنهن جو ذڪر ڪجي: باقي درياهه جي ڀر آهي، جنهن ڪري وڏا وڻ واٽن تي آهن. سڄي هالن تعلقي ۾ پڪي زمين ٿوري آهي: باقي دسڙ، وارياسي ۽ ڪلراٺي گھڻي آهي.
هالن جو شهر ڪاشيءَ جي سامان ۽ جنڊيءَ جي ڪم ڪري گھڻو هاڪارو آهي. حقيقت ۾ عاليشان هندورا ۽ پلنگ ۽ سهڻا گنج، جن تي مينا ڪاري ٿيل هوندي آهي، سي کاڻوٽ تعلقي هالا ۾ ٺهندا آهن؛ پر اهو سڀ هالن جو سامان سڏبو آهي. هالن جو ڪاشيءَ جو سامان يوروپي ماڻهو دل ڪري وٺندا آهن؛ پر سنڌي ماڻهن ۾ اُن جو اهڙو قدر ڪونهي، جهڙو هئڻ گھرجي.
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪرو)
آخري ترميم: