پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

تو ڪٿي سمجهيو آهي انسان کي
هي قائنات بڻي جنهن جي شان ۾

پوري قيمت ناهي هڪ جان جي
کولي ڏس موجود اهو بيان قرآن م

هڪ سجدو نه ڪيو آدم ابليس کي
سڀ سجده ويا الاهي نقصان ۾

تون ڪهڙي جنت جو طالب آهين
ڪئي ماڻهون ماريا تو هڪ ڪان م

تنهنجي وجود ۾ الاهي مظهر آهي
بس جهاتي پائي ڏس پنهنجي گريبان ۾

جهڙو ظلم تو ڪيو اسلامي اگڻ تان
اهڙو سبق نه مليو ڪنهن اديان۾

هڪ رنگ تنهنجو مسجود ملائڪه
ٻيو رنگ خوف تو کان حيوان ۾

ڏاڏل ڇو کلائي خلق خدائي
پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾





 
جواب: پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

تمام بهترين ڏاڏل سائين جي شاعريء ۾ هاڻي هڪ مڪمل شاعر جي جهلڪ نظر اچي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪي ڪي ته اهڙا لفظ آهن جيڪي ڏکيا لڳن ٿا مطلب ته اسان جي سمجهه کان وڏا آهن

مهرباني
 
جواب: پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

[color="pu[center][/center]rple"]پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

تو ڪٿي سم
جهيو آهي انسان کي
هي قائنات بڻي جنهن جي شان ۾


تون ڪهڙي جنت جو طالب آهين
ڪئي ماڻهون ماريا تو هڪ ڪڳان م

تنهنجي وجود ۾ الاهي مظهر آهي
بس جهاتي پائي ڏس پنهنجي گريبان ۾


ڏاڏل ڇو کلائي خلق خدائي
پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾





[/color]​



واه سائين واه۔
تمام بهترين سائين
 
جواب: پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

سائين بشارت صاحب و سائين پريا صاحب اوهان جي پسند جون مهربانيون۔
وسلام
 
جواب: پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

ادا سائين توهان جي شاعري تمام سٺي آهي پر توهان پنهنجي شاعري موڪلڻ کان پهرين ان کي پڙهو غلطيون جام آهن۔
 
جواب: پاڻ پڙھ ڇا ڇا لکيو ٿئي داستان ۾

ادا جيڪا غلطي منهنجي نظر ۾ هئي سا توهان کي عاشق سولنگي جي نشاندهي تي خبر پئجي وئي هوندي۔
 
Back
Top