[JUSTIFY]هڪ جوان ميڊيڪل اسٽور وٽ آيو۔ جوان ”مون کي زهر ڏي“ ميڊيڪل اسٽور وارو، ”سائين معاف ڪجو اسان سرڪاري اجازت نامي کان سواءِ زهر ناهيون وڪڻيندا“ جوان، ”يار انسان ٿي، منهنجي تڪليف کي سمجهه، زهر ضرور کپي“ ميڊيڪل اسٽور وارو ” سر توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي، ڪجهه ٻڌايو متان ڪو حل ڪڍي وٺون“ جوان کيسي مان پنهنجي شاديءَ جو دعوت نامو ڪڍندي ڏيکاريو۔ ”هي ڏس، آهي ڪا ان کان وڌيڪ تڪليف؟؟؟“ ميڊيڪل اسٽور وارو عجلت ۾۔۔۔ ” سر بس بس ! مان سمجهي ويس، اهو ٻڌايو اوهان کي زهر جي ننڍي شيشي کپي يا وڏي بوتل؟“:rofl:[/JUSTIFY]
جواب: ننڍي بوتل يا وڏي بوتل؟؟ ماري ڇڏيئي يار عاشق۔۔۔ ! اڃان ڀائو سليمان جي ڳالهه ڪر ته ان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي۔ تون ته ٻچڙيوال آهين۔۔۔۔ ههههههه
جواب: ننڍي بوتل يا وڏي بوتل؟؟ ڀيھان هڻي هنڌ ڪئي مست۔۔۔۔ڇڏ با نه ڦُٽاسين نه ڦاٽا سين اڳئي اوھان اسان کي ٻچڙي وال ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔ڏي منھن۔ :hitwall:
جواب: ننڍي بوتل يا وڏي بوتل؟؟ مطلب ته عاشق اڳي ڪاڪي آچار کي غلط معلومات فراهم ڪئي هئي۔۔ خير با۔۔ ان ڪري ئي توکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي۔۔۔ ههههههه