اسلام عليڪم دوستو منهنجو هڪڙو دوست آهي ان مون کي ڪافي ڏينهن کان اهي سوال ڏنا آهن ۽ ڪافي دوستن ايس ايم ايس به ڪيا آهن ته انهن جا جواب گهربا آهن سو دوستو اهي سوال اڄ مان وري اوهان سنگت آڏو رکان ٿو 1. اها ڪهڙي جڳهه آهي جتي سج جي روشني هڪ دفعو پئي آهي ۽ وري قيامت تائين اتي سج جي روشني نه پوندي ؟ 2. اهو ڪير آهي جنهن کاڌو ته آهي پر پيتو ناهي ؟ 3. اهو ڪير آهي جنهن ڪوڙ ڳالهايو ۽ جنت ۾ ويو ؟ 4. اهو ڪير آهي جنهن سچ ڳالهايو ۽ جهنم ۾ ويو ؟ 5. انسان جي جسم ۾ روح جي رهڻ جي جڳهه ڪهڙي آهي ؟ دوستو انهن سوالن جا جواب مون کي اميد آهي ته سنڌ سلامت تي ملي ويندا shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
دوستو ڪافي ڏينهن کان هي ٿريڊ پوسٽ ڪيو آهي پر ڪنهن ريپلائي ئي ڪو نه ڪيو آهي ڇا ڳالهه آهي ..................
ادا مون کي ڪونه ٿا اچن۔ معاف ڪجو مان صرف 13 سال جو آهيان ايترو دماغ ڪونهي۔۔توهان ئي جواب ڏئي ٻڌايندا وڏي مهرباني ٿيندي۔ sindhsalamatsaathsal shal judy hujeenpasand
ادا مونکي صرف پهرئين سوال جو جواب اچي ٿو۔۔۔ اها آهي درياءِ نِيل جي تري جي زمين، جنهن صرف هڪ ڀيرو سج تڏهن ڏٺو جڏهن اهو درياءِ حضرت موسى پيغمبرِ خدا ۽ سندس قوم لاءِ ٻه اڌ ٿي ويو ۽ وچ مان سندن لاءِ رستو فراهم ڪيائين.