السلام عليڪم دوستو منهنجو نالو ظفر ميراڻي آهي۔ منهنجي تعليم بي اي پوليٽيڪل سائنس ۾ آهي۔ مان ايبٽ ميڊيسن ڪمپني ڪراچي ۾ اسٽور آفيسر ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر آهيان۔ منهنجي عمر 32 سال آهي۔ هن فورم جي باري ۾ مونکي ادا طاهر سنڌي جن ٻڌايو جن جو ٿورائتو آهيان۔
جواب: مان آهيان ظفر ميراڻي سائين ظفر صاحب توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون سائين ظفر صاحب توهان کي هتي سکڻ ۽ سيکارڻ جو ڀرپور موقعو ملندو هتي گهر جهڙو ماحول آهن اميد ته توهان کي هي محفل مزو ڏيندي ان سان گڏ اسان سائين طاهر سنڌي صاحب جن جا پڻ ٿورائتا آهيون سدائين گڏ
جواب: مان آهيان ظفر ميراڻي سهڻا دوست ظفر ميراڻي صاحب، ڀلي ڪري آيا، جي آيا ۔۔۔ سهڻن دوستن جو ميلو لڳي ته اسانجو حيان ٺري ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اوطاق سنڌ ۽ سنڌيت جو ڪم هٿن ۾ کڻي اوهان دوستن جي آڏو آهي ۔۔۔ قوي اميد آهي ته اوهان جهڙن روشن خيال دوستن جي مدد سان ساٿ اڳتي وڌندو ۽ ترقي جون منزلون طع ڪبيون ۔۔۔ اسانجو پيارو دوست سليمان وساڻ، ڪجهه ڪجهه ڪاوڙيل آهي نه ته اوهانکي اهڙا ته گل ۽ تحفا پيش ڪري ها جو اوهان سان گڏ اسانجو به حيان ٺري پوي ها ۔۔۔ خئير ڄاڻ هي پيارو دوست آيو ۽ اوهانکي گل پيش ڪندو ۔ اميد ته اوهان ڀيرو ڪندا رهندا ۽ پنهنجن سهڻن خيالن کان آگاه ڪندا رهندا ۔۔۔ سهڻو دوست طاهر سنڌ سلامت جو ڏاهو دوست آهي ۽ هميشه دوستين وڌائڻ ۾ اڳ کان اڳرو رهندو آهي ۔۔۔ لک ٿورا اوهانجا ۽ دوست طاهر جا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان ظفر ميراڻي ادا ظفر ميراڻي صاحب ڀلي ڪري آيا، اسان بلڪل ائين سمجهون پيا ته سنڌ سلامت جي گُلشن ۾ سنڌ سلامت جي محبتي ۽ مهڪندڙ اڱڻ ۾ توهان جهڙي خوبصورت گُل جو اظافو ٿيو آهي، ڄڻ هي اڱڻ مهڪڻ سان گڏ ٻهڪي پيو آهي، مان پنهنجي سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سميت دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار چوان ٿو، اميد ٿو ڪريان ته پنهنجون سموريون صلاحيتون جيڪي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي جي ڀلي لا ڪتب ٿين تن کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ضرور ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪندا ۔ ادا ميراڻي ڀلي ڀلي ڪري آيا جي ڪري آيا۔
جواب: مان آهيان ظفر ميراڻي ادا ظفر ميراڻي صاحب منهنجي طرفان به تواهان کي هن سنڌ سلا مت فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت [/center][/img]
جواب: مان آهيان ظفر ميراڻي سهڻا دوست ظفر ميراڻي صاحب اسان اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔ انشاٌءَالله ساٿ سلامت رهندو۔
جواب: مان آهيان ظفر ميراڻي [JUSTIFY]محترم دوست ظفر ميراڻي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ ادا طاهر جون مهربانيون جو سنڌي دوستن کي سنڌ سلامت جو تعارف ڪرائڻ سان گڏ هنن کي سنڌي فورم تي وٺي ٿو اچي۔ اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔ [/JUSTIFY]