اڄ پنهنجي ليب م سلور ناٽرس آڪسائيڊ تي ڪم پئي ڪيوسين ته منهنجي ڪوليگ چيو يار احتياط ڪجان اهو چمڙي جي ڪينسر جو باعث بڻجي سگهي ٿو۔ مون ته گلووز (دستانا) پاتا پر جڏنهن هن هڪ ٻي خطرناڪ حقيقت جو انڪشاف ڪيو ته فورن خيال آيو ته يار اهو ته سڀني سان ونڊ ڪجي۔ اسان جيڪي موبائيل اسڪريچ ڪارڊ استعمال ڪندا آهيون انهن جي خفيه ڪوڊ تي جيڪا پٽي هوندي آهي ان ۾ اهو خطرناڪ ڪيميڪل استعمال ٿيل هوندو آهي۔ تنهن ڪري انهي کي هٿ سان اسڪريچ ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي۔ ڇو ته هڪ ته اهو چمڙي کي به لڳي ٿو بيو ته ننهن ۾ ڦاسي ڪجه کا؟ڻ مهل پيٽ ۾ به وڃي سگهي ٿو۔ مون اهو مختلف هندن تان پڪ خاطر چيڪ ڪيو ته خبر پئي ته ڳالهه حقيقت تي مبني آهي۔ جيئن هي لنڪ۔ سو مون ۽ رشيد سمون جهڙا جيڪي ايزي لوڊ تي گذارو ڪن ٿا ۽ اسڪريچ ڪارڊ سان واسطو نه ٿا رکن انهن جي ته خير آهي پر دوست سليمان وساڻ جهڙن جي فڪر اٿئون جيڪي ڪارڊ جو گهڻو استعمال ٿا ڪن۔:no:
جواب: موبائيل اسڪريچ ڪارڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۽ اسان جي صحت! ادا سائين اسان جو پاڻ ايزي لوڊ تي گذارو هوندو آهي ڪارڊ ته سالن کان لوڊ ئي نه ڪرايو اهي بهترين معلومات آهي ادا جاري رکجو سدائين گڏ