شمشير کي سڏ ڪيو....

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    دل جي ڳالهه
    شمشير کي سڏ ڪيو....

    زيب سنڌي


    [JUSTIFY] ”ناميارو شاعر ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ شمشير الحيدري ڪراچيءَ جي گهر ۾ بيماريءَ دوران چونڊيل نمائندن ۽ دوستن طرفان سار نه لهڻ سبب مايوس ٿي اسلام آباد منتقل ٿي ويو.“ ڪالهوڪي ڪاوش ۾ اها خبر پڙهيم ته اداسيءَ سان گڏ دل کي هڪ خوف به ورائي ويو....هن دل جي خوف جي ڳالهه ته پوءِ ٿا ڪيون، پهرين ته پياري شمشير جي ڳالهه ڪيون. خبر مطابق سندس چوڻ آهي ته، ”ڪنهن کان به ڪا شڪايت ناهي. هڪ ڀيرو ثقافت کاتي وارا طبيعت پڇڻ ۽ علاج خاطر ڪجهه رقم ڏئي ويا هئا، پر ان کان پوءِ ڪنهن به سرڪاري ماڻهوءَ سار نه لڌي آهي.“

    هڪل سان ته پهتا هئا يار پنهنجا،
    وري ويا ڪري آگ ٽارڻ جون ڳالهيون. (شمشير)


    مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به هن فقير منش ليکڪ کي مايوس ناهي ڏٺو، وڏي کان وڏي مشڪل به کلي چوندو، ”مولا تي ننگ آهي.“ اهو ئي سبب آهي ته جڏهن اهو پڙهيو اٿم، ته هو مايوس ٿي اسلام آباد هليو ويو آهي ته دلي کي ڏک سان گڏ حيرت به ٿي آهي. شمشير ۽ مايوسي، اهو ته کوڙو ئي نٿو لڳي. مان سمجهان ٿو ته ڪاوش جي رپورٽر، منهنجي دوست مصطفيٰ ملاح، شمشير جي بيماريءَ سبب هيڻي حالت ۽ جهيڻي آواز ڪري لکي ڇڏيو آهي ته هو مايوس ٿي اسلام آباد هليو ويو. جڏهن ته خبر ۾ رپورٽ ٿيل شمشير جي ڳالهين ۾ ته وري به اميد ۽ حوصلو موجود آهي. هو چوي ٿو ته، ”مون کي اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.“

    حقيقت اها آهي ته شمشير الحيدريءَ هن وقت تائين به گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. هن ادب، صحافت توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ پنهنجا اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن. ايم آر ڊي تحريڪ واري وقت ۾ هو هڪ انتهائي گهٽ سرڪيوليشن واري اخبار جو ايڊيٽر ٿيو هو، ته چند ڏينهن اندر اها اخبار ان دور جي سڀ کان وڏي سرڪيوليشن واري اخبار بڻجي وئي هئي. نه فقط اخبار، پر ٽماهي ”مهراڻ“ توڙي ماهوار ”نئين زندگي“ جا سندس دور وارا شمارا سندس محنت ۽ ڏاهپ جو ڏيک ڏين ٿا. شمشير الحيدريءَ کي جيڪڏهن اسان سنڌي ٽي وي ڊرامي جو باني چئون ته اهو به غلط نه ٿيندو، ڇو ته پاڪستان ٽيليويزن تي سنڌيءَ ۾ پهريون ڊرامو ”زينت“ ٽيليڪاسٽ ٿيو هو، جنهن جي ڪهاڻي ته مرزا قليچ بيگ جي ناول تان ورتل هئي، پر ان جي ڊرامائي تشڪيل شمشير الحيدريءَ ڪئي هئي. هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ته هو نهايت باڪمال ۽ محفلن کي مچائيندڙ شاعر رهيو آهي.

    شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟
    محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد!


    حقيقت به اها آهي ته شمشير جي شعر سنڌ جي ادبي ميڙاڪن ۽ محفلن کي سدائين مچايو آهي. هن بندي سميت جڏهن به ڪنهن ڪمپيئر، ڪنهن ادبي محفل جي ابتدا ۾ شمشير جو شعر ”دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين....“ پڙهيو آهي ته سڄو هال تاڙين سان گونجي اٿيو آهي، پر افسوس جي هڪڙي ڳالهه ته اها به آهي ته شمشير الحيدريءَ جهڙي باڪمال ۽ سينئر شاعر جو هيل تائين فقط هڪڙو ئي شعري مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان 1961ع ۾ ڇپيو هو. ٻين موضوعن تي نثر ۾ ته سندس ڪجهه ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن، پر شمشير الحيدريءَ جي بنيادي سڃاڻپ هڪ شاعر جي حيثيت سان ئي آهي ۽ سا به هڪ باڪمال شاعر جي حيثيت. هتي غير سرڪاري ”واپاري“ پبلشرن کي ميار ڏيڻ ته اجائي آهي، جو سنڌ ۾ طارق اشرف جهڙو ڪو باشعور پبلشر ته هاڻي موجود ئي ناهي، پر اها ميار سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ثقافت کاتي کي ته ڏئي سگهجي ٿي ته، 1961ع ۾ پهريون شعري مجموعو ڇپجڻ کان پوءِ 2011ع تائين اڌ صدي گذري وڃڻ بعد به هن باڪمال شاعر جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب نه ڇپجي سگهيو آهي! ڇا قمر شهباز جيان شمشير الحيدريءَ جا ڪتاب ڇپائڻ لاءِ به اسان جا علمي ادبي ادارا تڏهن اک پٽيندا، جڏهن شمشير جون بي روشن بڻجي پيل اکيون سدائين لاءِ بند ٿي وينديون!؟ مان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو صاحبا کي گذارش ڪيان ٿو ته هو شمشير الحيدريءَ جا اڻ ڇپيل، توڙي اڳ ڇپيل ڪتاب ٻيهر ڇپائڻ جو بنا دير جي بندوبست ڪن، جيئن نه فقط هن باڪمال ليکڪ ۽ شاعر جو قلمي پورهيو پڙهندڙن تائين پهچي سگهي، پر شمشير پاڻ به پنهنجي زندگيءَ ۾، پنهنجي علمي ڪم کي ڪتابن جي صورت کڻي چٽيءَ طرح ڏسي نه سهي، (جو سندس نظر بنهه گهٽجي وئي آهي ) پر انهن ڪتابن کي ڇهي ته سگهي!

    سنڌ جو هاڪارو دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڻ ڪافي عرصي کان بيماريءَ جي بستري تي آهي، پر ٿورو عرصو اڳ تائين سوڀي صاحب جون تحريرون اسان کي ڪاوش جي صفحن تي نظر اينديون هيون. ان ڪري ته اهي سڀ تحريرون بيماريءَ جي بستري تي ليٽيل حالت ۾ ئي هن محمد علي پٺاڻ کي ڊڪٽيٽ ڪري لکرايون هيون، پر جڏهن محمد علي پٺاڻ به وڃي بستري داخل ٿيو ته ڪامريڊ سوڀي جون نيون لکڻيون اچڻ به بند ٿي ويون!

    شمشير الحيدريءَ چيو آهي ته، ”اسلام آباد ۾ پٽ جي مدد سان ڪتابن جو رهيل ڪم پورو ڪرڻو آهي. گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڪتابن جو مواد پيل آهي، جنهن کي ڪتابن جي شڪل ڏيڻي آهي. آتم ڪٿا به لکڻي آهي، پر اکين جي روشني ختم ٿيڻ سبب اهي سڀ ڪم اڌورا رهجي ويا آهن.“ مون کي خبر ناهي ته اسلام آباد ۾ نوڪري ڪندڙ شمشير الحيدريءَ جو پٽ سليم احمد حيدري ڪيترو ادبي ذوق رکندڙ آهي ۽ هو پنهنجي پيءَ کي ڪيترو وقت ڏئي سگهندو، جو شمشير نه فقط پنهنجي اڳ لکيل مواد کي ڪتابن جي صورت ۾ سهيڙي سگهندو، پر پنهنجي آتم ڪٿا به لکي سگهندو! جيڪڏهن شمشير ڪراچيءَ موٽي به اچي ته مان نٿو سمجهان ته ڪراچيءَ جهڙي وڏي ۽ مصروف شهر ۾ ڪو نوجوان ليکڪ دوست کيس ايترو وقت ڏئي سگهندو، جو شمشير پنهنجا رهيل ادبي ڪم پورا ڪري ۽ آتم ڪهاڻي لکي سگهندو. ان ڪري مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ سسئي پليجو صاحبا کي مان شمشير جي ڪتابن جي اشاعت سان گڏوگڏ اها گذارش به ڪندس ته، شمشير کي سنڌ واپس آڻي نه فقط سندس مناسب علاج ڪرايو وڃي، پر سندس پرگهور سان گڏوگڏ ڪو ادبي ذوق رکندڙ اهڙو ماڻهو به مهيا ڪيو وڃي، جنهن کي ڊڪٽيٽ ڪرائي، شمشير پنهنجي آتم ڪٿا به لکرائي سگهي، ته پنهنجا اڌ ۾ رهيل ادبي ڪم به مڪمل ڪري سگهي. سنڌ جي هن باڪمال ليکڪ انتهائي متحرڪ زندگي گذاري آهي. سندس زندگيءَ جي تجربن کي اڻ لکيو رهجي وڃڻ کان بچائڻ جي اهائي هڪ بهتر صورت ٿي سگهي ٿي.

    مون ابتدا ۾، شمشير الحيدريءَ جي بيماريءَ واري حالت ۾ اسلام آباد هليو وڃڻ تي پنهنجي دل جي خوف جو اظهار ڪيو آهي، جو اها خبر پڙهڻ سان مون کي تنوير عباسي ياد اچي ويو هو. ناميارو شاعر تنوير عباسي به بيماريءَ واري حالت ۾ پنهنجي پٽ سرمد ڏانهن اسلام آباد ويو هو ته، نه وري سنڌ واسين کيس ڏٺو ۽ نه ئي تنوير کي سنڌ جي مٽي نصيب ٿي! تنوير عباسي اسلام آباد جي ئي ڪنهن قبرستان ۾ ستل آهي! هن دل کي ڇاڪجي، جنهن ۾ ڪيئي وسوسا ٿا جنم وٺن..... شمشير ته سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ به ڪا شڪايت نٿو ڪري، پر ائين نه ٿئي ته ويل وهامي وڃڻ کان پوءِ اسان کي پڇتاءَ جا هٿ هڻڻا پون..... ان ڪري وقت وهامڻ کان پهرين ئي شمشير جي واهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو شمشير، جنهن جو هر لفظ ۽ هر ساهه سنڌ سان سلهاڙيل آهي۔

    اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو
    اوهين وساري ڇڏيو ته وه واهه!
    گهري ٿو شمشير حق جيئڻ جو
    انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وه واهه! (شمشير)
    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: شمشير کي سڏ ڪيو....

    ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي، ڌڻي صحتياب ڪري۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شمشير کي سڏ ڪيو....

    مون ابتدا ۾، شمشير الحيدريءَ جي بيماريءَ واري حالت ۾ اسلام آباد هليو وڃڻ تي پنهنجي دل جي خوف جو اظهار ڪيو آهي، جو اها خبر پڙهڻ سان مون کي تنوير عباسي ياد اچي ويو هو. ناميارو شاعر تنوير عباسي به بيماريءَ واري حالت ۾ پنهنجي پٽ سرمد ڏانهن اسلام آباد ويو هو ته، نه وري سنڌ واسين کيس ڏٺو ۽ نه ئي تنوير کي سنڌ جي مٽي نصيب ٿي!

    اد الله سائين کيس صحت ڏئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شمشير کي سڏ ڪيو....

    سمورو ليک، منهنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ آهي جو آءُ انهن ڳالهين جو شاهد پڻ آهيان ۔۔۔ شمشير الحيدري مست ۽ درويش ماڻهون آهي، سندس کيسا خالي پوءِ به ملڪ جو والي هوندو آهي ۔۔۔ باقي جڏهن کيس چئبو ته سائين اوهانجي طبيعت ڪيئن آهي ته چوندو ته” شڪر آهن“ ڀلا هن عمر ۾ طبيعت جو ڪهڙو ڀروسو، اوور ٽائيم پيو هلي ۔۔۔ خئير وڏي دل وارو ماڻهون آهي، کيس نه لهر نه لوڏو ۔۔

    باقي ها ڪجهه مهينن لاءِ سليم حيدري سندس پٽ وٽ اسلام آباد ويل آهي، جو سندس اولاد ۾ اهو ئي هڪ ڏاهو پٽ آهي ۽ کيس ادب ۽ سنڌيت جي بوءِ آهي باقي سندس اولاد ۾ ٻيا پٽ ڇٽيهه لکڻا آهن ۔۔۔ رب کين پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خوش رکي ۔۔۔ اميد ته سليم حيدري پنهنجي پيءُ جو ادبي سرمايو سهيڙڻ ۾ پاڻ ملهائيندو جو ان ۾ اهي داڻا آهن ضرور ۔۔۔

    سنڌ قومي ادارن کي دانهن ڏيڻ ائين آهي جيئن گونهن ۾ لٺيون هڻڻ، جنهن مان ڌپ ته اٿي سگهي ٿي يا ڪپڙن تي داغ ته لڳي سگهنٿا پر انهن مان ڪو کڙ تيل نڪرڻ وارو ناهي ۔۔۔ انڪري ٻٻرن کان ٻير گهرڻ بي وقوفي آهي ۔۔۔ ها ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهون يا اهڙا سنڌ جا هڏ ڏوکي جيڪي ان ڳالهه کي محسوس ڪن سي شمشير الحيدريءَ جي اها مدد ڪري سگهنٿا جو سندس ڪيل ڪم سهيڙي ڇپائي منظر عام تي آڻن ۔۔۔ ڇاڪاڻ مولا تي ننگ چوڻ وارو هي ماڻهون جتان به گذريو آهي داستان ڇڏي ويو آهي ۔۔۔ سنڌي اخبارون، رسالا، ريڊيو يا ٽي وي شمشير جي ڪم سان رنڱيل آهن ۔۔۔

    الله مالڪ آهي ۔۔۔ ڪل نفس ذائق الموت ۔۔۔ پر پوءِ به سنڌ جي ڏاهي شمشير الحيدريءَ کي اسانجون دعائون آهن ته ؛ رب العالمين کيس صحتمند زندگي عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    دوست سليمان لک ٿورا ايترو ڪارائتو مضمون ونڊ ڪرڻ جا ۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شمشير کي سڏ ڪيو....

    اد الله سائين کيس صحت ڏئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو