• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪڏهن تون ملڻ لاءِ پئي واٽون ڳولين

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن

غزل
ڪڏهن تون ملڻ لاءِ پئي واٽون ڳولين
اڄ ڇو لڪڻ لاءِ ٿي واٽون ڳولين

اڃان آهيان جيئرو پوءِ ڇا لاءِ پرين
ٻين سان گھمڻ لاءِ ٿي واٽون ڳولين

مڃان ٿو خوشي ڪا نـ توکي ڏني آ
تڏهن تون روئڻ لاءِ ٿي واٽون ڳولين

تون منهنجي اکين ۾ چاهين ٿي ڳوڙها
اهو ڏينهن ڏسڻ لاءِ ٿي واٽون ڳولين

نٿي خيال ڪنهن جو تڏهن تون پرين
پائي ڇير نچڻ لاءِِ ٿي واٽون ڳولين

ناهي وير ڪوئي "مزمل"جو توسان
پر تون وڙهڻ لاءِ ٿي واٽون ڳولين

شاعر؛مزمل چانڊيو
 
Back
Top